بلاگ

موت سستو انصاف مهانگو انور حسين قاضي December 2021

ايڪيهين صدي جي ايڪيهين سال جي پڄاڻي آهي، پر اسان جي سورن جي ڪابه پڄاڻي نه آهي. دنيا جي ترقي ڏسون ٿا ته اچرج ۾ پئجي وڃون ٿا، پنهنجي حالت ڏسون ٿا ته روئي پئون ٿا. دانهن، ڪوڪ، ڌرڻا، جلوس، احتجاج ۽ سوشل ميڊيا، پر هاءِ ڪو ٻڌڻ وارو ناهي. ڪيڏو نه انياءُ ٿئي ٿو، پر ڪمزور ماڻهو کي باوجود احتجاجن ۽ سوشل ميڊيا جي هٿيار هجڻ جي انصاف نٿو ملي. بيحس نظام تي ڪوبه اثر نٿو پوي، سوشل ميڊيا ته هر مسئلي کي بهتر نموني کڻي ٿي ان جي پريشر تي اليڪٽرانڪ ميڊيا به ڪجهه پنهنجو فرض ادا ڪري ٿي. نه ته اهي به ڏاڍي جي پاسي هوندا آهن. شايد انهيءَ ڪري جو هتي ڏاڍو هيڻي کي هر طرح سان دٻائي ٿو معاشي طور، سماجي طور، اخلاقي طور ڏاڍو ماڻهو بي انصافي جي حد ڪري ٿو. پوءِ ماڻهو مجبور ٿي عدالتن جو در کڙڪائي ٿو، پر ڇا عدالتن مان انصاف ملي ٿو؟ عدالتن جو اهو حال آهي جو سابق چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جو صحافي جي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چوي ٿو ته ”مين ڪوئي پاگل هون جو عدالت ۾ جائونگا“ اهو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته عدالت ۾ عدالتي ماڻهن جو ڪيترو ڀروسو آهي انتهائي اصل ڪهڙي ڳالهه آهي، انهيءَ ڪري اسان وٽ جرم جرم رهيو ئي ڪونهي، اسان ايئن نٿا چئون ته پوري دنيا ۾ جرم ڪونه ٿو ٿئي. جرم ڪرڻ واري کي خوف هوندو آهي ۽ مظلوم کي يقين هوندو آهي ته انهن جي داد رسي ٿيندي، انهيءَ ڪري اتي جرم جو تناسب گهٽ کان گهٽ ٿيندو پيو وڃي. اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته جاپان ۾ گذريل ٽيهن سالن ۾ ڪوبه ڏوهه نه ٿيو آهي، ڇا جاپاني هن دنيا ۾ نٿا رهن. اسان اچون ٿا وري پنهنجي نظام جي طرف جيڪڏهن غريب ۽ ڪمزور کي سپورٽ ڪري ته انهن جو جيئڻ آسان ٿي پوندو، هي روز روز جون خودڪشيون انهن جي پٺيان ڪهڙيون ڪارستانيون آهن ڇا اهو قتل آهي، اگر قتل آهي ته مجرمن کي سزا ڇو نٿي اچي. اگر خودڪشيون آهن ته انهن جا سبب ڇو نٿا ڳوليا وڃن. نائلا کان نمرتا ۽ هاڻي نمرتا کان نوشين ڪاظمي. درسگاهن ۾ خودڪشيون! آهي ڪو پڇڻ وارو؟ آهي ڪو انصاف ڏيڻ وارو؟ انهن جا سبب ئي ڳولهي ڏي، سفيد پوش گهرن جون ڇوڪريون اکين ۾ ڪيترا خواب سينگاري يونيورسٽين ۾ پهچن ٿيون ته ڇا انهن جو انجام خودڪشيون آهن. لفظ لکندي هٿ ڏڪن ٿا اسان خود والدين آهيون اسان جون نياڻيون آهن، پر ڇا اسان پنهنجي نياڻين کي درسگاهن ۾ نه موڪليون. انهن ڳالهين جو ڪير جواب ڏيندو وائيس چانسلر، پرنسپال، تفتيشي آفيسر يا معاشرو؟ ڏوهي ڪير آهي؟ اها ڇوڪري جنهن خودڪشي ڪئي، اهي حالتون جن ان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو يا اهي درسگاهون يا والدين. ڇا اسان پنهنجي نياڻين کي يونيورسٽين ۾ نه موڪليون، صرف ان ڪري جو اتي بگهڙ ويٺا آهن مختلف روپن ۾. ڇوڪرين جي هاسٽل جون وارڊن عورتون هونديون آهن ڇا انهن کي احساس نه ٿيندو آهي، ڇا انهن کي نياڻيون نه هونديون آهن، ڇا انهن کي خبر نه پوندي آهي ته هي ڇوڪريون پريشان ڇو آهن. ڇا اهي ٽيچر نما درندا جيڪي مارڪن جي بهاني شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪن ٿا انهن کي ڪو شرم حياءُ نه ايندو آهي يا انهن جي گهر ۾ نياڻيون نه هونديون آهن. وري به اهو ان ڪري ٿئي ٿو ته انهن کي خوف ناهي ته اسان پڪڙيا وينداسين، ان ڪري اهي واقعا بار بار دهرائجن ٿا. پوءِ اهڙي معاشري ۾ ڪيئن رهجي جتي هر طرف انڌير هجي، جتي واٽ واٽ تي ويري هجن، چوراهن تي چور هجن، پر رهڻو ته انهيءَ معاشري ۾ آهي. بس پوءِ هڪڙو ئي دڳ بچي ٿو والدين پنهنجي اولاد خاص طور تي نياڻين سان ايترو ته دوستانه ماحول رکن جو اهي ٻار هر قسم جو مسئلو پنهنجي پيءُ ماءُ سان ونڊين. اگر ٻار کان  ڪا غلطي به ٿي هجي ته به هن کي ايترو ڀروسو هجي ته هاڻي انهيءَ غلطي جو ازالو والدين سان گڏجي ڪري سگهجي ٿو. هڪڙو اردو ڊرامو هو ”ميري ذات ذرهِ بي نشان“ ان ۾ هڪ ڇوڪريءَ تي پنهنجا عزيز تهمت هڻندا آهن ۽ هن جي زندگي زهر بڻجي ويندي آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ تهمت هڻندڙ عورت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي ۽ توبهه ڪري چوندي آهي ته مون ان ڇوڪري سان نا انصافي ڪئي ۽ تهمت لڳائي جنهن جي ڪري منهنجي زندگي زهر بڻجي وئي آهي ۽ هي بيماري ان جي سزا آهي. پورو خاندان پريشان ٿي ويندو آهي ۽ سڀئي ان ڇوڪري کان معافي وٺندا آهن، هوءَ سڀني کي معاف ڪندي آهي، پر پنهنجي پيءُ کي معاف نه ڪندي آهي ان کي چوندي آهي بابا! پيءُ ته اها مضبوط ديوار هوندي آهي جنهن ۾ اندر اچڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيندو آهي ته هاڻي آئون محفوظ آهيان، ڀلي اهو الزام سچو به هجي ها، پر پوءِ به پيءُ هوندي اوهان جو اهو فرض هو ته مون کي معاشري جي روين کان بچايو ها، توهان نه بچايو ان ڪري توهان کي معاف نه ڪنديس. هتي به ڊرامي جو اهو سين هو، پر اسان والدين جو اهو فرض آهي ته پنهنجي ٻارن کي انتهائي ڀروسو ۽ يقين ڏيون ته توهان اگر الله نه ڪري ڪا غلطي به ڪريو ٿا ته به اسين توهان سان گڏ هونداسين اسين توهان جا دوست آهيون توهان اسان سان هر قسم جي ڳالهه ونڊي سگهو ٿا. هڪڙي دوست جي نياڻي جڏهن يونيورسٽي ۾ وڃي پئي، ايف اي سي تائين هوءَ صرف ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پڙهي هئي، پر هاڻي هوءَ يونيورسٽي وڃي پئي ته هن کي پنهنجو پيءُ هن طرح سمجهائي پيو ”بابا اسان جي معاشري ۾ نياڻي وڌيڪ خطري ۾ آهي بنسبت ڇوڪري جي پوءِ به هن هڪڙو اسٽيل جو گلاس کڻي ۽ فرش تي اڇلايو ڌيءَ کي چيائين امان اهو کڻي ڏي ڀڳو ته ڪونهي ڌيءَ چيو ته بابا اسٽيل جو گلاس آهي ڪيئن ڀڄندو، وري ڌيءَ کي چيائين ته بابا هي شيشي جو گلاس اڇلايون ته ڌيءَ وراڻيو بابا ڀڄي پوندو، چيائين ته امڙ بس اهو ئي سبب اٿئي اسان جي معاشري ۾ نياڻي ۽ ڇوڪري جي وچ ۾. دنيا ۾ ايئن ڪونهي، پر اسان وٽ ايئن آهي ان ڪري توهان هاڻي وڃو پيا ڪو ايجوڪيشن ۾ پڙهڻ جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ هوندا آهن، هڪڙي حد رکجو ته توهان سان ڇوڪرا به ڳالهائيندا ڇوڪريون به ڳالهائينديون، اعتماد سان هر ڪنهن سان ڳالهائجو ۽ گهڻو فري ڪنهن سان به نه ٿجو ۽ پوءِ مان توهان لاءِ دعا گهرندس ته الله توهان کي ڪامياب ڪندو.“ اڄ اها نياڻي ڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ پاڻ به يونيورسٽي ۾ پڙهائي ٿي. بس يقينن اهو ئي واحد رستو آهي جنهن ذريعي اسان نياڻين کي تعليم ڏياري سگهون ٿا ۽ انهن کي مضبوط به رکي سگهون ٿا. اگر ڪوبه مسئلو ٿئي ته والدين ان سان گڏ هوندا. معاشري ۽ نظام ۾ ڪوبه آسرو ناهي بس والدين کي گذارش آهي ته اهو ئي دڳ وٺن، وري ڪا نوشين، وري ڪا نمرتا، وري ڪا نائلا خودڪشي نه ڪن يا انهن کي قتل نه ڪيو وڃي. افسوس اهو آهي ته تفتيش بلڪل نٿي ٿئي. اسان نوشين، نائلا ۽ نمرتا جي والدين سان همدردي ڪريون ٿا، پنهنجو وس اهو ئي آهي.

واقف نه وڻڪار جي جتي نانگ سُڄن نيلا

اتي عبداللطيف چئي هيڪليءَ ڪيا هيلا

جتي ڪڙم نه قبيلا اتي رهبر رسج راهه ۾.

(ڀٽائي سرڪار)

***