مني بجيٽ کانپوءِ 150 شيون مهانگيون ٿي وينديون
وفاقي حڪومت طرفان مني بجيٽ آڻڻ کانپوءِ 150 شيون مهانگيون ٿي وينديون. مني بجيٽ کانپوءِ گاڏيون، بيڪري آئٽمز، موبائل فونز، ٻارن جو کير، پنير، دوائون، ڊبل روٽي، ريسٽورينٽ جو کاڌو، مکڻ، ڪريم، ديسي گيهه، مٺائي ۽ مصالحه مهانگا ٿي ويندا. درآمدي نيوز پرنٽ، اخبارون، رسالا، ڪاسميٽڪس، ڪتاب، سلائي مشينون، امپورٽيڊ جيئري جانور ۽ ڪڪڙ تي وڌيڪ ٽيڪس لڳندو. مني بجيٽ سان ڪپهه جي ٻج، پولٽري بابت مشينري، اسٽيشنري، سون، چاندي، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ جي قيمت به وڌي ويندي. مني بجيٽ ۾ تقريبن 150 سئو شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، موبائل فونز تي ٽيڪس 10 کان وڌائي 15 سيڪڙو ڪري 7 ارب رپيا واڌو حاصل ڪيا ويندا. اهڙي ريت اليڪٽرڪ ڪارن تي ٽيڪس 5 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويندو.

