ڪهاڻيون

ڀِتيون کڄي ويون انور ابڙو June 2021

سڀ ڳوٺاڻا پاڻ ۾ ويجها مائٽ هئا. هِنن جو ڳوٺ سندن تڙ ڏاڏي لالڻ پنهنجي زمينن تي هڪ صدي اڳ ۾ ٻَڌو هو. هو ويهن پنجويهن گهرن تي مشتمل ڳوٺ ۾ انتهائي پيار ۽ محبت سان رهندا هئا. سڀني جون خوشيون ۽ غم گڏيل هئا. جيڪڏهن ڪنهن هڪ خاندان جي نوجوان جي شادي ٿيندي هئي ته گهوٽ جي گهر سان گڏ سڄي ڳوٺ جي گهرن ۾ سهرا ڳائجڻ شروع ٿي ويندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن جي فوتگي ٿيندي هئي، ته سڀني گهرن ۾ تڏو وڇائجي ويندو هو. ان دوران فوتيءَ جي گهر وارن کي تڏي وارا ٽي ڏينهن سانجهڻ ڪرڻ نه ڏيندا هئا. ٻين گهرن وارا ڪانڌپو ڪرڻ سان گڏ تعزيت تي ايندڙ ماڻهن جي کاڌي پيتي ۽ هنڌ بستري جو بندوست ڪندا هئا.

فصل تيار ٿين ته وانگارون ڪري هڪٻئي جي مدد ڪن ۽ سياري جي مُند اچي ته ننڍا وڏا رانديون ڪن، راڳ ڪرائين، ناچ ڪرائين. اوطاقون آباد… مهمانن جي پيههَ… هڪڙا اچن، ته ٻيا وڃن… خوشيون بي انت…

ڪنهن جي به اک ۾ ميرُ نه هو. سڀني گهرن جون عورتون ۽ جوان ڇوڪريون، سڀني جون نياڻيون ليکبيون هيون ۽ نوجوان به انهن کي ڏسي پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيندا هئا. سڀني جو هڪڙو ئي اڱڻ هو… سڀني جا ٻار، عورتون ۽ مرد هڪٻئي جي گهرن ڏانهن ائين ايندا ويندا هئا، جيئن پنهنجن گهرن ڏانهن اچبو وڃبو آهي… مردن جي وات تي، هر عورت لاءِ؛ “امان…امان…،” “ڌيءَ… ڀيڻ….” جا لفظ ۽ هر عورت جي زبان تي هر مرد لاءِ، “ادا…ادا….” “چاچا…. ماما…” جا لفظ…

ڪچڙي منجهند جو مايون، ڳوٺ جي چڱي مڙس علڻ خان جي گهر اچي گڏ ٿين… پوءِ زماني جون ڳالهيون به ٿين، هٿ سان ٽوَپو به ڏجي، رليون به سبجن…. سلائيءَ واري مشين تي ٻارن جا ڪپڙا به سبجن…. ڀرت به ڀرجن، هٿ جي مشين تي سَيون به ٺاهجن، مرچ به وڏين اُکرين ۾ ڪُٽجن، ڇوڪرين جي مٿي مان لِيکون به ڪڍجن، ڪراڙين عورتن جي مٿي ۾ ميندي به وجهجي ته آهستي آهستي ڪا عورت ڪنڌ هيٺ ڪري، ٽوپو ڏيندي، پنهنجي ٿيندڙ گهوٽ پُٽ جا سهرا به ڳائي…

”گهوٽ منهنجو پيارو

اڇي وڳي وارو

ڪيڏو ٺهي ٿو ڪنوار سان…”

پوءِ آهستي آهستي، جيئن ئي انهن گهرن جا وڏا هڪٻئي پٺيان گذاريندا ويا ته ڳوٺ جي نئين پوشِ جي سوچ ئي بدلجي وئي. سندن رويا ئي بدلجي ويا. سندن ڪم ڪارِ بدلجي ويا… هرڪو پاڻ کي وڏو سمجهڻ لڳو. ڪنهن جي به ڪنهن وٽ ڪاڻ نه رهي… ڪنهن جي به عزت نه…. چورَ، جُواري، لُچَ ۽ لوفر پيدا ٿي پيا. سندن هڏ ويهجي ويا. ڪمائڻ کان آڱوٺو… سڄي ڳوٺ جا ننڍا وڏا مرد، سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويٺل… ۽ هٿن ۾ موبائيل فونون کنيل… خرچ وڌي ويا… آمدني گهٽجي وئي. ٻارَ گهٽين ۾ رُلڻ لڳا… مسجد ويران ٿي وئي… اسڪول بند ٿي ويو….

پوءِ جڏهن ٻارَ پاڻ ۾ وڙهيا ته پهريون ڀيرو وڙهندڙ ٻارن جي مائرن پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو… ان بعد وڏا وڙهيا… بندوقون، ڪهاڙيون ۽ لَٺِ باٺو هليو. ڪي ڦَٽيا، ڪي ٿاڻن تائين ڇِڪجي پهتا… هڪٻئي کي حرجي ڪيائون… نفرتون چوٽِ چڙهي ويون…. ائين ڏسندي ڏسندي سڀني گهرن اڳيان وڏيون ڀِتيون کڄي ويون…. هر ڪنهن جو پنهنجو مُهارو ٿي ويو…. ڪنهن کي به ڪنهن جو مُنهن نه ٿي وڻيو.

هڪ ئي ڳوٺُ ٻن وِيڙهنَ ۾ ورهائجي ويو: هڪڙو ڏکڻ ۽ ٻيو اتر وارو وِيڙهو. ڏکڻ جي ويڙهي وارن پنهنجي اوطاق ٺاهي ورتي. ان ئي ويڙهي ۾ ساجوءَ نالي جيڪو چورٽو هو، اُهو هاڻي وڏو ڪاٽڪو بڻجي چڪو هو. اُن ٻاهريان چورَ وٺي اچي، اتر جي ويڙهي وارن، جنهن ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس علڻ خان جي پٽ عظيم ۽ ان جي چاچن جا گهر هئا، جي ٻه دفعا چوري به ڪرائي. چوري مٿس ثابت به ٿي، پر هو قسم کڻي ويو.

ڏکڻ واري ويڙهي وارن ئي عظيم جي ننڍي ڀاءُ رحيم بخش تي ڪارنهن جو الزام هنيو. وڏيري وٽ ٿيل فيصلي ۾ هُنن ٽي لک رپيا ورتا… ساڳئي ويڙهي وارن عظيم جي چاچي جي هڪ پلاٽ تي اول پلال رکيو، پوءِ ان تي قبضو ڪيو… منجهن وِٿيون وڌي ويون…

عظيم پنهنجي ڳوٺ جو اڪيلو پڙهيو لکيو نوجوان هو، جيڪو يونيورسٽي ۾ سوشل ڊولپمينٽ ۾ ماسٽر ڪري رهيو هو ۽ ان جي آخري سال ۾ هو، تنهن ڳوٺاڻن کي پاڻ ۾ ڀائر ٿي رهائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، پاڻ سان ٿيل زيادتين تي سُنُ کاڌو، صبر ڪيو، درگذر ڪيو، پر ڏکڻ جي پاڙي وارن سندس چيو نه ڪيو. اُلٽو کيس، پَرپُٺ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا.

عظيم جو والد علڻ خان ٻه سال اڳ ۾ ڊسمبر مهيني ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن کانپوءِ حد جي ٿاڻي جي پوليس عظيم جو، سندس والد جي ڪري، خيال رکندي هئي ۽ هو جڏهن به يونيورسٽيءَ مان ڳوٺ ايندو هو ۽ ٿاڻي تي ڪنهن ڳوٺ واري جو ڪم هوندو هو ته هي انهن جو مسئلو حل ڪرائي وٺندو هو.

علڻ خان به ساجوءَ کي ٻه ٽي دفعا پوليس ٿاڻي تان ڇڏايو هو، پر هاڻي ته هُن سڄو تَرُ تپائي ڏنو هو. هُو ڀرواري ڳوٺ جي چورَ سهراب سان گڏجي ڏينهن ڏِٺي جو به موٽرسائيڪلن جي ڦُر ڪرڻ لڳو هو.

هڪ ڏينهن هو سج لٿي مهل شهر مان موٽرسائيڪل تي ڳوٺ آيو پئي ته رستي تي گشت ڪندڙ پوليس کيس پڪڙي ورتو. تڏهن به عظيم، هن جي ڪراڙي امڙ جي ايلاز منٿون ڪرڻ تي کيس ٿاڻي تان ڇڏائي آيو هو.

اڄ ڳوٺ ۾عظيم جي پٽ فرقان جو طُهر هجي. راڄ ڀاڳَ جا ماڻهو مهمان بڻجي ڳوٺ ۾ آيل هجن… هڪ وڏي خوشيءَ جو ماحول هجي. عظيم ڏکڻ واري ويڙهي وارن کي به پنهنجيءَ خوشيءَ ۾ شريڪ ڪيو هو.

منجهند ڌاران پوليس وين تي حد جي ٿاڻي جو انسپيڪٽر سليمان ٽن سپاهين سميت اچي عظيم جي اوطاق تي پهتو. مهمانن سمجهيو ته اهي به ساڏي آهن، ڇوته انسپيڪٽر سليمان ڀرواري ڳوٺ جي رهاڪو غلام عليءَ جو پٽ هو، جنهن جي؛ عظيم جي والد علڻ سان گهري دوستي رهي هئي. اهي ٻئي جوانيءَ ۾ والي بال راند به گڏ کيڏيا هئا ته هڪٻئي جون دعوتون به کائيندا رهيا هئا ۽ واقعي اُنهن کي عظيم جي پٽ جي طُهرن جو سڏ به هو، پر هِن وقت هُو سڏ ڀرڻ نه آيا هئا، پر پنهنجو فرض نڀائڻ آيا هئا.

عظيم اُٿي وڃي انسپيڪٽر سليمان ۽ ٻين سپاهين سان مليو. کين وٺي اچي پنهنجي اوطاق جي هڪ ڪمري ۾ ويهاريائين. اُتي جيڪي مهمان ويٺا هئا، سي اُٿي ٻاهر ورانڊي ۾ وڃي ويٺا.

انسپيڪٽر سليمان؛ رسمي حال احوال ڪرڻ کانپوءِ عظيم کي ٻڌايو ته: “رات ڀرواري ڳوٺ مان چوري ٿي آهي ۽ گهر ڌڻين ساجوءَ تي ان جو شڪ ڏيکاريو آهي، سو اسان ساجوءَ کي وٺڻ آيا آهيون.”

عظيم کيس چيو ته: “اڄ منهنجي پٽ جو طُهر آهي. خوشيءَ جو هڪ موقعو آهي، جنهن ڪري اهو مناسب نه ٿيندو ته هُن کي هِتان گرفتار ڪري وٺي وڃو. ٻاهريان مهمان به آيل آهن. انهن تي به خراب اثر پوندو. مان پاڻ سڀاڻي هُن کي ٿاڻي تي وٺي ايندس.”

هن انسپيڪٽر سليمان کي به طُهرن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، پر هو اهو چئي کانئس موڪلائي ويا ته: “کين ٻئي پاسي به وڃڻو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه ڏينهن کان سندن حد ۾ چوري ۽ ڦر جون ڪافي وارداتون ٿيون آهن، باقي هن جو پٽ شام جو سڏ ڀرڻ ايندو.”

انسپيڪٽر سليمان وارا چانهه پي روانا ٿي ويا.

پوليس وارن جي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺاڻا پريشان هئا ته الائي ڇو پوليس آئي هئي؟ ڪِن کي ته شڪ هو ته اها ساجوءَ جي ڪري ئي آئي هوندي. عظيم، انسپيڪٽر سليمان کي سندن وين وٽ ڇڏي اچي ورانڊي ۾ کٽ تي ويٺو. سندس وڏو چاچو حمزو ۽ ڳوٺاڻا به اُتي ويٺا هئا. جيڪي ماڻهو ٿورو پَر ڀَرو ويٺا هئا، سي به سُري هنن جي ويجهو آيا. انهن مان ڪي ويٺا، ته ڪي بيٺا. سڀئي ان انتظار ۾ هئا ته عظيم کين پوليس جي اچڻ جو ڪهڙو سبب ٿو ٻڌائي.

عظيم سڀني تي هڪ نظر وڌي، پوءِ ساڻن مخاطب ٿي چوڻ لڳو: “پوليس انڪري آئي هئي جو ڀر واري ڳوٺ مان رات چوري ٿي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو ساجوءَ کي وٺڻ آيا هئا، ڇو ته جن جي چوري ٿي آهي، انهن ساجوءَ جو نالو کنيو آهي. مون پنهنجي پٽ جي طُهر جي ڪري انهن کي موٽائي ڇڏيو، پر انهن سان مون اهو واعدو ڪيو آهي ته مان پاڻ سڀاڻي ساجوءَ کي ٿاڻي تي وٺي ايندس.”

ساجو به ان موقعي تي موجود هو، جيڪو ڪنڌ هيٺ ڪري عظيم جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو.

عظيم کين وڌيڪ چيو: “ڏسو، مان سڀاڻي ساجوءَ کي ٿاڻي تي وٺي ويندس ۽ پوليس وارن کي چئبو ته هُو هن کي ڪجهه نه چون، پر هُو اها ڌمڪي ڏيئي ويا آهن ته جيڪڏهن ساجو ڏوهه ڪرڻ کان باز نه آيو ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن به جوئا کيڏڻ ۽ منشيات کپائڻ سان گڏ سنهي ٿلهي چوري چڪاري ڪرڻ نه ڇڏي ته هو ڳوٺ ۾ هڪ وڏو آپريشن ڪندا. سو هاڻي اوهان تي آهي ته يا سُڌري وڃو يا وري انهن حالتن کي مُنهن ڏجو، جيڪي اوهان کي پيش اينديون… مان اوهان لاءِ ان کان وڌيڪ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان. اڳي بابا سائين هوندو هو ته هُو اوهان جي معاملن کي پيو سنڀاليندو هو، پر مون کي پڙهڻو به آهي ۽ مان ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ وري واپس يونيورسٽيءَ ويندس. مون کي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻي آهي… رڳو توهان جي ڪري هِتي ويٺو نه هوندس.”

پنهنجي ڳالهه پوري ڪري عظيم سڀني ماڻهن تي نظر وڌي. سڀ ڳوٺاڻا پريشان ۽ شرمندا هجن، خاص طور ٻاهرين مهمانن جي سامهون هنن پوليس جي اچڻ کي پنهنجي لاءِ وڏي بيعزتي پئي سمجهيو.  اڄ عظيم کي به مهمانن جي سامهون ڳوٺ وارن کي لفظي مارَ ڏيڻ جو هڪ وڏو موقعو ملي ويو هو، ڇاڪاڻ جو هن سمجهيو پئي ته مهمانن جي موجودگيءَ ۾ هو ڪجهه به ڪڇي نه سگهندا ۽ خوار به ٿيندا- ۽ جيڪڏهن منجهن ٿوري به غيرت هوندِي ته اڄ کانپوءِ سڌري ويندا.

عظيم وري ڳالهايو: “ڏسو، اڳ ۾ اسان جي ڳوٺ جي؛ سڄي تَر ۾ ڪيڏي نه نيڪي هئي، پر هاڻي سڀ اسان جي ڳوٺ کي حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا. اوهان اسان جي وڏن جي سڄي ڪَئي ڪمائي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي آهي. اسان جا وڏا بزدل نه هئا. هُو توهان اسان کان وڌيڪ بهادر هئا. ڪوبه ناجائزي ڪندو هو ته ان کي اهڙو سبق سيکاريندا هئا جو هُو وري ڪابه حرڪت ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندو هو، پر اسان جا وڏا پاڻ ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ڪندا هئا. ڪا اڳرائي ڪري ڪنهن سان ڪونه وڙهندا هئا ۽ حق حلال جو ڪمائي کائي، ڪنڌ مٿي کڻي گهمندا هئا، پر هاڻي ته اسان جو اوهان ڪنڌ ئي جهڪائي ڇڏيو آهي.”

عظيم ڳالهائي بس ڪئي ته ڳوٺ جي وڏي عمر واري اڪيلي شخص ۽ عظيم جي چاچي حمزي، عظيم جي ڳالهين جي تائيد ڪندي ڳوٺاڻن کي چيو: “بابا، عظيم صحيح ٿو چوي. اڃا به وقت ناهي ويو… هاڻي به اوهان پاڻ کي سڌاري سگهو ٿا… جيڪڏهن اڃا به اوهان پنهنجا پيرَ سنڀالي نه کنيا ته پوءِ اوهان کي ڪير به بچائي نه سگهندو. پنڻ جهڙا ته اڳ ۾ ئي ٿي ويا آهيو. مون کي ٻڌايو ته ڪهڙو ڳوٺ وارو آهي، جنهن تي قرض ناهي؟… سڀ قرضي آهيو ۽ ڪي ته وياج ۾ ايترا ته وٺجي ويا آهن جو سڀاڻي جيڪڏهن اهي پنهنجون مايون به کپائين، تڏهن به وياج ڀري ڪونه سگهندا…” چاچو حمزو جذباتي ٿي ويو.

اوطاق ۾ ويٺل توڙي بيٺل ننڍن وڏن ڳوٺاڻن ۽ ٻاهرين مهمانن تي ماٺ ڇانئجي وئي. ساجو، جيڪو ڀرسان اوطاق جي هڪ ٺُلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڪنڌ هيٺ ڪري عظيم ۽ سندس چاچي حمزي جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، اهو به آهستي آهستي ڪري اڳتي وڌي اچي چاچي حمزي جي پيرن ۾ ويٺو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ان کي چوڻ لڳو: “چاچا، منهنجي ڪري اوهان کي ايتري تڪليف پهتي آهي، ان لاءِ مون کي هي ڀيرو معاف ڪيو. اڳتي اوهان کي مون کان ڪابه شڪايت نه ٿيندي. بس هي دفعو معاف ڪريو… مان سڀاڻي عظيم سان گڏجي ٿاڻي تي به ويندس. ڀل مون کي ٽِيپ اچي وڃي، پر هاڻي مان ڪنهن به ڏوهه جي ويجهو نه ويندس.”

ٻين ڳوٺاڻن به يڪ آواز واعدو ڪيو، “اڄ کانپوءِ اسان نه جوئا کيڏندا ۽ نه وري چرس پيئنداسين ۽ نه چرس کپائينداسين.”

عظيم ۽ چاچي حمزي جي چهري تي مرڪ اچي وئي. عظيم ڳوٺاڻن کي چيو: “مان سڀاڻي ساجوءَ جو معاملو ٿاڻي تان حل ڪرائي ايندس. پوءِ مان هن کي پاڻ سان گڏ ڪراچي وٺي ويندس، جتي ڪنهن فيڪٽري ۾ ڪم تي لڳرائيندوسانسِ ۽ پنهنجي ڳوٺ وارو جيڪو اسڪول بند پيو آهي، اهو به کولرايون ٿا. اوهان سڀ پنهنجا ٻار اسڪول ضرور موڪلجوَ… اهي پڙهي پوندا ته پوءِ ڪير به ساجوءَ جهڙا پيرَ نه کڻندو.”

سڀني ها ڪئي… ڳوٺاڻن جي ها ڪرڻ وقت سڀني جي چهري تي خوشي پکڙجي وئي. هُنن ڄڻ ته هڪ نئين زندگي گذارڻ جو هڪ وڏو فيصلو ڪري ورتو هو.

ان مهل طُهر تي آيل گل مڱڻهار ۽ سندس ساٿين دهل وڄائڻ شروع ڪيا. عظيم اُٿي اُنهن تان پئسا گهورڻ لڳو. ٻيا ڳوٺاڻا به اُٿي پئسا گهورڻ ۽ جهمريون هڻڻ لڳا…

بعد ۾ ڳوٺاڻن جيڪي اڳ ۾ ڀِتيون کنيون هيون، سي به ڊاهي ڇڏيون ۽ سڀ هڪ ٿي ويا.