مهتاب اڪبر راشدي پ پ ۾ شامل
پير پاڳاري جي ويجهي ساٿين فنڪشنل ليگ کان راهون ڌار ڪري ڇڏيون. پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر فنڪشنل ليگ جي مڃيل اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي جي رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي وزير سعيد غني، امتياز شيخ ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي (م ل ف) جي اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي ۽ اڪبر راشدي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته مهتاب اڪبر راشدي فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻن مان هڪ آهي.