مهاجرن جي سڃاڻپ

مهاجرن جي سڃاڻپ

اعجاز منگي

هڪ دوست سان گذريل سردين ۾ سپر مارڪيٽ اسلام آباد جي هڪ ڪافي هائوس ۾ ڪپاچينو، منهنجي پسنديده ڪافي پيئندي ڪچهري پئي ٿي.

ان ڳالهه تي بحث ڇڙي پيو ته هڪ ماڻهوءَ جون هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپون ٿي سگهن ٿيون. دوست ويانا ۾ گذريل ڪيترن سالن کان رهي ٿو. اصل ۾ ڪراچيءَ جو آهي. سندس پرائمري تعليم پشاور ۾ ۽ پوءِ اسلام آباد جي اٿس. سندس خيال آهي ته هڪ انسان جون هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپون هجن. جيئن پنهنجو مثال ڏيندي چيائين ته هو پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ ڪراچي وارو سنڌي تسليم ڪندو آهي ۽ سندس ان ڳالهه تي ويساهه به آهي.

مون کلندي چيومانس ته اردو ڳالهائيندڙ ڪراچي وارو سنڌي کان بهتر ناهي ته پنهنجي سڃاڻپ کي اڃان سادو ڪيو ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي چئو.

سندس چهري تي مرڪ اچي وئي. چيائين ته ڪراچيءَ سان هڪ لڳاءُ آهي، ان کي وچ مان ٻاهر نٿو ڪڍي سگهان. مون کلندي چيومانس ته جڏهن پاڻ کي سنڌي سڏرائين ٿو ته پوءِ پوري سنڌ تنهنجي سڃاڻپ آهي، صرف ان جي راڄڌاني ڇو؟

کيس منهنجي ڳالهه ۾ وزن نظر آيو ان لاءِ ڪجهه لمحن جي خاموشي اختيار ڪندي چيائين ته ڳالهه صحيح آهي، پر ڪراچيءَ کان علاوه مون ٻي سنڌ ڏٺي به ناهي، ان لاءِ تنهنجي ڳالهه کي بلڪل تسليم ڪندي به مان ڪراچيءَ کي ٻاهر نٿو ڪڍي سگهان.

سندس ڳالهيون ٻڌي بعد ۾ انهن تي سوچيندو رهيس ڪراچي ۾ هجرت ڪري آيل ماڻهن جي اڪثريت سنڌ ۽ ان جي تهذيب کي يا ته پنهنجو نٿا ڪن يا وري ان کي تنقيد جو نشانو بڻائين ٿا. ان جو هڪ اهم سبب انهن جو پنهنجي ڪميونٽيءَ تائين محدود هجڻ آهي. جيڪڏهن ڪو اردو ڳالهائيندڙ آهي ته اهو صرف پنهنجي هم زبان سان اٿي ويهي ٿو يا وري انهن سان جن سان روزگار جي سلسلي ۾ سندس لهه وچڙ آهي. ان لاءِ ڪراچي ۾ رهندڙ اڪثريت جي زندگي ڏهه کان ٻارنهن ڪلو ميٽرن جي دائري ۾ گذري ختم ٿي وڃي ٿي ۽ هو ڪراچيءَ جو ٽول پلازه به نٿو ٽپي، کيس اها ڳالهه قبول ڪرڻ ۾ انتهائي ڏکيائي پيش اچي ٿي ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي. اجرڪ ٽوپي ان جي ثقافتي سڃاڻپ آهي. ڇو ته هن انهن شين کي ڪڏهن ويجهڙائي کان به نه ڏٺو آهي ۽ نه محسوس ڪيو آهي. باقي حيدرآباد، ميرپورخاص، بدين ۽ سانگهڙ ۾ هجرت ڪري آيل سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کان ڪافي حد تائين واقفيت رکن ٿا، پر ان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪري پيش نٿا ڪن. ان جو سبب اهو ئي آهي ته هجرت ڪري آيل هميشه پاڻ کي پنهنجي پراڻي زمين ۽ ثقافت سان جوڙي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هتي به ايئن ٿيو آهي ته ورهاڱي کانپوءِ آيلن پاڻ کي دهلوي، اجميري، لکنوي سڏرايو ۽ انهن اهي ڳالهيون پنهنجي ايندڙ نسلن کي منتقل ڪيون، ان ۾ وڏو هٿ سندن ان نفسياتي تاثر جو هو ته سندن ٻولي ۽ خطو سنڌ ۽ سنڌين کان اتم آهي، جيڪو صحيح نه هو. وڏي رڪاوٽ هڪ لساني تنظيم پيدا ڪئي. جن لساني بنيادن تي سياست ڪندي کين اها ڳالهه باور ڪرائي ته هنن جي عظيم قربانين جو صلو کين ناهي مليو ۽ اصلوڪا ماڻهو هجرت ڪري آيلن تي ظلم ۽ ستم ڪن ٿا. ويڇا وڌندا رهيا ۽ اهڙو ڪوبه ڏاهو ۽ سياستدان پيدا نه ٿيو جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت سان کين جوڙي.

 

دنيا ۾ سڃاڻپ هڪ اهم مسئلو آهي. فلسطين ڄائو ايڊورڊ سعيد جيڪو پاڻ کي آمريڪن فلسطيني سڏرائيندو رهيو. سندس مذهب عيسائيت ۽ زبان عربي هئي. ان لاءِ هو عرب عيسائي به هو. سندس فلسطين سان محبت هئي. ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو هو ۽ فلسطين جي لاءِ سڄي عمر وڙهيو ۽ ان جا آمريڪا ۾ ڪيترائي دشمن پيدا ٿي ويا هئا. ايڊورڊ سعيد جون گهڻيون سڃاڻپون هيون، پر هن هميشه فلسطيني سڏرائڻ کي ترجيح ڏني. هتان لڏي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ايڊورڊ سعيد وانگر نه پاڻ کي سنڌي سڏرائين ٿا ۽ نه ئي سنڌ جي مسئلن لاءِ آواز اٿاريندا آهن اتي به الڳ ٿلڳ صرف پنهنجي ڪميونٽي ۾ رهندا آهن. اهو سنڌ لاءِ نه سندن لاءِ وڏو الميو آهي. مهاجر يا اردو ڳالهائيندڙ سڃاڻپ ناهي، سڃاڻپ لاءِ پاڻ کي زمين سان جوڙڻ ان جي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ کيس پنهنجو ڪرڻ اڻٽر هوندو آهي. سنڌ جا سنڌي هندو جيڪي ڌرتيءَ کان ٻاهر رهن ٿا ۽ ورهاڱي کانپوءِ هليا ويا، پر سندن پير ڌرتيءَ ۾ کتل آهن سنڌ کانسواءِ سنڌي آهن، پر هنن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌ سان پاڻ کي جوڙي رکيو آهي ۽ ان لاءِ سندن سڃاڻپ واضح ۽ چٽي آهي.

پر اوهان نه ڌرتيءَ سان پاڻ کي جوڙيو ۽ نه انهن جي مسئلن سان، پاڻ کي هڪ مخصوص دائري ۾ بند ڪري رکيو اوهان پاڻ سان انياءُ ڪيو ٿا هميشه ڌرتيءَ کان ايئن ڪٽيل رهو ٿا جيئن هڪ وڻ جو ٿڙ ڪٽي اڇلائي ڇڏجي.

پنجاب ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ هميشه پنجابي ٿي پنجاب سان هميشه لاءِ سلهاڙجي ويو ۽ سنڌ ۾ آيل سنڌ سان ڪٽيل رهيو.

کين ڌرتيءَ سان جوڙڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون وٺڻيون پونديون. هڪ ان تاثر کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هو ڪي الڳ آهن. ان لاءِ ٻنهي طرفن جي ڏاهن کي ڪوششون وٺڻيون پونديون. اهڙا ماڻهو موجود آهن. کين سنڌ جي سڃاڻپ ڏيارڻ لاءِ ان ڳالهه جو باور ڪرائڻ ضروري آهي ته هو ٻي ڪهڙي ڌرتي ڏي ويندا هاڻي؟ سندن خوفن ۽ انديشن کي ٻڌڻو پوندو ۽ هرو ڀرو جي پاڻ پيدا ڪيل اڻ ڄاڻائپ ۽ ڌاريائپ واري تاثر کي گهٽ ڪرڻو پوندو. سڃاڻپ هر انسان لاءِ اڻٽر آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments