ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن: شاهه محمود قريشي
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر کي ملڪ جي ترقي هضم ناهي ٿي رهي، مخالف ڌر جي رڪاوٽن باوجود ملڪي ترقي جو سفر جاري رهندو. پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ڪجهه ماڻهو انهن سازشن جو حصو بڻجي ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ان موقعي تي صوبائي عهديدار ۽ مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن ملڪي دولت لٽي ۽ پرڏيهه ۾ جائيداد ٺاهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت کي 2 سال ٿي چڪا آهن. اسان جي حڪومت جي ڪنهن به عهديدار جو ڪوبه ڪرپشن اسڪينڊل اڃا تائين سامهون ناهي آيو، اها اسان جي حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. وزيراعظم عمران خان واضح طور تي چيو هو ته نه پاڻ ڪرپشن ڪندس ۽ نه ڪنهن ٻئي کي ڪرڻ ڏيندس. وزيراعظم عمران خان جنهن سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي متعارف ڪرائي سڄي دنيا ان جي ساراهه ڪري رهي آهي. غربت جي خاتمي لاءِ احساس پروگرام اسان جي حڪومت جو شفاف ترين پروگرام آهي جنهن تحت ملڪ جي لکين خاندانن کي ڪورونا دوران امداد فراهم ڪئي وئي.

