مومل راڻي جي آخري آرامگاهه

شاهه جي سورمين منجهان مومل به هڪ اهڙي سورمي آهي جيڪا راڻي جي پويان ڪاڪ محل کان نڪري امر ڪوٽ پهچي ٿي اهو هڪ وڏو قصو آهي، جيڪڏهن اهو قصو لفظ به لفظ لکبو ته وڏي ڊيگھ ٿي ويندي سو ڪوشش ڪبي ته قصي کي مختصر ۽ معنيٰ خيز لکجي، پر هتي شاهه جي سورمين جو به تعارف ڪرائيندو هلان:

(1) عمر مارئي. (2) سسئي پنهون. (3) مومل راڻو. (4) نوري ڄام تماچي. (5) سورٺ راءِ ڏياچ. (6) سهڻي ميهار ۽ (7) ليلان چنيسر.

هي جيڪي به سورميون آهن انهن جي زندگي، انهن جو مقصد، انهن جو ماڳ مڪان، انهن جون آخري آرامگاهون هڪٻئي کان بلڪل ئي مختلف آهن جن کي شاهه صاحب انسانن جي رهنمائي خاطر ڳائي امرتا بخشي آهي، جيڪي اڄ به شاهه جي بيتن ۽ رسالي منجھ ترتيب ڏنل سرن منجھ ڪيئي صديون گذرڻ باوجود به زنده آهن، جتان اسان کي منزل خاطر رهنمائي ملي ٿي.

مومل راجا نند نالي هڪ بادشاهه جي ڌيءَ هئي جيڪو ميرپورماٿيلي جو راجا هو ۽ ذات جو گجر هو کيس 09 ڌيئرون هيون، پر مومل مڙني کان سونهن ۾ سرس ۽ سومل وري سڀني کان سياڻپ ۾ سوائي هئي.

سونهن منجھ سڀ کان مٿي هئي مومل

ڏاهپ عقل ڏات ۾ سرس سوائي سومل

جوڙي طلسماتي محل گهايائون گهوٽن کي- (م. ف)

راجا وٽ ڪنهن جانور جو طلسمي ڏند هو جنهن جي جادوءَ تي هو درياهه جي پيٽ ۾ پنهنجو خزانو پوري ڇڏيندو هو هڪ ڀيري ڪو جادوگر پينو فقير جو روپ وٺي راجا جي غير موجودگيءَ ۾ اهو طلسمي ڏند مومل کان دوکي سان حاصل ڪري بادشاهه جو درياهه ۾ لڪايل سمورو خزانو ڪڍي چورائي ويو. اها خبر جڏهن راجا نند کي پئي ته مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سومل جي سياڻپ مومل کي مهلت ڏياري ۽ پيءُ کي ان کان وڌيڪ خزاني ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. سومل جادوءَ جي ڪمن ۾ گهڻي هوشيار هئي سو ويهي ويچار ڪيائين ته ڪو اهڙو منڊ منڊجي جو خزانو هٿ ڪري سگهجي، اها سٽ سٽي ڀينرن ٻانهين ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ ڪري ميرپورماٿيلو ڇڏي جيسلمير ويجهو لڊاڻي شهر ڀرسان ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي وڃي هڪ طلسمي رنگ محل ٺهرايائون. هن محل جي چوڌاري هڪ پرڪشش باغ رکرايو ويو، هن باغ ۾ اهڙا ته ورن وڪڙن وارا ڏکيا رستا ٺهرايا ويا جو هڪ ڀيرو جيڪڏهن ڪو ڀلجي پيو ته ٻيهر ان کي واٽ ملڻ مشڪل ٿيو ٿي پئي. محلات جي مُهڙ/منڍ وٽ وري هڪ شيشي جو تلاءُ ٺهرايو ويو جنهن ۾ طلسمي پاڻيءَ جو وهڪرو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. محلات جي چئني طرفن کان جادوئي جانورن جي آوازن ماڻهن جي مت منجهائي ٿي ڇڏي، مهمان خاني ۾ هڪ جهڙيون کٽون رکيل هيون جن مان هڪ پڪي سُٽ جي ۽ باقي ڪچي سُٽ جون واڻيل هيون، کٽن جي هيٺان گهرا ۽ خوفناڪ کوهه کوٽيل هئا جن جي تري ۾ لوهي ڪِل لڳل هئا.

ڪاڪ ڪناري قتلام جي آيا سي اڌ

ناتر سندي نخرن پڄايا ڪين پنڌ

مومل مرڪن مڌ ماڻيا وڃي مينڌري- (م. ف)

مومل جي سُونهن جو ٻڌي گهڻائي شوقين شهزاده پري پري کان ڪهي مومل ماڻڻ لاءِ ايندا هئا، انهن ۾ هڪ راڻو مينڌرو به هو. راڻو نهايت هوشيار ۽ بهادر شخص هو. هڪ ڏينهن اهو مومل ماڻڻ لاءِ لُڊاڻي اچي پهتو، راڻي جي پهرين ملاقات مومل جي خاص ٻانهيءَ ناتر سان ٿي، ناتر راڻي کي ڀلائڻ لاءِ طرحين طرحين جون چالبازيون ڪيون، پر راڻي جي سياڻپ کان بچي نه سگهي. آخرڪار راڻو پنهنجي سياڻپ ۽ سورهيائيءَ سان ڪاڪِ جو سمورو طلسمي ماحول پار ڪري وڃي مومل وٽ پهتو، ايئن هنن ٻنهي جي شادي ٿي وئي.

راڻا چندن چاريان چڙهي اچ چانگي

من ماندو مينڌرا پيو تن تڙپي تانگهي

سرچ ڪنهن سانگي مري ويندءِ مومل الا- (م. ف)

ڪجھ عرصو مومل سان گڏ رهڻ کانپوءِ مومل کي واپس ورڻ جا اقرار انجام ڏيئي راڻو پنهنجي وطن واپس وريو، جڏهن پنهنجي ملڪ ڍٽ پهتو ته ڍٽ جي حاڪم هَمير سومري راڻي کي قيد ڪري ڇڏيو، ڪجھ وقت کانپوءِ ڪن چڱن جي چوڻ تي بادشاهه همير راڻي کي قيد مان آزاد ڪيو.

ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪهي آ راڻا سگهو رس

توبن من مينڌرا جيون ۾ نه چاهه چس

ڇو وساري ويٺين گَسَ، مل لهي ماندائي- (م. ف)

هڪ رات راڻو وجھ وٺي مومل جي ماڙيءَ تي پهتو جتي ڏٺائين ته مومل سان گڏ هڪ شخص مرداڻي ويس ۾ ستل هو، ان تي راڻو پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ نشانيءَ طور رکي واپس ڍٽ موٽي ويو.

موهي من مينڌري جو ستينءَ سومل ساڻ

مومل سو موٽي ويس صفا ڀري ٿيڙس ڀاڻ

هلي نه ايندس هاڻ ڪڏهن وري ڪاڪ تي- (م. ف)

دراصل ان رات مومل جي ڀيڻ سومل مرداڻا ڪپڙا پائي ساڻس گڏ سُتي هئي. صبح جو جڏهن مومل جاڳي ته پنهنجي ڀرسان لڪڻ ڏسي هڪدم سمجهي وئي ته راڻو رات آيو هو ۽ سومل کي مرداڻي ويس ۾ غير مرد سمجهي رُسي ويو آهي، پوءِ ته راڻي پٺيان گهڻائي قاصد موڪليائين، پر رٺل راڻو نه موٽيو.

گهائي وڌءِ گهڙيءَ منجھ رمزن ساڻ راڻو

اچي سهڙيو آڌيءَ جو لالڻ سو ته لڊاڻو

تون هنڌ وڇائي وهاڻو ستينءَ سومل سان- (م. ف)

نيٺ مومل کان وڌيڪ اوسيئڙو سَٺو نه ٿيو سو اٽڪل ڪري، ويس بدلائي وڃي راڻي جي ملڪ امر ڪوٽ پهتي، جتي ماڙي يا محل تيار ڪرائي رهڻ لڳي ۽ ايئن ڪنهن حيلي بهاني راڻي کي سڄي حقيقت ٻڌايائين.

ڇڏي محل ماڙيون ڪاڪئون آيس ڪهي

معاف ڪر سو مينڌرا ٺاهه ڪر ڪو ٺهي

ويندءِ مومل مري ڏسندين کيس ڏاگھه تي- (م. ف)

مومل راڻي جي ھلت ۽ رويو ڏسي آخرڪار ڏاڍي نراس مايوس ۽ بيزار ٿي وئي. تنهنڪري باهه جو ھڪ مچ تيار ڪرائي پاڻ کي ان ۾ اڇلايائين راڻي کي جڏھن اھا خبر پئي ته ھو به ڊوڙندو اچي اتي پهتو، پر تڏھن گهڻي دير ٿي وئي ھئي ان ڪري پاڻ به ان مچ ۾ ٽپي پيو ۽ مومل سان ملي مٽي ۽ خاڪ ٿي ويو.

چکيا چڙهي امر ٿيا ڳائجن اڄ به راڳ

ماڻيائون ايئن ماڳ محبت ۾ مهر فقير چئي

مومل جي ماڙي (ھڪ افسانوي محل) جنهن جا هن وقت صرف کنڊر باقي آھن. مومل جي ماڙي جا قديم کنڊرات گهوٽڪي کان 11 ڪلو ميٽر اوڀر طرف ماٿيلو ۾ آهن. هي ماڙي (حويلي) 15 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ هڪ ٽڪريءَ تي پهاڙي توڏن تي واقع آھي. انهن توڏن کي 12 ايڪڙ ايراضي تي ڪچي پڪي سِرُن تي گهرَ ۽ جهڳين تي مشتمل جهوپڙيون آھن. جڏھن ته ڏکڻ اولھ طرف باقي 3 ايڪڙ ايراضي غيرآباد آھي.

ميرپورماٿيلو جي ڀرسان مومل جي ماڙي اڄ به موجود آهي، پر زميني ۽ آسماني حالتن سبب آهستي آهستي ميسارجي رهي آهي. جڏهن ته اڃان ڪجھ دڙا باقي آهن، پر افسوس جو انهن جي به ڪا خاص سارسنڀال ناهي لڌي وئي. جڏهن ته سرڪار ۽ آثار قديمه طرفان مومل جي ماڙي ماٿيلو جي نالي سان هڪ ميوزيم پڻ جوڙيو ويو آهي، جتي هيل تائين ڪيل کوٽائي بعد هٿ آيل ان دور جو سامان ٺڪرن جا ٿانو، پيالا، هٿيار، دِلا، مٽ، زيور ۽ خنجر وغيره، سياحن جي دلچسپي خاطر محفوظ ڪري رکيا ويا آهن ۽ هڪ وڏي مٽي جي چبوتري يا ٿنڀ کي ماڻهن جي مٿي چڙهي ميسارجڻ کان بچاءُ لاءِ لوهي تارون ڏنيون ويون آهن، جيڪو هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي. ڇو ته مان جتي جتي ويو آهيان اتي ماڻهن کي راند ڪندي ڊوڙون پائيندي ۽ تاريخي ماڳن جو نقصان ڪندي ڏٺو اٿم. ڇو ته اڪثريت عبرت خاطر نه پر تفريح خاطر اهڙن ماڳن مڪانن تي ويندي آهي، ان کان علاوه هتي جيڪي به مختلف وڻ بيٺل آهن خاص ڪري کٻڙ جا وڻ سي به آثار قديمه وارن جي نظرداريءَ سبب بچيل آهن جيڪي هڪ حساب سان اتان جي سونهن آهن. ڇو ته مومل جي ماڙي آثار قديمه وارن جي ڪنٽرول هيٺ آهي هتان جا ماڻهو اڪثر چوندا آهن ته خاص ڪري برساتن جي موسم ۾ انهن کي انهيءَ دور جو سامان ملندو آهي. ڇو ته تيز برساتن ۾ مٽي ڳرندي ۽ پاڻي سان گڏ وهڻ شروع ڪندي آهي ته ان وقت ماضي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. هوڏانهن امر ڪوٽ ۾ جتي مومل ڏاگھ يا چکيا تيار ڪرائي منجهس سڙي ۽ پويان راڻو به اچي رسيو ان جاءِ کي به مومل جي ماڙي چون ٿا جيڪا امر ڪوٽ جي الهندي طرف ڪنري روڊ تي موجود آهي، جتي به هاڻي قبضن تحت والار ٿي رهي آهي. ها هونئن به ڪنهن حد تائين اسان سنڌي سنڌ دشمني وارو ڪردار ادا ڪندي سنڌ کي هر طرح سان تباهه ڪندا آيا آهيون ۽ رهون پيا.

ڍوليا ڍٽ ڌڻي راڻا سگهو رس

مومل تي مينڌرا تڪڙو ڪر ترس

چاهت چنتا چس ور ڪر واهر الا- (م. ف)

اسان ٻيو ته ٺهيو، پر قبرستانن، درگاهن، مزارن، قديمي تاريخي دڙن، ماڳن مڪانن جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ته آهيون ئي آهيون، پر وڏو الميو اهو آهي جو انهن تي قبضا ڪري نالو نشان ختم ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيندا آهيون، سو هتي جي انهن ۽ اهڙن راتاهن جو ذڪر ڪندس ته تحرير وڏي ٿي ويندي سو بس ايترو چوندس ته خدارا شاهه جي هنن ڪردارن جي سار لهو ڪا سنڀال ڪريو، اهو ئي هن تحرير جو تت مقصد ۽ مفهوم آهي. آخر ۾ مڙني پڙهندڙن کي التماس ته جيڪڏهن هن تحرير منجھ ڪا ڪمي ڪوتاهي هجي ته مهرباني ڪري هن فقير جي رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments