ادبڪهاڻيون

مها لڪشمي پُل ڪرشن چندر ترجمو: انيتا ڪمل

مها لڪشمي اسٽيشن جي ٻئي پاسي مها لڪشمي جو هڪ مندر آهي. ماڻهو اُن کي ريس ڪورس به چوندا آهن. انهيءَ مندر ۾ پوڄا ڪندڙ ماڻهو هارائيندا وڌيڪ آهن، کٽيندا تمام گهٽ آهن. مها لڪشمي اسٽيشن جي ٻئي طرف هڪ تمام وڏو نالو آهي جيڪو انساني جسمن جي غلاظت کي پنهنجي دفن ٿيل پاڻيءَ ۾ ڳاريندي شهر کان ٻاهر هليو ويندو آهي.

سمنڊ ۾ انسانن جي دل جي غلاظت ڌوپجندي آهي ۽ نالي ۾ انسانن جي جسم جي غلاظت ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ مها لڪشمي جي پُل آهي. مها لڪشمي پُل جي مٿان کاٻي پاسي ڇهه ساڙهيون لُڏي رهيون آهن. پُل جي انهيءَ پاسي هميشه انهيءَ جڳهه تي ڪجهه ساڙهيون لڏنديون رهنديون آهن. اِهي ڪي قيمتي ساڙهيون نه آهن. اِهي ماڻهو روزانو انهن ساڙهين کي ڌوئي اِتي سُڪائڻ لاءِ وجهي ڇڏيندا آهن ۽ ريلوي لائين جي آر پار ويندڙ ماڻهو، مها لشڪمي اسٽيشن تي انتظار ڪندڙ ماڻهو ۽ گاڏيءَ جي درين ۽ دروازن کان ٻاهر جهاتي پائيندڙ اڪثر ماڻهو انهن ساڙهين کي هوا ۾ لڏندي ڏسندا آهن. هُو انهن جا مختلف رنگ ڏسندا آهن. ناسي، گهاٽو ناسي، ميرانجهڙو نيرو، ڳاڙهسرو ناسي، گدلو ڳاڙهو، گهاٽو نيرو ۽ ڳاڙهو. اُهي ماڻهو اڪثر انهن ئي رنگن کي هڪ پَل لاءِ ڏسندا آهن ۽ ٻئي پَل گاڏي پُل جي هيٺان گذري ويندي آهي.

انهن ساڙهين جا رنگ نظر کي وڻندڙ نه رهيا آهن. ممڪن آهي ته ڪنهن زماني ۾ جڏهن نيون خريد ڪيون ويون هيون ته انهن جا رنگ خوبصورت وڻندڙ هجن، پر هاڻي نه آهن. بار بار ڌوئڻ ڪري انهن جي چمڪ ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي اُهي ساڙهيون پنهنجي روز مره جي ٿڪل انداز سان تار تي ڏاڍي بي دليءَ سان پيل نظر اچن ٿيون. توهان چاهي ڏينهن ۾ انهن کي سئو ڀيرا ڏسو، پر اهي توهان کي نظر نه اينديون نه انهن جو رنگ روپ سٺو آهي نه ئي ڪپڙو. اهي تمام سستيون ۽ هلڪي قسم جون ساڙهيون آهن. روزانو ڌوئڻ ڪري انهن جو ڪپڙو به تار تار ٿي رهيو آهي. انهن ۾ ڪٿي ڪٿي چتيون به نظر اچن ٿيون، ڪٿي اُڊڙيل ٽاڪا ته ڪٿي وري بدنما داغ، جيڪي ايترا ته ڄميل آهن جو ڌوئڻ سان به نٿا لهن، بلڪه وڌيڪ گهرا ٿيندا ٿا وڃن. آئون انهن ساڙهين جي حياتين کي ڄاڻان ٿو، ڇو جو آئون انهن ماڻهن کي سڃاڻان ٿو جيڪي انهن ساڙهين کي استعمال ڪن ٿا. اِهي ماڻهو مها لڪشمي پُل جي کاٻي پاسي اٺين نمبر چال ۾ رهندا آهن، اها چال ڏاڍي غريب آهي. آئون به انهيءَ چال ۾ رهندو آهيان، تنهنڪري انهن ساڙهين ۽ انهن کي پائڻ وارن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو. اڃان وزيرِاعظم جي گاڏي اچڻ ۾ دير آهي. توهان انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پوندو. تنهنڪري جيڪڏهن توهان مون کان انهن ڇهن ساڙهين جي باري ۾ ڪجهه ٻڌندو ته وقت آساني سان گذري ويندو. هيڏانهن جيڪا ناسي رنگ جي ساڙهي لڙڪي رهي آهي، اها شانتا ٻائيءَ جي آهي. انهيءَ جي ڀرسان به هڪ ناسي رنگ جي ساڙهي آهي، جيڪا گهاٽي ناسي رنگ جي آهي، پر توهان نه، آئون اهو گهاٽو ناسي رنگ ڏسي سگهان ٿو، ڇو جو آئون انهيءَ کي ان وقت کان ڏسان پيو جڏهن ان جو ناسي رنگ چمڪندڙ ۽ تيز هو. آئون به جڏهن انهن کي پائيندڙن جي زندگيءَ کي ڏسندو آهيان ته تمام ٿورو فرق نظر ايندو آهي، پر پهرين ساڙهي شانتا ٻائيءَ جي آهي ۽ ٻئين ساڙهي جيونا ٻائيءَ جي آهي.

شانتا ٻائي جي زندگي به انهيءَ ساڙهي جي رنگ وانگي ناسي آهي. شانتا ٻائي ٿانوَ ڌوئڻ جو ڪم ڪندي آهي. هُن جا ٽي ٻار آهن. هڪ وڏي ڇوڪري ۽ ٻه ننڍا ڇوڪرا آهن. وڏي ڇوڪريءَ جي عمر ڇهه سال هوندي. سڀني کان ننڍو ڇوڪرو ٻن سالن جو آهي. شانتا ٻائيءَ جو مڙس، ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهي. کيس تمام جلدي وڃڻو پوندو آهي. تنهنڪري شانتا ٻائي پنهنجي مڙس لاءِ ٻئي ڏينهن منجهند جي ماني رات جو ئي پچائي ڇڏيندي آهي، ڇو جو صبح جو کيس ٻين جا ٿانوَ ڌوئڻ ۽ پنهنجي گهر جو پاڻي ڍوئڻ لاءِ ٻين جي گهرن ۾ وڃڻو پوندو آهي. هاڻي هوءَ پنهنجي ڇهن ورهين جي ڇوڪريءَ کي به ساڻ وٺي ويندي آهي ۽ منجهند ڌاري واپس چال ۾ موٽي ايندي آهي. پوءِ وهنجندي آهي ۽ ساڙهي ڌوئي پُل جي جنگلي تي سڪائڻ لاءِ وجهي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ هڪ نهايت ميري ڌوتي پائي ماني پچائيندي آهي. هوءَ پنهنجو چلهو تڏهن ٻاريندي آهي جڏهن ٻين جا چلها اُجهامي ويندا آهن، يعني منجهند جو ٻين وڳي ۽ رات جو نوين وڳي. ان وچ ۾ هوءَ هيڏانهن هوڏانهن وڃي ٿانون ڌوئڻ ۽ پاڻي ڀرڻ جو ڪم ڪندي آهي. هاڻي ته سندس ڌيءَ به سندس هٿ ونڊائيندي آهي.

شانتا ٻائي ٿانوَ مليندي آهي ته ننڍڙي ڌوئيندي ويندي آهي. ٻه ٽي ڀيرا ايئن به ٿيو جو ننڍڙيءَ جي هٿان چينيءَ جا ٿانوَ ڪِري ٽٽي پيا. هاڻي جڏهن به آئون ننڍڙيءَ جون اکيون سُڄيل ۽ ڳل ڳاڙها ڏسندو آهيان ته سمجهي ويندو آهيان ته ڪنهن وڏي گهر ۾ چينيءَ جا ٿانوَ ٽُٽا آهن. انهيءَ ڏينهن شانتا به منهنجي نمستي جو جواب نه ڏيندي آهي. ٻرندي سڙندي چلهو ٻارڻ ۾ مصروف ٿي ويندي آهي ۽ چلهي ۾ باهه گهٽ ۽ دونهون وڌيڪ ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي آهي. ننڍڙو جيڪو ٻن سالن جو آهي، دونهين جي ڪري ساهه گهُٽجڻ سبب رڙيون ڪندو آهي ته شانتا ٻائي چيني جهڙن سندس ڳلن تي چماٽون لڳائڻ کان باز نه ايندي آهي ۽ ٻار اڃان وڌيڪ روئيندو آهي. هونئن ته هُو سڄو ڏينهن روئيندو رهندو آهي، ڇو جو کيس کير ڪونه ملندو آهي ۽ بک ۾ کيس ٻن سالن جي عمر ۾ ئي ٻاجهري جي ماني کائڻي پوندي آهي. کيس ماءُ جو کير پنهنجي ڀيڻ ڀاءُ جيان فقط ڇهه ست مهينا ئي نصيب ٿيو، اهو به مشڪل سان ۽ پوءِ هيءُ به سڪل ٻاجهري جي ماني ۽ پاڻي تي پلجڻ لڳو. اسان جي چال جا سڀئي ٻار انهيءَ خوراڪ تي پلجندا آهن. اهي سڄو ڏينهن اگهاڙا هوندا آهن ۽ رات جو گوڏڙي اوڍي سمهي پوندا آهن. ننڊ ۾ به اهي بکيا هوندا آهن ۽ جڏهن شانتا ٻائيءَ جي مڙس وانگر وڏا ٿي ويندا آهن ته سڄو ڏينهن خشڪ ٻاجهري ۽ ٿڌو پاڻي پي پي ڪم ڪندا رهندا آهن. سندن بک وڌندي رهندي آهي ۽ هر وقت معدي ۾، دل ۾ ۽ دماغ ۾ ڌم ڌم محسوس ڪندا رهندا آهن ۽ جڏهن پگهار ملندي اٿن ته انهن مان ڪيترائي سڌو تاڙي خاني جو رخ ڪندا آهن ۽ پي ڪري ڪجهه ڪلاڪن لاءِ انهيءَ ڌم ڌم کي ختم ڪندا آهن، پر ماڻهو هميشه ته پي نٿو سگهي. هڪ ڏينهن پيئندو، ٻئي ڏينهن پيئندو، ٽئين ڏينهن پيئڻ لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندو. آخر ته کوليءَ جو ڪرايو ڏيڻو آهي، راشن، ڀاڄي ڀُتي، لوڻ مرچ، تيل، بجلي، پاڻي جو خرچ آهي. شانتا ٻائي جي ناسي ساڙهي آهي، جيڪا ڇهين ستين مهيني تار تار ٿي ويندي آهي، ڪڏهن به ستن مهينن کا وڌيڪ نه هلندي آهي. هي ڪارخاني وارا به پنج رپين چار آنن ۾ ڪهڙي بيڪار، کنئري ساڙهي ڏيندا آهن، ڇهين مهيني کان جو ڦاٽڻ شروع ٿيندي آهي ته ستين مهيني تائين ٽوپا ڏيئي، ڳنڍي جوڙي مشڪل سان هلندي آهي ۽ پوءِ وري اهي پنج رپيا چار آنا خرچ ڪري ساڳي ناسي ساڙهي وٺڻي پوندي آهي. شانتا ٻائي کي اهو رنگ پسند آهي جو اهو ميرو دير سان ٿيندو آهي. کيس گهرن ۾ ٻوهارو پوچو ڪرڻو هوندو آهي، ٿانو ڌوئڻا پوندا آهن ۽ ٽين چوٿين ماڙي تائين پاڻي ڍوئڻو هوندو آهي. هوءَ ناسي رنگ نه پائيندي ته ڇا شوخ رنگ گلابي، پيلو يا نارنگي رنگ پسند ڪندي؟ هُوءَ ايتري بيوقوف ناهي. هوءَ ٻن ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، پر ڪڏهن هُن اهي شوخ رنگ به پاتا هئا، انهن رنگن سان پنهنجي ڌڙڪندڙ دل سان پيار ڪيو هو، جڏهن هوءَ ڌاروار ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هئي. جتي سندس پيءُ جا سرنهن جا فصل هئا. شوخ سائي رنگ جا فصل ۽ اڱڻ ۾ ٻيرن جو وڻ، جنهن جي هر شاخ مان هوءَ ٻير پٽي پٽي کائيندي هئي. هاڻي ته ٻيرن ۾ مزو ئي نه آهي، اها مٺاڻ ۽ سواد ئي ناهي. اهي رنگ، اها چمڪ ڌمڪ خبر ناهي ڪٿي مري ويئي. اهي سڀئي رنگ ڇو هڪدم ناسي بڻجي ويا. شانتا ٻائي ڪڏهن ڪڏهن ٿانو مليندي، ماني پچائيندي، پنهنجي ساڙهي ڌوئيندي، ان کي سُڪائيندي سوچيندي هئي ۽ سندس ناسي ساڙهيءَ مان پاڻيءَ جا ڦڙا سندس ڳوڙهن وانگر ريل جي پٽڙيءَ تي وهي ويندا آهن ۽ ٻيا ڏسڻ وارا ماڻهو هڪ ناسي رنگ جي بد صورت عورت کي پُل جي مٿان جنگلي تي ناسي ساڙهي سڪائيندي ڏسندا آهن ۽ بس ٻي گهڙي ريل پُل جي هيٺان گذري ويندي آهي.

جيونا ٻائيءَ جي ساڙهي جيڪا شانتا ٻائيءَ جي ساڙهيءَ سان گڏ لڙڪي رهي آهي، گهاٽي ناسي رنگ جي آهي. ڏسڻ ۾ ان جو رنگ شانتا ٻائيءَ جي ساڙهيءَ کان به وڌيڪ ميرانجهڙو نظر ايندو، اها ساڙهي به پنج رپين چار آنن جي آهي ۽ تمام پراڻي آهي، هڪ ٻن جڳهين تان ڦاٽل به آهي، پر هاڻي اُتي ٽوپا لڳل آهن ۽ ايڏو پري کان به نظر اچن ٿا. ها توهان ساڙهي جي وچ ۾ اهو وڏو ٽڪر ضرور ڏسي سگهو ٿا جيڪو تيز نيري رنگ جو آهي ۽ اهو جيونا ٻائيءَ جي اڳئين ساڙهيءَ جو آهي جيڪو هِن ساڙهيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. جيونا ٻائي بيواهه آهي تنهنڪري هوءَ هميشه پراڻين شين مان نين شين کي مضبوط ڪرڻ جو سليقو سوچيندي رهندي آهي. پراڻين يادگيرين سان نين يادگيرين جي سختين کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جيونا ٻائي پنهنجي انهيءَ مڙس لاءِ روئيندي رهندي آهي، جنهن هڪ ڏينهن نشي ۾ کيس ماري ماري سندس هڪ اک ڪاڻي ڪري ڇڏي هئي. هُو نشي ۾ ان ڪري هو جو کيس انهيءَ ڏينهن ڪارخاني مان ڪڍيو ويو هو. ٻڍو ڍونڍو، هاڻي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ جهڙو نه رهيو هو. جيتوڻيڪ هُو ڪافي تجربيڪار هو، پر سندس هٿن ۾ ايتري طاقت نه رهي هئي جو هو انهن مزورن جو مقابلو ڪري سگهي، بلڪه هاڻي ته هُو ڏينهن رات کنگهه ۾ مبتلا رهڻ لڳو هو. ڪپهه جا ذرڙا سندس ڦڦڙن ۾ ايئن ڦاسي ويا هئا جيئن چرخن ۽ انٽين ۾ سُٽ جا ننڍا ننڍا سنها ڌاڳا ڦاسي ويندا آهن. برسات جي موسم ۾ اهي ننڍڙا ذرڙا کيس سهڪي ۾ وڪوڙي ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن برسات نه هوندي هئي ته هُو ڏينهن رات کنگهندو رهندو هو. هڪ خشڪ ۽ مسلسل کنهڪار هميشه گهر ۾ ۽ ڪارخاني ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي رهندي هئي. ڪارخاني جي مالڪ انهيءَ کنگهه جي خطرناڪ گهنٽيءَ کي ٻڌو ۽ ڍونڍي کي ڪارخاني مان ڪڍي ڇڏيو. ڍونڍو ان جي ڇهن مهينن کانپوءِ مري ويو. جيونا ٻائيءَ کي سندس مرڻ جو ڏاڍو ڏک هو. ڇا ٿيو جو غصي ۾ اچي هُن سندس اک ڪڍي ڇڏي. ٽيهن سالن جي شادي شده زندگي هڪ لمحي جي ڪاوڙ تي قربان نٿي ڪري سگهجي ۽ سندس ڪاوڙ به ته حق تي هئي. جيڪڏهن ڪارخاني جو مالڪ بيقصور ڍونڍي کي ايئن نوڪري مان نه ڪڍي ها ته ڇا جيونا جي اک نڪري سگهي ها. ڍونڍو اهڙو نه هو، کيس پنهنجي بيڪار هئڻ جو ڏک هو، پنهنجي 35 سالن جي نوڪريءَ تان بي دخل ٿيڻ جو ڏک هو ۽ سڀ کان وڌيڪ انهيءَ ڳالهه جو ڏک هو ته ڪارخاني جي مالڪ وڃڻ وقت کيس هڪ پئسو به ته نه ڏنو. جيئن 35 سال اڳ ڍونڍو ڪارخاني ۾ خالي هٿ آيو هو تيئن ئي خالي هٿ واپس موٽيو ۽ دروازي کان ٻاهر نڪرڻ وقت پنهنجو نمبري ڪارڊ پويان ڇڏڻ تي کيس هڪ ڌچڪو لڳو هو. ٻاهر اچي کيس لڳو ته ڄڻ ڪنهن سندس سمورو رنگ، خون ۽ سڄو رس چوسي ورتو آهي ۽ کيس بيڪار سمجهي ٻاهر ڪچري جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيو آهي. ڍونڍو ڏاڍي حيرت سان ڪارخاني جي دروازي ۽ چمنيءَ کي ڏسڻ لڳو، جيڪا بلڪل هڪ جن وانگر هُن جي مٿان آسمان سان لڳل بيٺي هُئي. اوچتو هُن ڏک ۽ ڪاوڙ مان پنهنجا هٿ مليا ۽ زمين تي زور سان ٿُڪيو ۽ تاڙي خاني هليو ويو.

پر جيونا جي اک پوءِ به نه وڃي ها جيڪڏهن هُن وٽ علاج لاءِ پئسا هجن ها. اها اک ته ڳري، سڙي، خيراتي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، ڪمپائونڊرن ۽ نرسن جي بي احتياطي، گارين ۽ لاپرواهين جو شڪار ٿي وئي ۽ جڏهن جيونا ٺيڪ ٿي وئي ته ڍونڍو بيمار ٿي پيو ۽ اهڙو بيمار ٿيو جو بستري تان اُٿي نه سگهيو. تن ڏينهن ۾ جيونا سندس خيال رکندي هئي. شانتا ٻائي کيس ڪجهه گهرن ۾ ٿانون ڌوئڻ جو ڪم وٺي ڏنو هو، جيتوڻيڪ هاڻي هوءَ پوڙهي ٿي وئي هئي ۽ گهڻو مشقتي ڪم نٿي ڪري سگهي، پر پوءِ به هوءَ آهستي آهستي پنهنجي ڪمزور هٿن جي ڪوڙي طاقت سان جيئن تيئن ڪم ڪندي هئي. خوبصورت لباس پائڻ وارين، خوشبودار تيل لڳائڻ وارين زالن جون گاريون ٻڌندي رهندي ۽ ڪم ڪندي رهندي هئي ڇو جو سندس ڍونڍو بيمار هو ۽ کيس پنهنجي پاڻ کي هُن لاءِ زنده رکڻو هو، پر ڍونڍو زنده نه رهيو ۽ هوءَ اڪيلي ٿي وئي. خير اهو ٿيو جو هوءَ بلڪل اڪيلي هئي ۽ هاڻي کيس پنهنجي لاءِ ئي ڌنڌو ڪرڻو هو. شاديءَ جي ٻئين سال کيس ڌيءَ ڄائي، پر جڏهن هوءَ وڏي ٿي ته ڪنهن بدمعاش سان ڀڄي وئي ۽ اڄ تائين ڪنهن کي خبر نه پئي ته هوءَ ڪٿي آهي، پوءِ ڪنهن ٻڌايو ۽ ان کانپوءِ گهڻن ماڻهن ٻڌايو ته جيونا ٻائيءَ جي ڌيءَ فارس روڊ تي چمڪيلو وڳو پائي ويٺي آهي، پر جيونا ٻائيءَ کي يقين نه آيو ڇو جو هُن پنهنجي سموري ڄمار پنج رپيا چار آنن واري ساڙهيءَ ۾ گذاري ڇڏي ۽ کيس يقين هو ته سندس ڌيءَ به ايئن ئي ڪندي. هوءَ ايئن نه ڪندي ان جو کيس ڪڏهن خيال به نه آيو. هوءَ پڪ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن فارس روڊ نه ويئي ڇو جو کيس يقين هو ته سندس ڌيءَ اُتي نه هوندي. ڀلا سندس ڌيءَ هُتي ڇو ويندي، هُنن جي کوليءَ ۾ ڇا ناهي، پنج رپين چار آنن واري ساڙهي آهي، ٻاجهري جي ماني، ٿڌو پاڻي ۽ سڪل عزت هئي ۽ اهو سڀ ڇڏي هوءَ فارس روڊ ڇو ويندي؟ هُن کي ته ڪو بدمعاش پنهنجي محبت جا سبز باغ ڏيکاري هرکائي وٺي ويو. ڇو جو عورت محبت جي خاطر سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. هُوءَ پاڻ ٽيهه سال اڳ ڍونڍي جي پيار ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جو گهر ڇڏي هتي هلي آئي هئي. جنهن ڏينهن ڍونڍو مئو ته هڪ چمڪيلي لباس واري ٿلهي جسم جي عورت اچي هُن سان چنبڙي پئي ۽ زور زور سان روئڻ لڳي، هُن کي ڏسي جيونا کي يقين اچي ويو ته هاڻي سڀ ڪجهه مري ويو آهي. سندس مڙس، سندس ڌيءَ، سندس عزت. ڄڻ هوءَ سڄي زندگي ماني نه پر غلاظت کائيندي رهي هئي، ڄڻ هُن وٽ ڪجهه به نه هو، شروع کان ئي ڪجهه نه هو، ڄمڻ کان پهرين ئي هُن کان سڀ ڪجهه کسجي ويو هو، کيس ننگو ۽ بي عزتو ڪيو ويو هو ۽ جيونا کي انهيءَ گهڙي احساس ٿيو ته اها جڳهه جتي سندس مڙس سڄي عمر ڪم ڪندو رهيو ۽ اها جڳهه جتي سندس اک انڌي ٿي وئي ۽ اها جڳهه جتي سندس ڌيءَ پنهنجو دڪان سينگاري ويٺي آهي، هڪ تمام وڏو انڌو ڪارخانو آهي، جنهن ۾ ڪو ظالم ۽ جابر هٿ انساني جسمن کي کڻي ڪمند جي رس ڪڍندڙ مشين ۾ وجهي رهيو آهي ۽ ٻئي هٿ سان کين ٽوڙي موڙي ٻئي طرف اڇلائي رهيو آهي. هڪدم جيونا پنهنجي ڌيءَ کي هڪ طرف ڌڪو ڏنو ۽ زور زور سان روئڻ لڳي.

ٽين ساڙهيءَ جو رنگ ميرانجهڙو نيرو آهي يعني ميرو به آهي ته نيرو به. ڪجهه عجيب ئي رنگ آهي جو ڌوئڻ کانپوءِ به صاف نه ٿيندو آهي، بلڪه وڌيڪ گندو ٿيندو آهي. اها منهنجي زال جي ساڙهي آهي. آئون فورٽ ۾ ڌنو مل جي فرم ۾ ڪلارڪي ڪندو آهيان. پنجهٺ رپيا پگهار ملندي آهي. مِل جي مزورن کي به اهائي پگهار ملندي آهي. تنهنڪري آئون به انهن سان اٺين نمبر چال جي کوليءَ ۾ رهندو آهيان، پر آئون مزور نه ڪلارڪ آهيان. فورٽ ۾ نوڪر آهيان. ڏهه پڙهيل آهيان. ٽائيپ ڪري سگهان ٿو. آئون انگريزيءَ ۾ لکي سگهان ٿو. آئون جلسي ۾ وزيرِاعظم جي تقرير ٻڌي سمجهي سگهان ٿو. اڄ سندن گاڏي ٿوري دير لاءِ مها لڪشمي پل تي ايندي.. نه اها ريس ڪورس ڪونه ويندي. هوُ سمنڊ جي ڪناري شاندار تقرير ڪندا. اُن موقعي تي لکين ماڻهو جمع ٿيندا. انهن لکن ۾ آئون به هڪ هوندس. منهنجي زال کي وزيرِاعظم جي تقرير ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق آهي، پر آئون کيس پاڻ سان گڏ نٿو وٺي وڃي سگهان. ڇو جو منهنجا اٺ ٻار آهن ۽ گهر ۾ هر وقت پريشاني هوندي آهي هر وقت ڪا نه ڪا شيءِ کٽل هوندي آهي. راشن ته روزانو ختم ٿيندو آهي، هاڻي ته نلڪي ۾ پاڻي به گهٽ ايندو آهي. رات جو سمهڻ لاءِ جڳهه به گهٽ هوندي آهي ۽ پگهار ته ايترو گهٽ آهي جو فقط پندرهن ڏينهن هلندو آهي. باقي پندرهن ڏينهن وياج خور پٺاڻ هلائيندو آهي، اهو به گار گند ڪري، بڪ بڪ ڪري. سست رفتار مال گاڏي وانگر زندگي گذري رهي آهي.

منهنجا اٺ ٻار آهن، پر اُهي اسڪول ۾ ڪونه ٿا پڙهن، ڇو جو مون وٽ في جا پئسا ڪڏهن به نه ٿي سگهندا. شاديءَ جي شروع ۾ جڏهن آئون ساوتري کي هن کوليءَ ۾ وٺي آيو هئس ته گهڻو ڪجهه سوچيندو هئس. تن ڏينهن ساوتري به ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون سوچيندي هئي. گوبيءَ جي پنن وانگر نازڪ نازڪ ڳالهيون، جڏهن هوءَ مشڪندي هئي ته سئنيما جي فوٽوءَ جيان خوبصورت لڳندي هئي، هاڻي اها مشڪ نه ڄاڻ ڪيڏانهن هلي ويئي آهي. ان جي جڳهه هڪ دائمي ڪاوڙ وٺي ڇڏي آهي. هوءَ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ٻارن کي زور سان مارڻ شروع ڪندي آهي ۽ آئون ته ڪجهه به چوان، ڪيئن به چوان، ڪيڏي به ڌيمي لهجي ۾ چوان، مون کي کائڻ ايندي آهي. خبر ناهي ساوتري کي ڇا ٿي ويو آهي؟ خبر ناهي مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ آئون آفيس ۾ سيٺ جون گاريون ٻڌندو آهيان، گهر ۾ زال جون گاريون ٻڌندو آهيان ۽ هميشه چُپ رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته منهنجي زال کي شايد نئين ساڙهيءَ جي ضرورت آهي يا شايد هُن کي فقط نئين ساڙهيءَ جي ئي نه، پر نئين چهري، نئين گهر، نئين ماحول ۽ هڪ نئين زندگيءَ جي ضرورت آهي، پر هاڻي انهن ڳالهين کي سوچڻ سان ڇا ٿيندو. هاڻي ته آزادي اچي ويئي آهي ۽ اسان جي وزيرِاعظم به چئي ڇڏيو آهي ته هِن نسل کي يعني اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ آرام نٿو ملي سگهي. مون ساوتريءَ کي وزيرِاعظم جي تقرير جيڪا اخبار ۾ ڇپي هئي، پڙهي ٻڌائي ته هوءَ ڪاوڙ ۾ باهه ٿي وئي ۽ چلهه جي ڀرسان پيل چمٽو منهنجي مٿي ۾ هڻي ڪڍيائين. هي منهنجي مٿي تي جيڪو زخم جو نشان آهي، انهيءَ جو ئي آهي، پر توهان اهي نشان نٿا ڏسي سگهو، آئون ڏسي سگهان ٿو، انهن مان ته هڪ نشان انهيءَ موڳي رنگ جي جارجٽ جي ساڙهيءَ جو آهي جيڪا هُن اوپيرا هائوس جي ويجهو ڀنجي مل جي دڪان تي ڏٺي هئي، هڪ نشان انهيءَ رانديڪي جو آهي جيڪو پنجويهه رپين جو هو، جنهن کي ڏسي منهنجو وڏو پُٽُ خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳو هو، پر جنهن کي اسان خريد نه ڪري سگهياسين ۽ جنهن کي نه ملڻ ڪري منهنجو پُٽ سڄو ڏينهن روئيندو رهيو. هڪ نشان انهيءَ تار جو آهي جيڪا جبل پور مان آئي هئي، جنهن ۾ ساوتريءَ جي ماءُ جي شديد بيماريءَ جو اطلاع هو. ساوتري وڃڻ ٿي چاهيو، پر هزار ڪوششن جي باوجود مون کي ڪٿان اوڌر نه ملي سگهي ۽ ساوتري جبل پور نه وڃي سگهي. هڪ نشان انهيءَ تار جو هو جنهن ۾ ساوتريءَ جي ماءُ جي مرڻ جي خبر هئي. هڪ نشان، پر آئون ڪهڙي ڪهڙي نشان جو ذڪر ڪريان، اهڙا ئي ميرا گندا نشان ساوتريءَ جي پنج رپين چار آنن واري ساڙهيءَ ۾ داغن جي صورت ۾ منتقل ٿيندا ويندا.

چوٿين ساڙهي ڳاڙهي رنگ جي آهي ۽ ڳاڙهي رنگ ۾ ناسي رنگ جو ڏيک به آهي. هونئن ته اهي سڀئي مختلف رنگن جون ساڙهيون آهن، پر ناسي رنگ انهن سڀني ۾ نظر ايندو آهي. ايئن لڳندو آهي ڄڻ سڀني جي زندگي ساڳي آهي، انهن سڀني جي قيمت ساڳي آهي، ڄڻ اهي سڀ زمين کان مٿي نه وينديون، ڄڻ انهن ڪڏهن به کلندڙ انڊلٺ، آسمان تي چمڪندڙ روشني، ڪڪرن ۾ لهرائيندڙ بجلي نه ڏٺي هجي. ڄڻ اهي شانتا ٻائيءَ جي جواني آهن، جيونا جو ٻڍاپو آهن، ساوتريءَ جي اڌڙوٽ ڄمار آهن. ڄڻ اهي سڀئي ساڙهيون، زندگيون، هڪ رنگ، هڪ سطح، هڪ رفتار، هڪ مسلسل هڪ جهڙائيءَ سان هوا ۾ لُڏي رهيون آهن. اها ڳاڙهسري ناسي ساڙهي جڀي ڀيي جي زال جي آهي. انهيءَ عورت سان منهنجي زال ڪڏهن به نه ڳالهائيندي آهي. ڇو جو هڪ ته سندس ڪو ٻار ناهي ۽ اهڙي عورت جنهن کي ڪو ٻار نه هجي، وڏي منحوس هوندي آهي، اها ٽوڻا ڦيڻا ڪري ٻين جي ٻارن کي ماري ڇڏيندي آهي ۽ بد روحن کي گهرائي پنهنجي گهر ۾ رهائي ڇڏيندي آهي. منهنجي زال کيس منهن ئي نه ڏيندي آهي. اها عورت جڀو ڀيو خريد ڪري وٺي آيو هو. جڀو ڀيو مراد آباد جو رهندڙ آهي، پر ننڍي هوندي ئي پنهنجو وطن ڇڏي هتي هليو آيو. هُو مراٺي ۽ گجراتي ٻوليون ڏاڍي مزي سان ڳالهائيندو آهي، تنهنڪري کيس جلد ئي پُوروائل جي گني کاتي ۾ جڳهه ملي ويئي. جڀي ڀيي کي شروع کان ئي شاديءَ جو شوق هو. کيس ٻِيڙي ۽ تاڙيءَ جو ڪو شوق نه هو. شوق هو ته فقط اهو ته سندس جلد ئي شادي ٿي وڃي. جڏهن هُن وٽ ستر اسي رپيا گڏ ٿيا ته هُن پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن پنهنجي برادريءَ مان ڪنهن سان شادي ڪري، پر پوءِ هُن سوچيو ته ستر اسي رپين مان ڇا ٿيندو، اچڻ وڃڻ جو ڪرايو ئي مس پورو ٿيندو. چئن سالن جي محنت کانپوءِ هُن اها رقم جوڙي هئي، پر ان رقم سان هُو رڳو مراد آباد اچي وڃي سگهيو ٿي، وڃي ڪري شادي نٿي ڪري سگهيو. تنهنڪري جڀي ڀيي هِتي ئي ڪنهن بدمعاش سان ڳالهه ٻولهه ڪري سئوَ رپين ۾ انهيءَ عورت کي خريد ڪري ورتو. اَسي رپيا نقد ڏنائين ۽ ويهه رپيا اوڌر ۾، جيڪي هُن هڪ سال ۾ چُڪايا. بعد ۾ جڀي ڀيي کي خبر پئي ته اها عورت به مراد آباد جي رهندڙ آهي، ڌيرج ڳوٺ جي ۽ سندس برادريءَ جي. جڀو ڏاڍو خوش ٿيو ته هتي ئي ويٺي ويٺي ڪم ٿي ويو. هُن ڏاڍي سٺي نموني سان شادي ڪئي ۽ پوءِ کيس خبر پئي ته سندس زال لڙيا ڏاڍو سُٺو ڳائيندي آهي. هُو پاڻ به پنهنجي کڙڪيلي آواز ۾ زور زور سان ڳائڻ بلڪه رڙيون ڪرڻ جو شوقين هو. هاڻي ته ڄڻ ڏينهن رات کوليءَ ۾ ڪنهن ريڊيو هلائي ڇڏيو هجي. ڏينهن جو لڙيا ڪم ڪندي ڳائيندي رهندي هئي ۽ رات جو لڙيا ۽ جڀو ٻئي گڏجي ڳائيندا هئا. هُنن وٽ ڪو ٻار نه هو، تنهنڪري هُنن هڪ طوطو پاليو هو. لڙيا ۾ هڪ ٻي ڳالهه به هئي. جڀو ته نه سگريٽ، نه ٻيڙي ۽ نه ئي تاڙي پيئندو هو، پر لڙيا سڀ ڪجهه پيئندي هئي. چوندي هئي ته کيس پهرين ڪا خبر نه هئي، پر جڏهن کان بدمعاش جي ور چڙهي ته کيس اهي سڀ ڳالهيون سکڻيون پيون ۽ هاڻي هوءَ ٻيو سڀ ڪجهه ته ڇڏي سگهي ٿي، پر ٻِيڙي ۽ داروُن نٿي ڇڏي سگهي. ڪيترائي ڀيرا داروُن پي هُن جڀي تي حملو ڪيو ۽ جڀي کيس ڪپهه وانگر ڪَتي ڇڏيو. انهيءَ وقت طوطو ڏاڍو گوڙ ڪندو هو ۽ رات جو اهي ئي گاريون ڪڍندو هو جيڪي هُو ٻَئي ڏينهن جو ڪڍندا هئا. هڪ ڏينهن ته هُن جون گاريون ٻڌي جڀو ڪاوڙ ۾ اچي هُن کي ناليءَ ۾ اُڇلائڻ لڳو هو، پر جيونا وچ ۾ پئي ۽ طوطي کي بچائي ورتائين. جيونا چيو ته طوطي کي مارڻ وڏو پاپ آهي، توکي ٻانڀڻن کي گهرائي بخشائڻو پوندو ۽ تنهنجا پندرهن ويهه رپيا لڳي ويندا. اهو سوچي جڀي طوطي کي نالي ۾ وجهڻ جو خيال مٽائي ڇڏيو. 

شروع شروع ۾ ته جڀي کي اهڙي شادي ڪرڻ تي گاريون مليون. هُو پاڻ به لڙيا کي شڪ جي نظر سان ڏسندو هو ۽ ڪيترا ڀيرا هُن کي بنا سبب جي مار به ڏنائين ۽ پاڻ مِل مان غيرحاضر رهي هُن جي نگراني ڪندو هو، پر آهستي آهستي لڙيا پنهنجو اعتبار سموري چال ۾ قائم ڪري ورتو. هوءَ چوندي هئي ته ڪابه عورت سچي دل سان بدمعاشن جي ور چڙهڻ پسند نه ڪندي آهي، هُوءَ ته هڪ گهر چاهيندي آهي، پوءِ ڀلي اهو ننڍو ئي ڇو نه هجي، هُن کي هڪ مڙس کپندو آهي ڀلي اهو جڀي جهڙو گوڙ ڪندڙ، وڏ واتو ۽ لٻاڙي ئي ڇو نه هجي. هُن کي هڪ ننڍي ٻار جي ضرورت هوندي آهي ڀلي اهو بدصورت ئي ڇو نه هجي ۽ هاڻي لڙيا وٽ هڪ گهر به هو، مڙس به هو ۽ جيڪڏهن ٻار نه هو ته ڇا ٿيو، ٿي به ويندو ۽ جيڪڏهن نه.. ته ڀڳوان جي مرضي. هِي مٺُو ئي سندس پُٽُ ٿيندو.

هڪ ڏينهن لڙيا پنهنجي مٺُوءَ جو پڃرو لوڏي کيس چوُري کارائي رهي هئي ۽ پنهنجي ڏينهن جي سپني ۾ هڪ ننڍي ٻالڪ کي ڏسي رهي هئي جيڪو آهستي آهستي هلندي سندس آغوش ۾ اچي رهيو هو. اوچتو ٻاهر گوڙ جو آواز ٿيو، هُن دروازي مان ليئو پاتو ته ڪجهه مزور جڀي کي کڻي اچي رهيا هئا، سندس ڪپڙا خون سان ڀريل هئا. لڙيا جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. هُوءَ ڊوڙندي هيٺ ويئي ۽ ڏاڍي تيزيءَ سان جڀي کي مزورن کان ڇني پنهنجي ڪلهي تي کڻي کوليءَ ۾ وٺي آئي. پڇڻ تي خبر پئي ته جڀي سان سندس مئنيجر دڙڪن سان ڳالهايو، جنهن تي جڀي به کيس ٻه هٿ وهائي ڪڍيا، ان تي ڏاڍو ممڻ متو ۽ مئنيجر پنهنجي بدمعاشن کي سڏائي جڀي جي ڏاڍي مار ڪُٽ ڪڍرائي ۽ کيس مِل مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. خير ٿيو جو جڀو بچي ويو. نه ته هُن جي مرڻ ۾ ڪا ڪسر نه بچي هئي. لڙيا ڪافي همت کان ڪم ورتو. هُن ساڳئي ڏينهن ئي ڀاڄيءَ جو ٽوڪرو مٿي تي کنيو ۽ گهٽين ۾ ڀاڄي وڪڻڻ لڳي، ڄڻ سڄي زندگي هوءَ اهو ئي ڪم ڪندي رهي هئي. اهڙي طرح محنت مزوري ڪري هُن پنهنجي جڀي کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. جڀو هاڻي ٺيڪ ته هو، پر هاڻي کيس ڪنهن به مِل ۾ ڪم ڪونه ٿو ملي. هُو سڄو ڏينهن پنهنجي کوليءَ ۾ بيهي مها لڪشمي اسٽيشن جي چئني پاسن وڏن وڏن ڪارخانن جي چمنين کي تڪيندو رهندو آهي، پر هُن لاءِ ڪنهن به مِل ۾ ڪا به جڳهه ناهي. ڇو جو مزور کي گار کائڻ جو ته حق آهي، پر گار ڏيڻ جو ڪونهي. اڄڪلهه لڙيا بازارن ۽ گهٽين ۾ هوڪا ڏيئي ڀاڄي وڪڻندي آهي ۽ گهر جو سڄو ڪم به ڪندي آهي. هُن ٻِيڙيون وغيره سڀ ڇڏي ڏنيون آهن، ها سندس ساڙهي هنڌان هنڌان ڦاٽندي پئي وڃي. جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن تائين جڀي کي ڪو ڪم نه مليو ته لڙيا کي پنهنجي ساڙهيءَ ۾ پراڻي ساڙهيءَ جا ٽُڪر ڳنڍڻا پوندا ۽ پنهنجي مٺوءَ کي چوري کارائڻ بند ڪرڻي پوندي.

پنجين ساڙهيءَ جو ڪنارو گهاٽو نيرو آهي ۽ ساڙهيءَ جو رنگ ميرانجهڙو ڳاڙهو آهي، پر ڪناري واري نيري رنگ ۾ ڪٿي ڪٿي اڃان به چمڪ باقي آهي. هيءَ ساڙهي ٻين ساڙهين کان سُٺي آهي ڇو جو اها پنج رپين چار آنن واري ناهي. ان جو ڪپڙو به بهتر آهي. توهان کي پريان کان اها مختلف نظر نه ايندي، پر آئون ڄاڻان ٿو ته اها ٻين کان بهتر آهي. ان جي قيمت پوڻا نَو رپيا آهي. اها ساڙهي منجولا جي آهي. اها سندس شاديءَ جي ساڙهي آهي. سندس شاديءَ کي اڃان ڇهه مهينا به نه ٿيا آهن، سندس مڙس گذريل مهيني چرخي جي هلندڙ ڦيٿي جي ور چڙهي مارجي ويو ۽ هاڻي سورنهن سالن جي منجولا بيواهه آهي. سندس دل جوان آهي، خواهشون جوان آهن، پر هوءَ هاڻي ڪجهه نٿي ڪري سگهي. ڇو جو سندس مڙس مري چڪو آهي. انهيءَ چرخي جو پٽو ڪافي ڏينهن کان ڍرو هو ۽ بار بار ڦاٽي پوندو هو، مزورن جي احتجاج جي باوجود ڪارخاني جي مالڪن ان کي ڪونه بدلايو. ڇو جو جيئن تيئن ڪم هلي رهيو هو. پٽي کي تبديل ڪرڻ لاءِ پئسا خرچ ٿيندا آهن، مزور ته ڪنهن به وقت تبديل ڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ پئسا ٿوري خرچ ٿيندا آهن، پر پٽو ته قيمتي شيءِ آهي نه…

جڏهن منجولا جو مڙس مئو ته هُن بدلي ۾ عيوضي جي درخواست ڏني جيڪا نامنظور ٿي، ڇو جو منجولا جو مڙس ته پنهنجي غفلت جي ڪري مئو هو. تنهنڪري کيس عيوضو نه مليو ۽ هوءَ اها ئي شاديءَ واري ساڙهي پائيندي رهي جيڪا سندس مڙس پوڻن نَو رپين ۾ ورتي هئي. ڇو جو هُن وٽ ڪا ٻي ساڙِهي هئي ئي نه، جيڪا هوءَ پنهنجي مڙس جي سوڳ ۾ پائي سگهي. هُوءَ پنهنجي مڙس جي موت تي به ڪنوار وارو لباس پائڻ تي مجبور هئي.

شايد هاڻي منجولا به پنج رپين چار آنن واري ساڙهي پائيندي. سندس مڙس جيڪڏهن زنده رهي ها تڏهن به ته هُوءَ اها پنج رپين چار آنن واري ساڙهي ئي پائي ها، پر فرق صرف اهو هو جو هُن اها ساڙهي اڄ مڙس جي سوڳ تي پائڻ ٿي چاهي، اڇي رنگ جي، پر هاڻي هوءَ ڳاڙهي ساڙِهي پائڻ تي مجبور هئي. اها ساڙهي هاڻي کيس کائڻ ٿي آئي. هُن کي لڳو ٿي ته اها ساڙهي نه پر هڪ گهري قبر آهي، جنهن جي ڀيانڪ تاريڪيءَ کي هوءَ هر وقت پنهنجي جسم سان ويڙهڻ تي مجبور آهي. منجولا کي ڄڻ زنده قبر ۾ دفن پيو ڪيو وڃي.

ڇهين ساڙهيءَ جو رنگ ڳاڙهو آهي، پر ان کي هِتي نه هئڻ گهرجي ڇو جو ان کي پائڻ واري مري چڪي آهي، پوءِ به اها ساڙهي هتي موجود آهي. روزاني وانگر ڌوپجي هتي سُڪڻ لاءِ پئي آهي. هيءَ مائيءَ جي ساڙهي آهي جيڪا اسان جي چال جي ويجهو اندر کليل اڱڻ ۾ رهندي هئي. مائيءَ جو هڪ پٽ هو ستيو. اُهو هاڻي جيل ۾ آهي. ستيو جي زال ۽ سندس پُٽ هيٺ اڱڻ ۾ ڀِت جي ويجهو ئي پيل هوندا هئا. ستيو، سندس زال، سندس ڌيءَ ۽ پوڙهي مائي. اهي سڀ اسان جي چال جا ڀنگي آهن. انهن وٽ کولي به نه آهي، نه ئي انهن کي ايترو کاڌو يا ڪپڙا ملندا آهن جيترا اسان کي ملندا آهن. تنهنڪري اهي اڱڻ ۾ رهندا آهن. اُتي ئي ماني پچائيندا آهن ۽ اُتي ئي سمهي پوندا آهن. اِتي ئي پوڙهي مائي مارجي ويئي هئي. هُو وڏو سوراخ جيڪو توهان ساڙهيءَ ۾ ڏسي رهيا آهيو، گوليءَ جو سوراخ آهي. اها ڪارتوس جي گولي مائيءَ کي ڀنگين جي هڙتال جي دوران لڳي هئي.. نه، هُن ان هڙتال ۾ حصو ڪونه ٿي ورتو. هوءَ ويچاري ته گهڻي پوڙهي هئي، هلڻ چلڻ کان لاچار. انهيءَ هڙتال ۾ ته سندس پُٽ ستيو ۽ ٻيا شامل هئا. اُهي ماڻهو مهانگائي الائونس ۽ کوليءَ جو ڪرايو گهري رهيا هئا يعني پنهنجي لاءِ روٽي، ڪپڙو ۽ مٿي تي هڪ ڇت جا خواهشمند هئا. انهيءَ ڪري هُو هڙتال ڪري رهيا هئا ۽ جڏهن اها هڙتال قانون جي خلاف ورزي طور ورتي وئي ته هُنن جلوس ڪڍيو. انهيءَ جلوس ۾ مائيءَ جو ستيو اڳيان اڳيان هو ۽ ڏاڍي زور شور سان نعرا هڻي رهيو هو ۽ پوءِ جلوس تي گولي هلائي ويئي ۽ اسان جي چال جي سامهون ئي گوليون هليون. اسان ته پنهنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا، پر پريشانيءَ ۾ چال جو دروازو بند ڪرڻ وسري ويو ۽ پوءِ اسان کي بند دروازن مان لڳو ته لڳاتار گوليون هِتان کان هُتان چئني پاسن کان هلي رهيون آهن. ٿوريءَ دير ۾ بلڪل سانت ٿي ويئي. ڊڄندي ڊڄندي اسان پنهنجا در کوليا ته جلوس ٽڙي پکڙجي ويو هو ۽ اسان جي چال جي دروازي ويجهو پوڙهي مئل پئي هئي. هيءَ انهيءَ پوڙهيءَ جي ڳاڙهي ساڙهي آهي، جنهن جو پُٽ هاڻي جيل ۾ آهي. اها ساڙهي هاڻي سندس نُنهن پائيندي آهي. انهيءَ ساڙهيءَ کي پوڙهيءَ سان گڏ ئي ساڙي ڇڏڻ گهربو هو، پر ڇا ڪجي، جسم ڍڪڻ وڌيڪ ضروري آهي. مئلن جي عزت ۽ احترام کان گهڻو وڌيڪ ضروري آهي ته جيئرن جو تن ڍڪيو وڃي. اها ساڙهي سڙڻ يا ساڙڻ لاءِ ناهي، تن ڍڪڻ لاءِ آهي. ها ڪڏهن ڪڏهن ستيو جي زال انهيءَ سان پنهنجا ڳوڙها اُگهي ڇڏيندي آهي. ڇو جو انهيءَ ۾ گذريل 80 سالن جا ڳوڙها، سموريون اميدون ۽ سموريون جيتون ۽ شڪستون جذب آهن. ڳوڙها اُگهي ستيوءَ جي زال وري ساڳي همت سان ڪم ڪرڻ لڳندي آهي، جيئن ڪجهه ٿيو ئي نه هجي، ڪٿي گولي نه هلي، ڪو جيل نه ويو. ڀنگياڻيءَ جو ٻوهارو ساڳي طرح هلندو رهيو.

هي ڏسو، ڳالهين ڳالهين ۾ وزيرِاعظم جي گاڏي نڪري ويئي، اها هِتي نه بيٺي. مون سمجهيو ته هتي ضرور بيهندي، وزيرِاعظم درشن ڏيڻ لاءِ گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري پليٽ فارم تي چهل قدمي ڪندو ۽ شايد هوا ۾ لڏندڙ انهن ڇهن ساڙهين کي به ڏسي جيڪي مها لڪشمي پُل جي کاٻي پاسي لُڏي رهيون آهن. اِهي ڇهه ساڙهيون جيڪي معمولي عورتن جون آهن، اهڙيون معمولي عورتون جن سان اسان جي ملڪ جا ننڍا ننڍا گهر ٺهندا آهن، جتي هڪ ڪنڊ ۾ چلهه ٻرندي آهي، هڪ ڪنڊ ۾ پاڻيءَ جو مٽڪو رکيل آهي ۽ هر دريءَ ۾ شيشو ۽ ڪنگهو رکيل آهي. کٽ تي ننڍڙو ٻار سمهيل آهي، تار تي ڪپڙا سُڪي رهيا آهن. هِي انهن لکن ڪروڙن ننڍن ننڍن گهرن کي ٺاهيندڙ عورتن جون ساڙهيون آهن، اهي عورتون اسان جي پيارن ٻارن جون مائرون آهن، اسان جي معصوم ڀائرن جون محبت ڪندڙ ڀيڻون آهن. اسان جي معصوم محبتن جا گيت آهن. اسان جي پنج هزار ساله تهذيب جو سڀني کان اوُچو نشان آهن.

وزيرِاعظم! هِي هوا ۾ لڏندڙ ساڙهيون توکي ڪجهه چوڻ چاهن ٿيون، توکان ڪجهه گهرڻ چاهن ٿيون. اهي توکان ڪا گهڻي قيمتي شيءِ ڪونه ٿيون گهرن. اِهي توکان ڪو ملڪ، ڪو عهدو، ڪا موٽر ڪار، ڪا پراپرٽي يا اهڙي ڪنهن شيءِ جون طلبگار ناهن، اهي ته زندگيءَ جون ننڍيون ننڍيون خوشيون گُهرن ٿيون. ڏسو، هي شانتا ٻائيءَ جي ساڙهي پنهنجي ننڍپڻ جا وڃايل رنگ توهان کان گهري ٿي، هي جيونا ٻائيءَ جي ساڙهي، پنهنجي اک جي روشني ۽ پنهنجي ڌيءَ جي عزت گهري ٿي. هيءَ ساوتريءَ جي ساڙهي آهي جنهن جا گيت مري چڪا آهن ۽ جنهن وٽ پنهنجن ٻارن جي اسڪول جي في ڪونهي. هيءَ لڙيا جي ساڙهي آهي، جنهن جو مڙس بيڪار آهي ۽ جنهن جي ڪمري ۾ طوطو آهي جيڪو ٻن ڏينهن کان بکيو آهي. هيءَ نئين ڪنوار جي ساڙهي آهي، جنهن جي مڙس جي زندگي چمڙي جي پٽي کان به سستي آهي. هيءَ ڀنگياڻيءَ جي ڳاڙهي ساڙهي آهي جيڪا بندوق جي گوليءَ کي هَرَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ڌرتيءَ تي انسان جو رت گُل بڻجي ٽڙي پوي ۽ ڪڻڪ جا سُنهري فصل کِلي لهرائيندا رهن.

پر وزيرِاعظم جي گاڏي نه بيٺي ۽ هُو انهن ڇهن ساڙهين کي ڏسي نه سگهيو. تنهنڪري هاڻي آئون توهان کي چوان ٿو ته جيڪڏهن توهان جي گاڏي هِتان گذري ته توهان انهن ڇهن ساڙهين کي ضرور ڏسو، جيڪي پُل جي کاٻي پاسي لڙڪي رهيون آهن ۽ پوءِ توهان انهن رنگ برنگي ريشمي ساڙهين کي به ڏسو جن کي ڌوٻين ڌوئي پُل جي ساڄي پاسي سُڪائڻ لاءِ ٽنگيو آهي، جيڪي انهن گهرن مان آيون آهن جتي اُوچين اُوچين چمنين وارن ڪارخانن جا مالڪ يا وڏين پگهارن وارا رهندا آهن. توهان پُل جي ساڄي کاٻي ٻنهي پاسي ڏسو ۽ پوءِ پاڻ کان پُڇو ته توهان ڪهڙي پاسي وڃڻ چاهيو ٿا. ڏسو! آئون توهان کي ڪنهن جماعتي جنگ جي تلقين نٿو ڪريان، آئون فقط اهو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته توهان مها لڪشمي پُل جي ساڄي طرف آهيو يا کاٻي طرف. 

ڪرشن چندر (23 نومبر 1914، 8 مارچ 1977) هڪ هندستاني اردو ۽ هندي ليکڪ هو. هُن جا 20 کان مٿي ناول ۽ 30 کان وڌيڪ ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيل آهن. هُن انگريزي زبان ۾ به ڪهاڻيون لکيون. هُن انڊين فلمن لاءِ اسڪرين پلي به لکيا. سندس مشهور ناول “ايڪ گڌي ڪي سرگزشت” جو 16 ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. 1946 ۾ سندس ڪهاڻي “انداتا” تي مشهور هندي فلم “ڌرتي ڪي لال” ٺاهي ويئي. سندس مشهور ناولن ۾ “جامن ڪا پيڙ”، “شڪست”، “جب کيت جاگي” ۽ “غدار” وغيره شامل آهن.