ميراث نوشي ميرJune 2021
درياهه جو وھندڙ پاڻي، ان جي ڇولين ۾ ٽمڪندڙ سج، مٿان ھلڪا ڪارا ڪڪر، وري ٿڌڙي ھير ۽ انھيءَ وقت درياھ ڪناري راڳ، جنھن ھر ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ کي مدھوش ڪري ڇڏيو. مان به انهن بدمست مسافرن جيان ڪنھن لاءِ دوا مرض سان گڏ درياھ ڪناري خيالن جي گھري سمنڊ ۾ ڇوليون کائيندي انھيءَ گيت تي رقص ڪرڻ لڳيس، جنھن جي ڌن ۾ سڀ مگن ٿي ويا. اھو درياھ، پاڻي ۽ ھن جو رقص دنيا جي ھر اک آڏو پنھنجو دلڪش نظارو رکي پنھنجي وجود جو احساس ڏياري پنھنجي لاءِ مڃتا ماڻي سگھي ٿو، پر اھي خيال، اھي راز ۽ بي معنيٰ دنيا جنھن جو ڪو وجود ۽ احساس نه آھي ان جي نمائش ڪرڻ ڄڻ ته پنھنجي جسم سان گڏ روح کي به تڪليف رسائڻ آھي. چوندا آھن ته سوچ، ويچار ۽ فھم انساني روح جا پر وقار زيور آھن، جنھن کي نه ته ڪير چورائي سگھي ٿو ۽ نه وري ان کي ڪير مٽائي سگھندو، پر اھڙا تصور ۽ اھڙو فڪر جنھن کي ٻاھرين دنيا فقط ڪوڙ ۽ دوکو سمجھي تڏھن اھي سڀ راز، خيال ۽ تصور بي معنيٰ لڳندا آھن، پر وري به اھو ھڪ اڻ کٽندڙ سيلاب آھي جنھن کي ڪابه طاقت مات نٿي ڏيئي سگھي ۽ تاحيات ساٿ رھي ٿو. اڄ جي موسم ته ڪافي وڻندڙ، من موھيندڙ ۽ مزيدار آھي، پر تڏھن به چھري تي پريشاني جا آثار! ڇو سج جو اچانڪ ڪڪرن ھيٺ اچي ۽ ھلڪي بوندا باندي ڪرڻ سان ئي ھڪ ڳرو، پر سريلو آواز ڪنن ۾ پيو، جنھن منھنجي خيالن جي رواني کي ٽوڙي پاڻ ڏانھن ڇڪيو. ڪنڌ ورائي ڌيان ڏنم ته ھڪ خوبصورت ۽ جميل نوجوان منھنجي ڀرسان ويٺل ھو. لڳي ٿو ته ڪو طوفان متل آھي اندر! ھن ڳالھ وڌائي، هن جا سوال ۽ ھن جي گفتگو منھنجي لاءِ چنتا جوڳي ھئا، پر ھن جو وجود ۽ ھستي منھنجي حواسن کي پاڻ ڏانھن ايئن جھلي ورتو جيئن ڪو شڪار شڪاري جي ڄار ۾ ڦاسي پوي ٿو. “ھا، موسم ته بلڪل وڻندڙ آھي، پر مان پريشان نه آهيان، بلڪه خاموش آھيان” مون وراڻيو. هن ھڪ مھڪندڙ مرڪ ڏيندي مون ڏانھن ڏسي وراڻيو، “ھن دنيا ۾ خاموش اھو ئي آھي جيڪو پريشان آھي.” مان به الجھيل انداز ۾ حيرت منجھان ھن کي ڏسڻ لڳيس، منھنجي چھري تي شڪستن جا آثار ڏسي پنھنجي مرڪ کي گهرو ڪيائين ۽ ھڪ ٿڌي آھ کانپوءِ سمجھائيندي چيائين، “انساني فطرت ۾ خوشي ۽ ڪاميابي ٻه وڏا شور آھن ۽ ڪوبه انسان پنھنجي فتح کي ماٺ تائين محدود نٿو رکي ۽ وري ھر سور کي ساز به نٿو ھجي. اھو شخص جيڪو خاموش آھي، ڪنھن نه ڪنھن اھنج ۽ ايذاءُ ۾ ورتل آھي. اھو زندگي جي ڪنھن نه ڪنھن ڪشمڪش ۾ وچڙيل آھي.” هلڪي برسات جا ڦڙا وڌيڪ تيز ٿيندا ويا جنھن تي ٿڌ پنھنجو زور وڌائيندي وئي. مان ان جي ڳالھين کي شوقين شاگرد جيئان غور ۽ فڪر سان ٻڌندي رھيس، جڏھن ته راڳي به پنھنجا سُر مٽائيندا رھيا ۽ موسم به پنھنجو ابر جاري رکيو، “پر خاموشي جو مطلب رڳو ڏک به ناھي.” مون اعتراضن پنھنجو سوال پيش ڪيو جنھن تي ھن مون کي شفقت ڀريل نظرن سان ڏٺو ۽ منھنجي ويجھو ٿيندي پنھنجي وضاحت سامھون رکيائين ۽ چوڻ لڳو بيشڪ خاموشي رڳو اداسي تائين محدود ڪونھي ڪنھن جو راز لڪائڻ خاموشي آھي، ڪو سچ لڪائي ڏوھاري کي بچائڻ به خاموشي آھي، ظلم سھي ان جي خلاف آواز نه اٿارڻ به خاموشي آھي ۽ ظالم کي بنا سزا جي معاف ڪرڻ به خاموشي ئي آھي. ڪڏھن خاموشي سڪون آھي ته ڪڏھن اندر ۾ لڪل ڪو راز آھي اھي مخفي، پراسرار راز به ڪنھن جا ميراث ھجن ٿا. هن جا چيل لفظ ڪنھن فلسفي کان گھٽ نه ھئا ۽ ان جا خيال ڪنھن فلسفي جا اشارا ڏيئي رھيا ھئا. هن جو بيان منھنجي ذھن ۾ ڪيئي قسمن جا سوال پيدا ڪندو ويو ۽ پنھنجا ويچار ساڻس ونڊڻ کانسواءِ رھي نٿي سگھيس. منھنجي لاءِ ته خاموشي ڀرپور سڪون آھي جنھن ماٺ ۾ مان ويھي پنھنجي پاڻ سان ملان ٿي، مون پنھنجا دليل پيش ڪيا. پنھنجي پاڻ سان ملڻ ڪيئن ٿو لڳي! ڇا تنھنجي توسان ملاقات ڪو ڪارج آڻي ٿي؟ هن به وري منھنجي نظريي کي ڇيڙيو، شايد اھا ھڪ اھڙي گھڙي ھوندي آھي جتي ھر انسان پنھنجي زندگي جو مقدمو پاڻ وڙھي پاڻ فيصلو ڪري ٿو، جتي ان کي ان مقدمي ۾ نه ھارڻ جو ڊپ ھجي ٿو ۽ نه ان ۾ فتح جي خوشي، نه اتي ڪير طنز ڪرڻ وارو ھوندو آھي ۽ نه وري ڪير شاباش ڏيڻ وارو، ڪڏھن ڪڏھن اڪيلائي انسان لاءِ بھتري آڻيندي آھي. جڏھن ڏکويل ۽ مصروف ماڻھو ھن ڏکي دنيا مان ٿڪجي پون تڏھن ھو ڪا آس کڻي خدا جي سامھون پيش ٿين ٿا يا وري ڪجھ لمحا پنھنجي پاڻ سان رھن ٿا ته جيئن ھو پنھنجي ڪوتاهين ۽ شڪستن کي پرکي سگھن يا ته پنھنجي آئندي کي سنوارڻ لاءِ ڪا رٿا بندي جوڙي سگھن، پر منھنجي لاءِ ھي تنھائي امن آھي، دنياوي ٿڪاوٽ کان ھڪ وقفو آھي جنھن ۾ مان ھر قسم جي لالچ، فريب، دوکي ۽ آزاري کان پري رھي ھڪ بيمثال دنيا ۾ وڃان ۽ اھا انمول دنيا ۽ ان ۾ ھر شيءِ ڪنھن جي به نه پر صرف ۽ صرف منھنجي پنھنجي ملڪيت ھجي.” پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي مون جڏھن ھن ڏانھن نھاريو ته ھو به مون ڏانھن عجيب ڪيفيت سان تڪي رھيو ھو. مون به ان کي اجنبي نظرن سان ڏسندي کيس پنھنجو تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو. هن پنھنجي دلڪش نظرن سان وار ڪندي مون ڏانھن ڏٺو ۽ چيائين مان تو لاءِ ڪو اجنبي ناھيان ۽ نه ئي ڪو وڃايل خزانو. مان اھو ئي آھيان جنھن جي لاءِ تون ھڪ دنيا کان ٻي دنيا جو سفر ٿي ڪرين، مان تنھنجو سڪون به آھيان ۽ تنھنجو امن به. مان تنھنجو ۽ صرف تنھنجي ميراث آھيان، جي مون کان ڏور ٿيڻ چاھين ٿي ته حقيقت سان روبرو ٿيڻو پوندو. واءُ جي تيز جھوٽي جيڪو پاڻ سان گڏ ھڪ طوفان کڻي آيو هو، ٿڌي واءُ ۽ سيءُ مون کي حواسن ۾ آڻي برسات وسڻ جو احساس ڏياريو. ھوش ۾ اکين آڏو وھندڙ درياھ ۽ ان ۾ وھندڙ برسات ھئي جيڪا ان ۾ موجود پاڻي جي مقدار کي وڌائي رھي ھئي. آسپاس موجود سڀئي ماڻھو مينھن کان لڪي ويا ھئا. جڏھن راڳ ڳائيندڙ راڳي به خاموش ٿي ويا ۽ اتي سڄي فضا قدرت جي حسين رنگن جي حوالي ٿي وئي. جڏھن ته مون کانسواءِ ڪوبه جاندار ان خوبصورت نظارن کي ڏسڻ لاءِ ڪونه ويٺو. آخرڪار موسم جي شدت کان ھارائيندي مون به پنھنجا، پر پکيڙيا ۽ پنھنجي آکيري ڏانھن اڏام ڀري گھر ويندي هر طرف سنئون پٽ ڏسي دل ۾ گهٻراهٽ پيدا ٿيڻ لڳي ڄڻ ڪو ڀوڪم آيو ھجي ۽ ھر شيءِ تباھ ٿي وئي ھجي، پر پيرين پنڌ پيرڙا کڻندي ھلندي ھلندي ڪجھ حقيقت به پيش پيش ٿي جتي انسان ۽ ان جي وجود جو احساس ۽ اطمينان ملندو رھيو. موسم جي تنگي کي پرکيندي ويچار ڪيم ته ڪٿي ويھي بارش جي بيھڻ جو انتظار ڪجي، پر ڪا پناهه گاھ اتي نظر ڪونه آئي ۽ پنڌ کي جاري رکيم. ٿورڙو ئي اڳتي وڌيس ته ھڪ ڦٽل ۽ ٽٽل ڪوٺڙي نظر آئي جيڪا ڪنھن خوفناڪ ڀانڊار جو ڏيک ڏيئي رھي ھئي. جنھن جي ٻاهران ھڪ ٽٽل صندل رکيل ھو، جتي شايد نوجوان گڏجي روز پنھنجي مستي جا گڻ ڳائيندا ھوندا يا وري شوخ چشم يعني وڏي عمر جي بزرگن جو ٽولو پنھنجي جواني جا چرچا ڪري ٽھڪن سان شور مچائيندا ھوندا. ان مھل صندل مسافرن کي پڪاري رھيو هو جيڪو برسات جي ڪري تنھائي جو شڪار ھو ۽ مان سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ان ٻار جيئان ھئس جيڪو بي جان هوندي به ڪناري جي تلاش ۾ رھيو. جنھن جا ھوش ۽ حواس ٻي دنيا ۾ ھئا مگر جسم ھن جھان ۾ رھجي ويو. جيڪو ھن ڀون، سنسار جو ھوندي به سنسار ۾ نه رهي سگھيو. صندل تي ويھندي منھنجي نظر ابر وسائيندڙ آسمان تي اٽڪي رھي. ابر باران جون ٽپ ٽپ ڪندڙ ڦڙيون زمين جي غلاظت کي ڌوئنديون رهيون. پياسن ٻوٽن جي اڃ لاهينديون رھيون ۽ ماحول کي خوشبوءَ سان مهڪائينديون رھيون. موسم جي رنگن کي ڏسي منهنجي دماغ کلندو ويو ۽ وري ھڪ دفعو ٻيھر نامعلوم شخص پنھنجا پير پختا ڪندي مون سان سواليه گفتگو ڪرڻ لڳو. “لڳي ٿو آزاد خيال آهين! يا شايد آزادي پسند! جو بغير ڪنھن سھاري جي آزاد پکي جيئان اڏامي پئين…” “ھن جھان ۾ آزاد رھڻ تمام ڏکيو آھي بلڪه ناممڪن آھي” مون جواب جاري رکندي چيو: “جيون ڪڏھن جسماني بندش ۾ آهي ته ڪڏهن نفسياتي قيدي. موجوده مونجھ، آئندي جو ذڪر، ڪلھ جي ڪڙاڻ، شڪستن جا انبار ۽ فتح مندي جي گھمنڊ انسان کان خود مختياري کسي ورتي آھي. آزاد شخص يا ته پاڳل آهي يا بي پرواهه. جنھن کي نه پوئتي جي پچار آهي نه اڳتي جي ڳڻتي ۽ چريو عقل کان به محروم رھجيو وڃي. ڇا توکي نٿو لڳي ته تون پنهنجي عقلي جنگ ۾ مسلسل ويڙھ جو شڪار رهين ٿو؟” مون پنهنجي آزادي راءِ رکندي ھن ڏانهن ڳالھ مٽائي: “منھنجي نظريه فڪر ۾ آزادي جو دارومدار عقل سان لاڳاپيل آھي، انسان جو شعور ئي ان کي قابل، دانشور بڻائيندو آھي. آزاد شخص وٽ جيڪڏھن فڪر ناھي ته ان جو وجود شَڪائتو آھي. انسان کي پنھنجي آزاد وجود کي پڌرو ڪرڻ ۽ خدا جي تخليق ڪيل ايتري حسين ۽ خوبصورت خدائي کي پرکڻ لاءِ ذهن، عقل ۽ ادراڪ جي ضرورت پئي ٿي. انساني بدن ۽ روح جو نه، پر خيال ۽ غور جو آزاد ھجڻ لازمي آھي.” هن جي خوب نما طبيعت منهنجي سڌ ٻڌ کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو ويٺي هوندي. مون کي حقيقي جھان ۾ واپس اچڻ لاءِ اشاري يا سڏ جي ضرورت پوي ٿي. اهڙو ئي هڪڙو اشارو مون کي برسات بيهڻ جو مليو ته آئون به گهر رواني ٿيس. پنهنجي آشياني ۾ داخل ٿيندي ئي آرام جو ارادو ڪيم.
سانجهه جو اھو وقت جنھن مھل سج پنھنجي آخري ھلڪن پاڇن کي جڏھن ڌرتي جي پلڪن تي وڇائي رھيو ھو، تڏھن دنيا جي بدترين نظاري کي به خوبصورتي جا چنڊ لڳائي ان کي بھترين ڪري ڇڏيائين. جڏھن به منھنجي دل وچڙي پوي ۽ ھر پل آزار لڳي تڏھن گھڙي جي ان حصي ۾ پنھنجي پاڻ کي وڃائي، بي رخي دنيا مان گم ٿي سڪون کي پاڻ وٽ وڪوڙي ڇڏيان. ذھن کي آرام ۽ ننڊ مان شانت ڪري جڏھن مان ڇت تي ان مھل جي حسين نظاري کي روبرو ٿيس ته فضا ۾ اڏرندڙ ڪانءُ ۽ ڪٻر به آڌر ڀاءُ ڪرڻ لڳا. “تون ڇو ھن دنيا کي ايتري گھرائي سان پرکي رھي آھين. ڇا تو پنھنجي وجود جي ڳولا ڪئي آھي؟” ميراث ھر دفعي منھنجي اڪيلائي جو فائدو وٺندي منھنجي ذھن کي ذاتي ملڪيت سمجھي سواليه وار ڪري ٿو ۽ ھڪ استاد جيان منھنجي ذھن جا بند دروازا کولي ان کي وسيع و عريض ڪريو ڇڏي يا بي معنيٰ خيالن سان نفسياتي بڻايو ڇڏي. مون ھن جي سوال جي بدلي ھلڪي آھ ڀري ۽ موٽ ڏنم، “ھن بيمثال دنيا ۾ اچڻ ۽ وري سڀني کان اعليٰ ۽ بلند اشرف المخلوقات جو درجو حاصل ڪرڻ ڪا عام ڳالھ ناھي. بي مقصد ھن جھان جو خدا به ناھي، مان ڪيئن ٿي ٿي سگھان.” “تنھنجي زندگي وڏي آھي يا تنھنجو مقصد؟ ڇا ڪندين جڏھن زندگي دوکو ڏيئي توکي بي مقصد ماري ڇڏي.” ميراث پڇندي ھليو…
منھنجي جيون جو ڏکي ۾ ڏکيو سوال اڄ ذھن تي وارد ٿيو. مان بغير ھٿيار ان جنگ ۾ شامل ٿيس جيڪا شروع منھنجي وجود کان به اڳ ٿيل ھئي. ميراث جا ڪيل سوال منھنجي ڄم ۽ ارتقا تي سواليه نشان ھئا. مان لاجواب ھئس. ان ڳنڀير صورتحال مون کي شعر چوڻ تي مجبور ڪيو ته: “خدا جھان کي ھلائي ڀلي ڊاھي يا ٺاھي ھلائي ڀلي رڳو قانون ھڪڙو ھلائي ھلي مون کي ٻڌائي ھلي، مون کي ٻڌائي ھلي” “منھنجي حياتي جو سفر ڪٿان شروع ٿي ڪٿي پڄاڻي ڪري مون کي خبر ناھي. منھنجي خوابن، خواھشن، مقصدن ۽ کوجن جو دنگ شايد ئي ھي جنم پورو ڪري. زندگي چاھي انصاف ڪري يا نه ڪري مگر مان بي مقصد نٿي رھي سگھان، شايد ھڪ لمحو به نه. جي مان فقط ڄمڻ کان مرڻ تائين زنده آھيان ته منھنجو وجود بيڪار ۽ بي وجهه آھي، منھنجو مقصد ڄمي مرڻ ناھي بلڪه مري به زنده رھڻ آھي. سج لھي اچي پنھنجو پار پورو ڪيو. اونداھ پير پختا ڪرڻ لڳي ته وري چنڊ جي چانڊوڪي اچي مھاڏو اٽڪايو ۽ ڌرتي پنھنجو ڏينھن ڪو رنگ مٽائيندي اڇي چادر ڍڪڻ شروع ڪئي، جڏھن ته آسمان به پاڻ کي ھيرن ستارن سان سنوارڻ لڳو. ميراث ۽ مان اڃان به ساڳئين پٿاري تي خاموشي سان آسمان ڏي تڪي رھيا ھئاسين. ھر دفعي جيئان مان ھن جي ھڪ نئين سوال جي انتظار ۾ ھئس. مگر ھو خاموش ھو ۽ ھن دفعي مون ان خاموشي کي ٽوڙيو. “ڇا تون فنا نٿو ٿي سگھين؟” مون ميراث کي پنھنجي پاڻ کان الڳ ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي. “جي تون اجازت ڏين ته” ميراث صرف چند لفظن ۾ پنھنجي اھميت جا گڻ ڳايا. مون بغير ڪنھن ڊپ ۽ ڊاءُ جي ورندي ڏيندي چيم ته منھنجي زندگي جا ڏاڪا برابر ناھن. نه مان ٻار آھيان جيڪي ٻنھي جھانن جي خوف کان آزاد آھن ۽ نه ڪا عمر رسيده پوڙھي جيڪا پڄاڻي تي اچي آخرت جي خوف کان جنت جي لالچ ۾ دعائون گھري. منھنجي مٿي تي ڪاميابي جو جنون ۽ پيرن ھيٺ ناڪامي جي دھشت آھي. مان زندگي جي ان حصي ۾ آھيان جتي ذھني ڇڪتاڻ سان گڏوگڏ حياتي جو ھر پڙائو جاکوڙ جو منتظر آھي. مان ھڪ عورت به آھيان ۽ شايد ھن دور ۾ عورتن جا حالات بيحال ۽ انھن جون مشڪلاتون ۽ تڪليفون پريشان ڪن آھن. عورت جي اھميت ۽ ان جا جذبا ھڪ عورت ئي سڃاڻي سگھي ٿي. جيڪڏهن عورت سموري دنيا جي حڪمران هجي ته دنيا ۾ وحشت کان وڌيڪ محبت ھجي ها. ڇو ته عورت نفيس طبيعت رکندي به بهادري جو اُھڃاڻ آھي. جنگيون ختم ٿي وينديون. دنيا ۾ وڌيڪ خوبصورتي ھوندي. بيشڪ رڳو فيشن هوندو، ماڊلنگ هوندي، پر هٿيار، ايٽم بم، هائيڊروجن بم وغيره ختم ٿي ويندا. ڪابه عورت بارود ۽ هٿيارن سان دلچسپي نٿي رکي. جنگ دنيا مان گم ٿي ويندي. اهي ڪپڙن، زيورن، سونھن ۽ خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿيون ۽ اُهي دلچسپيون سٺيون هونديون آهن. اُهي توهان کي وڌيڪ وقت تائين زنده رکن ٿيون. مرد جون دلچسپيون ڏاڍيون خطرناڪ هونديون آهن، سياست، مذهب، معشيت ۽ اهي ڳالهيون، وڌ کان وڌ خطرا پيدا ڪندڙ آهن، ڪنهن ٻئي جي ڀيٽ ۾ انسانيت جي نانءُ تي وڌيڪ خطرا پيدا ٿيا آهن. ٽن هزار سالن ۾ پنج هزار جنگيون ٿي چڪيون آهن ۽ ڪابه جنگ عورت نه ڪرائي ھئي. “ڇا تون مون کي محض ان ڪري مارڻ ٿي چاھين ته مان ھڪ مرد آھيان؟”
“نه!” مون حقيقي زندگي کي سامھون رکندي ميراث کي سمجھايو. “تون ھڪ ڪوڙو سچ آھين، لاحاصل آھين، بي معنيٰ ۽ اسڦل آھين. توکي شايد مان ۽ صرف مان ئي سڃاڻان ٿي. ھن دنيا کي تنھنجي خبر ناھي، جي خبر ھوندي تڏھن به ڪو اعتبار ڪونه ڪندو. مان حال ۾ صداقت سان رھڻ چاھيان ٿي. مري وڃ يا جدا ٿي وڃ مگر مون کي آزاد ڪر ھن خيالي ۽ بي سود جڳت مان.” منھنجي ميراث سان الوداعي گفتگو جاري ھئي جتي مون کي ان جي غير موجودگي جو به احساس نه ٿيو ۽ وري بارش ٿڌ کي کڻي مون کي حقيقت سان روبرو ڪرايو ۽ مان ھن دفعي ميراث کي دفنائي اصل خلقت ڏانھن رواني ٿيس.! ميراث، منھنجي خيالن جو ڪردار. ھر خيال ۾ نئين ھنڌ ھڪ الڳ واقعي سان گڏ مختلف نالي ۽ نقش سان ملي. ان جو آواز، نقش نگار ۽ مزاج جيڪي بي مثال ھئا. جنھن جي تلاش ۾ مان ڪئي ڀيرا حقيقي دنيا ۾ رليس مگر ھر ڀيرو ناڪام. منھنجي ان روحاني دنيا کان سواءِ ٻيو ڪٿي به مان ان کي ڳولھي نه سگهيس. ميراث ڏسڻ ۾ ھڪ عام انسان مگر ھن جو ھن عام دنيا ۾ ملڻ ناممڪن بڻجي ويو.
***

