خاص

مهانگائيءَ جا پويان پير، مفتاح اسماعيل خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ناڻي بابت وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته معيشت کي ترقي جي رستي تي آڻي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اگهن ۾ واڌ تي ضابطو آندو ويندو ۽ ايندڙ هفتي رپئي تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. سرڪاري نشرياتي اداري سان گفتگو ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته بهتر فيصلي سازي جي نتيجي ۾ هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر ڪيل معاشي هدف حاصل ڪيا ويندا، معيشت جي اهم برآمدي شعبي کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ صنعتي فيڊرن تي ڪا لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. هن ڪجهه ڌرين طرفان پيدا ڪيل ان تاثر کي رد ڪيو ته گذريل مهينن ۾ ملڪ ۾ ناڻي جي پهچ، برآمد ۽ ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. مفتاح اسماعيل نشاندهي ڪئي ته ايف بي آر پنهنجا هدف حاصل ڪري ورتا آهن، حڪومت هلندڙ مالي سال دوران اوڳاڙين ۾ 35 سيڪڙو واڌ جو هدف مقرر ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته افسوس جو گذريل حڪومت بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪا سيڙپڪاري نه ڪئي ۽ نه بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽن کي وقت تي مڪمل ڪيو، تحريڪ انصاف جي حڪومت سستي ٻارڻ جا وڏي مدي وارا معاهدا نه ڪيا، نتيجي ۾ اسان کي اهي پاور پلانٽ فعال ڪرڻا پيا، جيڪي مهانگي فرنس آئل تي هلندا آهن. مفتاح اسماعيل چيو ته سستو پيٽرول ۽ سستو ڊيزل اسڪيم تحت حقدار خاندانن کي 2 هزار رپيا امداد ڏني پئي وڃي ۽ گڏوگڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت به حقدار خاندانن کي روڪ رقم ڏني پئي وڃي، يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي واهپيدارن کي عام واهپي جون شيون رعايتي اگهن تي ڏنيون پيون وڃن.