خاص

مهانگائي ڪنٽرول نه ٿي سگهي، هڪ هفتي ۾ ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ 29 رپيا واڌ.

حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ۽ هڪ هفتي دوران کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 14 پئسن جو وڏو اضافو نظر آيو. انگرن اکرن واري اداري مهانگائي تي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن مطابق 18 ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏ مهانگائي جي شرح ۾ 0.89 سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جي سراسري قيمت ۾ 2 رپيا 14 پئسا في ڪلو اضافي کانپوءِ کنڊ جي قيمت 80.82 رپيا کان وڌي 82.96 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. جڏهن ته ٽماٽا 29 رپيا في ڪلو مهانگا ٿيڻ کانپوءِ ان جي قيمت 96.50 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.  بصر 4 رپيا في ڪلو، ڳاڙها مرچ 200 گرام 16 رپيا، بيضا في درجن ساڍا 4 رپيا مهانگا ٿي ويا. ان کانسواءِ مرغي، ننڍو گوشت، وڏو گوشت، تازو کير، چانور، ڳڙ، چڻن جي دال جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن واري اداري مطابق هڪ هفتي دوران ڪيلا في درجن 5 رپيا، اٽي جي 20 ڪلو وارو ٿيلهو 6 رپيا، ايل پي جي جو سئلينڊر به 6 رپيا سستو ٿيو. جڏهن ته دال ماش، ٿوم ۽ گيهه جي قيمتن ۾ ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ مطابق هڪ هفتي ۾ 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.