ميئين شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام جو مختصر اڀياس عابد مهيسر  

1912 Shares

سنڌي شاعري به سنڌي ٻوليءَ جيتري تاريخي قدامت رکندڙ آھي، پر نهايت ئي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪا خاص حيثيت ۽ اھميت نه ملي سگھي، جنھنڪري قديم دور ۾ سنڌي شاعري محفوظ نه ٿي سگھي. سنڌ ۾ سومرن جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ ٿيندڙ شاعريءَ جو ڪجھ حصو صدري روايتن مان ۽ قلمي نسخن مان اخذ ٿي سگھيو آھي ۽ سما دور ۾ ماموئي فقير، شيخ حماد جمالي ۽ سندس جوڙ جي ڪجھ شاعرن جي شاعري جو جو اڻپورو احوال ملي سگھيو آھي. نه ته گھڻو ڪري قديم سنڌي شاعري ناپيد ۽ ناياب ٿي چڪي آھي يا وري ذڪر ڪيل قلمي نسخن جي صورت ۾ مخصوص شخصيتن، گھراڻن، خاندانن، خانقائن يا درسگاهن تائين محدود ۽ محصور ٿي گمنام بڻجي وئي ۽ ڇپجڻ يا منظر عام تي اچڻ کان رهجي وئي. البته پوءِ به اهو عالم آشڪار آھي ته سنڌي شاعري به قديم دور کان جديد دور تائين هلندي رهي آھي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جا مورخ ۽ محقق سرگردان آھن. سڀ کان پھرئين قاضي قادن جا ”بيت“ لکت ۾ مليا ۽ سڀ کان پھرئين ميئين شاھ عنات رضويءَ ”ڪافي“ لکت ملي ۽ گڏوگڏ ميئين شاھ عنات رضويءَ جو پورو ڪلام ئي سڀ کان پھرئين سُرن جي مڪمل سِٽاءُ سان سرجِيل مليو ۽ سنڌ جي تاريخي قصن ڪردارن ۽ ماڳن مڪانن جو احوال به سڀ کان پھرئين ميئين شاھ عنات رضويءَ جي ڪلام ۾ مليو، سندس سرن جي ترتيب ۾ چيل ڪلام ڪجھ ھن طرح ڏنل آھي:

1 ۔  سرود ڪلياڻ:

اسين بندا تنھنجا، تون اسان جو ڌڻي

ڏٺا ڏوھ بخشين، خاڪينِ تان کڻي

    مڙيئي ڏول نھارئان، جانُ ھيئين ساڻ ھڻي

تان سَڀِنِئان ئي گھڻي، رحمت تنھنجي راڄيا!

ڪلياڻ سر سان ميئين شاھ عنات جي شاعريءَ جي شروعات ٿئي ٿي ۽ ڪلياڻ جي معنيٰ ۽ مفھوم سان سندس ھن سر جي سٽاءُ سان جڙيل شاعري جو گَھرو سٻنڌ آھي ۽ ان بيت ۾ پاڻ پنھنجي خالق مالڪ جي وڏائي، ھيڪڙائي ۽ رحمت نعمتن جو ذڪر ڪندي پنھنجي خالق اڳيان پنھنجي بندگيءَ جو ۽ پالڻھار جي رحم و ڪرم ۽ بندن جا گناھ معاف ڪرڻ ۽ بندن کي نعمتن سان نوازڻ کي ساراھيندي اھو مڃي ٿو ته خالق اڪبر کانسواءِ ڪوبه سندس سار نه لھي ٿو ۽ نه لھي سگھندو ۽ ھو ته وڏو رحيم ۽ ڪريم آھي.

  1. سرود جمن:

رھين پاس پرين، ته ڪوه طبيب طلبئين

اَندَرِ جا، عناتُ چئي، ڏيکارِ مَ ڏَڏَنِ

 ھٿئون حَبِيبَنِ، دِلِ جو درد دفع ٿئي.

ھنن سٽن ۾ پرينءَ سان مخاطب ٿي کيس اھو چئي ٿو ته جي جيءَ کي ويجھو ھجين ته منھنجي اندر جي گَھرن گھائن کي ڏسين ۽ ڪچائين ۽ بي علميءَ جي ڪارڻ دل جي درد کي محسوس ڪرين ۽ ڪنھن علاج ڪندڙ کي گھرائڻ جي صلاح ڏين ۽ ان طرح محبوب جي ئي مدد سان دل جا درد ختم ٿي وڃن ۽ ساھ ۾ سڻائي ۽ سڪون سمائجي.

  1. سرود کنڀات:

پِرھَ جو پانڌي پڇان، اُڪَنڊي اَئُون

سِڄَ سونھارا، سيد چئي، خَبَرَ ڏجاھُون

ھِت آھِين اُتاھون، ھُتِ ٿو پَسين پرين کي.

ھتي محبوب جي سڪ ۽ اوسيئڙي ۾ ۽ وڇوڙي جي دردناڪ ڪيفيت ۾ پرھ ڦٽيءَ ۽ سج جي اڀرڻ جي آرزوءَ سان پاڻ کي مخاطب ٿي چئي ٿو ته، سيد کي بس پنھنجي پرينءَ جي پچار آھي ۽ جڏھن پرھ ڦٽندي ۽ سھائي ٿيندي ته محبوب سان ملڻ جا جتن ڪبا ۽ سھڻا سريلا سج تون به اڀري وٺ ۽ منھنجو محبوب ته تمام مٿي آھي تڏھن به مون کي ھتي ڏسي ٿو.

  1. سرود سرراڳ:

قيمت ڀري ڪوه، الا ھار اھاريين

سنئون ٿئي، سيد چئي، جَرَ ۾ جھازوءِ

ھتي سيد سالڪ کي صلاح ڏيندي چئي ٿو ته قيمت ڀري ئي پوءِ ڪجھ پائي سگھجي ٿو ۽ نه ته سواءِ جوکم جي ڪجھ به نه پلئه پوندئي ۽ عزت به ايئن نه ملندي آھي نه ئي ڪجھ وڃائڻ کانسواءِ ڪجھ حاصل ڪري سگھجي ٿو سو ھميشه سڌو سنئون يعني سچائي سان ھلندي حق سچ جو پاسو وٺجي. ڪڏھن ڪڏھن وقتي طور ڪجھ ڀرڻ جي بدلي به نه پائي سگھبو آھي، پر نيٺ ڌڻيءَ کان اجر ملندو ۽ سڻائي ٿيندي آھي.

  1. سر رامڪلي:

طمع جي تمام، مُور نه اَٿنِ مَن ۾

پِنَنِ ڪِينَ پَٽَ کَڻي گودڙيارا گام

جِتان لوڪ لڄ ٿئي، اُت آديسين آرام

راوَلَ گھُرِي رامُ، ڪؤنرَنِ جِينء ڪڪورئا.

ھتي سالڪن جي عادتن مزاجن ۽ ڪيفيتن جي پرچار ڪندي چئي ٿو الله وارن صوفي فقيرن کي دنيا داريءَ سان تِرَ جيترو به واءُ لڳاءُ نه آھي ۽ نه ئي ڪا تن من ۾ لالچ لوڀ آھي ۽ جتي اڄ جي غفلت ۾ پيل انسانن کي وڏائيءَ ۽ انا پرستيءَ جي ڪارڻ شرمساري ٿئي اتي عجز ۽ انڪساري رکندڙ انسان سڪون ۽ آرام سان رھن ٿا ۽ حاڪم ته اوتار کان پنھنجي مطلب ۽ منصب کي ترجيح ڏيندا آھن، پر عجز ۽ عاجزيءَ سان ئي خالق ۽ مالڪ جي رضا ۽ ديا ماڻي سگھجي ٿي.

  1. سرود مارئي:

پِيرُون ڇُنڍِيان پرينَ سان، پلئو منجھ پائي

پَسان ماڳَ مليرَ جا، جي ڀَلو ڀَلائي.

ھنن سِٽِن ۾ مارئيءَ کي سندس پنھنجن سان ملڻ ۽ مارئيءَ جي ماروئڙن واري ٿاڪ ملير کي ڏسڻ جي خواھش کي ورجايو ويو آھي ۽ عمر کي سٺو عمل ڪرڻ سان فطري طور سوڀ ۽ سڻائي جو اشارو ڏنل آھي.

  1. سرود پرڀات:

اٻوجھا اوڏا، ٽُرن پُرن سي گھڻو

پاڻ پَسِي جن پليو، حُجَت ۽ ھوڏا

ڪوٺيو ڏي ڪوڏا، اُن کي سَپَڙَ ڄام سَڏِيو.

ھتي سپڙ ڄام جي شخصيت کي نروار ڪندي سخاوت ۽ فراخدليءَ جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪو بي علم ۽ اڻ ڄاڻ ھوندي به وڏو ھوشيار ۽ مفڪر ھو ۽ مفلس ۽ محتاجن جي مدد خوب ڪندو ھو ۽ گھڻو ڪري انھن وٽ ھلي وڃي سندن ساٿ ڏيندو ھو ۽ موٽ ۾ مٿن ڪا به ھوڏ ۽ حجت نه ڪندو ھو. مطلب صوفي درويش ڪھڙي به تڪليف ۾ ھمت نه ھاريندا آھن بلڪه صبر و شڪر سان پنھنجي حقيقي مالڪ ۾ آسرو ۽ اميدن سان ڀروسو ۽ اعتبار قائم رکندا آھن.

  1. سروڌ ڌناسري:

شال مَ سُڪين سانڱرا! برڪت محمد مير

جي نوايل نبيءَ جا، سي توکي ٻنهي پاسي پير

تو ۾ جھُلن جھالارين واريون، مٿي ڪئو ملير

سائر تنهنجي سير، وھي ولاسيي سامهين.                                     

تڏهن ساڱرو به عروج تي هو ۽ پاڻ درياءَ يعني ساڱري کي دعائون به خوب ڏنائين ۽ ساڱري کي دعائون ڏيندي چئي ٿو ته، شال تون ڪڏھن به سڪي نه بند ٿي، پر ھميشه وھندو رھين، مٺي مرسل حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي با برڪت نوازشن سبب تنھنجا ٻئي ڪنارا سدا آباد ھجن سدائين ساون ٻوٽن جي سينگار سان جٽادار ۽ سگھارو سھڻو ھجين ۽ تنھنجو سمنڊ جھڙو خوبصورت وھڪرو سدائين جاري رھي سڀني جي سامھون.

  1. سرود جيتسري:

اَڄ چيائون ايئَن، ڀَلي اَڱڻِ آئيا

اونداھيَ ۾ سوجھرو، تَنُ ڪئائون تِئَن

آنءُ تِھن ڪانگلِ ڪيئَن، وَرائي آڇِيَان.

ھتي سالڪ جو حقيقي محبوب کي پنھنجي اڱڻ تي اچڻ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ محبوب جو اچڻ سان ايئن لڳو ڄڻ ڪنھن تمام گھڻي انڌيري ۾ سھائو ٿئي يعني دل کي سڪون ۽ ذھني آسودگي ميسر ٿي ۽ ھاڻ ته آئون پنھنجي پرينءَ سان ڪڏھن به عجز ۽ انڪسار ڀريو ربط ۽ تعلق ڪڏھن به نه ٽوڙيندس ۽ اھڙي سچي ۽ پياري پرينءَ کي ڪيئن ٿا مھڻا ۽ طعنا ڏئي سگھجن جيڪو ھميشه نوازشن ۽ نعمتن جون اڻ ڳڻيون عنايتون ڪندو رھي ٿو.

  1. سرود پورب:

ميان! مون مَنُ موھِيو، جِني سندي سُونھن

اُنِي جِي، عنات چئي، ويھي ڪر ورونھن

اوڏو ٿي چئو اُونئن، سنيھا سيڻن جا.

ھتي سالڪ پنھنجي پاڻ کي مخاطب ٿي چئي ٿو ته ميان مون سڄڻن جي سندرتا ۽ سونھن پسي منھنجو تن من  موھجي يعني خوش ٿيو ۽ نظرن جي تيرن سان دل کي خوشي ۽ سڪون ملي ٿو ۽ دل وندري پئي ٿي، ان ڪري تون به ان ئي انداز ۾ عزيزن جا نياپا پھچائي يعني ساڳئي ئي روپ ۽ لھجي ۾ نياپا ۽ پنھنجن کي پھچائڻ گھرجن.

  1. سرود ليلا:

ڪَتَر سيئَن ڪانڌ ڏيھون، سڀاڻي سندوءِ

راءُ وڃايو روءِ، وھاڻيَ واٽُنِ تي.

ھتي ليلا چنيسر جي قصي کي موضوع بڻائيندي ليلا جو لالچ ۾ اچي چنيسر وڃائڻ کي مثال بڻائيندي ڀليل انسان کي صحيح واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڪيل آھي. غلط رخ ۽ غلط روين سان روح کي تڪليف پھچي ٿي ۽ صحيح واٽ ئي سڪون پھچائي ٿي. مطلب ته لالچ ۽ لوڀ ۾ گھڻو ڪجھ وڃائجي ويندو آھي ۽ ان سان پنھنجي پاڻ کي ان ھنڌ تي پڄائي ڇڏبو آھي جو ڪير به ڪلھي ڪانڌي نه ٿيندو آھي، ان ڪري سڀاڻي جي سڪون لاءِ اڄ ئي سٺو ۽ نيڪ عمل ڪريو.

  1. سرود آسا:

جي مُنھن ڏئين تون ماڻھيئن، ھِنيون ڌئين ھوت

ته چُنِيَ چارئي پوت، اوسھ وٺي اُڪرين.

ھتي سالڪ سان مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته جي تون دل پنھنجي حقيقي محبوب سان لڳائين ۽ ماڻھن جي مدد ڪرين ۽ انھن جا بار بوجهه پاڻ کڻين ۽ پاڻ کي چڱيءَ طرح ڍڪي محفوظ ڪري ھلندين ته دل جون جائز خواھشون پوريون ٿيندئي ۽ اخلاق ۽ سٺي ڪردار سان زندگي گذاريندي ته تنھنجي آخرت به سنوارجي ويندي ۽ رب جي راضي ٿيڻ سان دنيا ۽ آخرت ۾ سڻائي نصيب ٿيندي.

  1. سرود ڪاپائتي:

سنجھي ٿئم نه سار، صبح ستيئي ويو

آنڪي تند، عنات چئي، مھٽ نه آيس مار

سٻاجھا ستارَ! اُميريامِ مَ الڙي.

ھنن سٽن ۾ فرمائي ٿو ته صبح کان ستو ئي پيو آھي ۽ سنجھي تائين سجاڳ نه ٿيو رپئي جي پٺيان پيو ته عنات چوي ٿو پوءِ صفائي ۽ سٺائيءَ خاطر نه سختي مليس ۽ نه ئي سَٽڪو ڪُٽڪو ٿيس، پر پوءِ به رحم ڪندڙ ۽ پيار ڪندڙ حقيقي مالڪ مٿس رحم ڪري کيس عنايتون ڪري ٿو، ھتي انسان جي غفلت ۾ پئجي پنھنجي ڌڻي کان پري ٿيڻ کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته دنيا داري انسان کي الله پاڪ جي بندگيءَ کان ٿيڙي کيس غلط ڪمن ۾ ڳنڍي ڇڏي ٿي، پر الله پاڪ پوءِ به پنھنجي بندن تي رحم ۽ ٻاجھ ڪندي مھلت ڏيندو آھي، پر دنيا داري وقت اچڻ تي ان ئي انسان کي سختيءَ ۾ آڻي ڇڏي ٿي. مطلب ته قدرت جو قانون سڀ ڪنھن لاءِ برابر ۽ مڪافات عمل تحت مقرر ڪيل آھي.

  1. سرود ڏھر:

ڀَلِي ڪي ڀؤنَرِن، جي واسُ وَٺَڻَ آئِيا

تني کري ڪؤنرِن، ڏنا ھنڌ ھنِيين ۾.

ھتي سالڪ سان مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته ڀلي ڪوبه ڀؤنر جي سڳنڌ وٺي ۽ خوشبوءُ سونگھي ۽ ان کي مکڙين يا تازو ڦٽل گلن جي خوشبوءَ وانگر سمجھي ۽ ان پنھنجي ھنئين سان لڳائي ڇڏي، پر ڀؤنر ته ڀؤنر ئي رھندو. مطلب ته انساني خيال ۽ ويچارن جو دارومدار سندس سوچ ۽ سمجھ تي ھوندو آھي ان ڪري کيس گھرجي ته حق سچ ۽ اتم خيالن کي پائڻ لاءِ سٺو ۽ ساڀائتي سوچي ۽ فطري رنگ ۾ ان سڄي خيال کي سمجھي ۽ پاڻ کي حقيقتن جي حساب سان ڳنڍي ڇڏي.

  1. سرود مومل راڻو:

ڪاھي آيا ڪاڪ تي، لَڙي لوڊاڻي

جِت پَدمَڻيون پيدا ٿيون، لُڏن لاماڻي

خوشي ڪئائون کين کي، ڪو ڄاڻندڙ ڄاڻي

راڻِي ني راڻِي، مومل ماڻِي مينڌري.

ھتي مومل راڻي جو قصو بيان ڪندي چئي ٿو ته راڻو مينڌرو ۽ سندس ساٿي ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻھو مومل کي ماڻڻ خاطر قطار ڪري ڪاڪ تي ڪاھي آيا ۽ اتي خوبصورت ۽ سھڻين عورتن جو وڏو ھجوم ھو ۽ انھن کي خوش ڪرڻ جي تمام ڪوشش ڪيائون ۽ آخرڪار مومل کي مينڌري وڏي ھوشياري ۽ ڄاڻ سان حاصل ڪيو.

  1. سرود بلاول:

سَمون سِنڌِ سَمن ۾، جَکري جھِو نه ڪوء

اٺو پھر، عنات چئي، اُڀو ايئن ھِي چوءِ

الا! اچِي ڪوء، ڏَڏُ وڏو ڏانُ گھري.

ھتي سنڌ جي سمين ڄام جکري جي سخاوت جو ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ اھو ٻڌايو ويو آھي ته سمين ڄام جکري جھڙو وري ڪوبه سخي ۽ وڏيءَ دل وارو سمن ۽ سميجن ۾ نه ٿيو ۽ نه ٿيندو، جکري ته بي علم ۽ اڻڄاڻن کي به انعام ۽ خيراتون ڏنيون ۽ جکرو اھو چوندو ته ڪير به اچي ته ان کي خير خيرات ڏيڻ کانسواءِ نه وڃڻ ڏيندس ۽ ان ۾ منھنجي قدرت طرفان ڀلائي ۽ سڻائي آھي.

  1. سرود ديسي:

پنھون آندي پاڻ سين، جھڙيائي جمات

اُٺن تان، عنات چئي، لٿي جاڙَ جَڪات

سندي ھوت حِماتَ، ڪيچَ پھتو قافلو.

ھتي سسئي پنھونءَ جو ذڪر ڪري ٿو ، پنھون جڏھن بنڀور ۾ آيو ته بظاھر ته اڪيلو آيو، پر پاڻ سان ڪئين سندر سوچون ۽ خيال کڻي سسئي کي ماڻڻ لاءِ ۽ اٺن تان به اجايو بار لٿو ۽ جڏھن پنھونءَ سسئيءَ سان پيچ پاتو ۽ پنھنجي محبوبه سان بي پناھ پيار ڪيو، پر جڏھن سندس اک کلي ۽ نشي جي ننڊ ختم ٿي تيستائين سندس ڀائرن سان پاڻ به گڏ قافلي جي صورت ۾ ڪيچ مڪران پھچي چڪو ھو.

  1. سرود سورٺ:

سڻ چارڻ! سورٺ چئي، ڀائي رک ڀرمُ

مِنٿ اٿئي مڱڻا! راڄا ڳنھي مَ رَمُ

تان ڪو دَمج دم، ته ڏسان منھن ڏياچ جو

خاتون راڻي چوءِ، ٻيٽا! جِم موٽائيين مڱڻو.

ھتي منڱڻي راءِ ڏياچ سان سورٺ جي ڳالھ ٻولھ بيان ڪيل آھي. جڏھن سورٺ مڱڻي راءِ ڏياچ کي چئي ٿي ته مڱتا منھنجي ڳالھ ٻڌ ڀاءُ تون منھنجو ويساھ رک ۽ آئون توکي منٿ ميڙ ٿي ڪيان ته راجا کان ايئن ڪجھ وٺي نه ڀڄ متان ڪنھن جو ساھ نه ٽٽي پوي يا نڪري پوي ۽ آئون ڏياچ جو کي ان ڪڌي ڪم ۾ ڏسان، ھڪ خوبصورت راڻي چئي ٿي ته متان مڱڻا تون پاڻ کي پاڻھي اچي ڦاسائي وجھين.

  1. سرود سارنگ:

تاڙي ڪِي تَوار، پَپِيھل پَتيو ھِيون

ھارين ھر سنڀائيا، سرھا ٿئا سنگھار

لاھيين ڏک ڏاتار! الاھي عنات چئي

بادل! وسئو وس، ڪر ڀيرو ان ڀُون.

جڏھن تاڙو پکي ۽ پپيھل پکي وڌيڪ سڪ اڪير ڀرئي انداز ۾ ٻوليندا آھن تڏھن مينھوڳي رت جا آثار ۽ اھڃاڻ پڌرا ٿيندا آھن ۽ ھاري فصل پوکڻ جي تياري ڪندا آھن ۽ مالوند ماروئڙا خوش ۽ سرھا نظر ايندا آھن، تنھن مھل سالڪ پنھنجي خالق مالڪ کي عرض ايلاز ڪندي چئي ٿو ته اي خالق اڪبر تون ئي ڏک ۽ تڪليفون ختم ڪندڙ آھين ۽ خوشين ڀريون نعمتون عطا ڪندڙ به تون ئي آھين ۽ ڪڪر کي مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته، ڪڪر لاڳيتو وسڪار ڪر ۽ ان ڌرتيءَ کي سيراب ڪر ته ڌرتيءَ واسين لاءِ سک ۽ آسودگي برپا ٿئي.

  1. سرود توڏِي:

پاتا ان پاتار ۾، دريا دنگ ھڻي

اکڙيون، عنات چئي، ويٺيون پار وڻي

ساڻي جن ڌڻي، تن سين مھراڻ ميا ڪري.

ھتي سنڌو درياءَ مھراڻ جو ذڪر ڪندي سالڪ چئي ٿو ته تمام اونھي ۽ وڏي پاڻيءَ ۾ درياءَ وڏا وڏا ٻيڙا ئي ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيا ۽ اکيون اھو سڀ ڪجھ ڏسي اوڇنگارون ڏيڻ لڳيون ۽ جن جو خالق حقيقي کين نوازشن سان نوازي ٿو ته مھراڻ درياءَ به انھن لاءِ ڀلائي ۽ مھر جو ڪارڻ بڻجي انھن کي سک ۽ شانتي ارپي ٿو.

  1. سرود ڪاموڏ:

ماڻھو چُون مي، آنءُ آھيڙياڻي آھيان

ٿوري جي ٿرن جا، مون کان چڱا سي

ڄام تماچي جي، نَظَرَ نوازي آھيان.

ھتي نوري ڄام تماچي جو ذڪر ڪيو ويو آھي جڏھن نوريءَ کان اتي جا ماڻھو نفرت ڪندا ھئا ۽ کيس گھٽ ذات واري چوندا ھئا ۽ کيس سڀني کان گھٽ ۽ نيچ سمجھندا ھئا، پر ڄام تماچي جيڪو سنڌ جو تنھن وقت جو حاڪم ھو، تنھن مٿس ذره نوازي ڪندي پنھنجي زندگيءَ جو ساٿي بڻائي کيس عزت ۽ محبت سان نوازيو.

  1. سرود ڪارائيڙو:

ڪوڙيين جي ڪائو ٿئي، سمونڊ توءِ نه سڪن

لالون سي لھن، جنين سودو سچ سين

ڪري سانگ سرين، روھان اڏاڻين ھنجڙا.

ھتي پاڻيءَ جي لاٿ ۽ گھٽجڻ جو ذڪر ڪندي چئي ٿو ته جڏھن ڪا کان کوند ٿئي ته پاڻيءَ ۾ لاٿ ايندي آھي، پر پوءِ سمنڊ ڪڏھن به ناھن سُڪندا ۽ جيڪي سچ سان سچو پڪو ساٿ ڏيندا اھي املھ اماڻڪ موتي ماڻيندا آھن يعني قدرت طرفان عزت ۽ وقار حاصل ٿيندو اٿن ۽ جڏھن سچ سان به سودو ڪبو تڏھن ڳڻتي ڀريون حالتون برپا ٿينديون ۽ سک چين ختم ٿي ويندو ايئن جيئن جڏھن ڍنڍن ڍورن ۾ پاڻيءَ ۾ لاٿ ۽ گھٽتائي ايندي آھي ته ھنج پکي اڏري ھليا ويندا آھن يعني سک ۽ سڪون سان ئي سڀ ڪو خوش ۽ آباد رھي سگھي ٿو. سنڌ جي صوفي شاعرن رڳو تصوف جي تناظر ۾ به ڪلام نه سرجيو آھي، پر سندن نظر پنهنجي سماج ۽ معاشري تي به رهي آھي ۽ نهايت ئي ڳوڙھي نظر ۽ باريڪ بينيءَ سان سماجي اوڻاين ۽ ڪچائين تي سنجيدگيءَ سان مشاهداتي نگاهه وڌي ۽ معاشرتي اصلاح لاءِ سوچ ويچار  ڪندي پنهنجي ڪلام ۾ اصلاحي نقطا سمويا. ڇو ته کين پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان بي پناھ محبت ۽ پيار هو. سڀ کان پھرئين ميئين شاھ عنات رضويءَ جي ڪلام ۾ اسان کي ماضي قصا ۽ داستان ۾ سمايل مليا ۽ مٿي چند انھن قصن ۽ داستانن سان سرشار بيت به قلمبند ڪيا ويا آھن. ميئين شاھ عنات جي ڪلام ۾ فڪري توڙي فني حوالي سان ھڪ ڀرپور ۽ روحاني رازن جي ريکائن کي محسوس ڪري سگھجي ٿو بلڪه قدرت جي ڪئنواس تي فطري رنگن سان فڪري نقش نگاري ۽ صوفياڻي سحر انگيزيءَ سان سرشار آھي.

مددي ڪتاب:

  1. ميئين شاھ عنات جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ 1963ع ۽ 2010ع.
  2. سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد سنڌ 1993ع.
  3. برھانپور ڪي سنڌي اولياءُ سيد مطيع الله راشد برھانپوري 1987ع.
  4. ڪافيون (جلد پھريون) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ 1985ع.
  5. بيت، ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور سنڌ 2002ع.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments