مٽيءَ جو من ۽ مستيءَ جو تن

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

مٽيءَ جو من ۽ مستيءَ جو تن

الطاف شيخ

پنهنجن اخباري ڪالمن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪوبه نالي وارو تعليمي ادارو شاگرد جي شاندار ڪاميابيءَ جو ذميوار ناهي، پر پنهنجي ماستري (Teaching) تجربي مان ان راءِ تي پهتو آهيان ته شاگرد جي امتحانن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو سبب سٺو ٽيچر، شاگرد تي لڳاتار نظر رکندڙ والدين ۽ شاگرد پاڻ آهي. ڪنهن ڏڏ ۽ سست شاگرد کي ڪهڙي به مشهور ڪاليج ۾ رکو هو ڪو ٻوٽو نه ٻاريندو…. ويتر ڪاليج کي بدنام ڪندو. اهوئي سبب آهي جو ناموس وارا ڪاليج هر شاگرد کي داخلا ڏيڻ بدران جاچي جوچي، انٽري ٽيسٽ وٺي پوءِ ٽاپ جا شاگرد کڻن ٿا ۽ ماستر به محنتي، ايماندار ۽ devoted رکن ٿا ۽ والدين کي گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن جي monitoring ڪن يعني انهن تي لڳاتار نظر رکن ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن محنتي ۽ هوشيار ٻار خراب سنگت ملڻ تي کرجيو پون ۽ هنن جي دلچسپي پڙهائيءَ تان هٽي ٻين ڳالهين تي هليو وڃي.

سٺي ۽ ناموس واري تعليمي اداري جو اهو فائدو ضرور آهي جو ان ۾ جن چونڊيل شاگردن کي رکيو وڃي ٿو اهي اڳتي هلي وڏين نوڪرين ۽ وڏين ڳالهين جا مالڪ ٿين ٿا جن سان پڙهائي دوران دوستي يا ساڳي ڪاليج ۾ هجڻ جو احساس سڄي زندگي رهي ٿو. بنارس ۾ مٺائي جي دڪان تي مليل ملائيشيا جي شاگرد جي والد به اهو سوچي پنهنجي پٽ کي انڊيا جي هن “بنارس هندو يونيورسٽي” ۾ موڪليو هو جيئن هن کي پرديس ۾ اڪيلو رهڻ سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن سان پڻ interaction ٿي سگهي… جو هن BHU ۾ ٽيهن کان مٿي ملڪن جا شاگرد پڙهن ٿا. هن انڊيا ۾ پنهنجي پٽ کي ان ڪري به موڪليو هو جو هِتي جا ڪيترائي تعليمي ادارا… خاص ڪري هي BHU آڳاٽي آهي، ڊسيپلين ۽ تعليم جو معيار مٿانهون آهن… مڪاني شاگردن، يعني انڊين کي تعليم سان دلچسپي آهي ان ڪري انڊيا جي تعليمي ادارن ۾ علم پرائڻ جو ماحول آهي… هو پنهنجي پٽ کي انگلينڊ، آمريڪا يا آسٽريليا به موڪلي سگهيو ٿي، پر هڪ ته انڊيا ملائيشيا وارن کي ويجھو آهي، روزانو ڪيتريون ئي اڏامون انڊيا وڃن ٿيون، امن امان جي حالت به بهتر آهي…. خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ ۽ هِتي جي تعليمي ادارن جي داخلا، ٽيوشن ۽ هاسٽل ۾ رهائش جي گهٽ في آهي ۽ کاڌو پيتو پڻ يورپ جي ملڪن کان ته سستو آهي، پر ملائيشيا کان به گهڻو سستو آهي.

سو ڪنهن سٺي ۽ ناليري اسڪول ۾ پڙهڻ وارو هميشه پنهنجي identity ان تعليمي اداري سان وابسته ڪندي فخر محسوس ڪري ٿو… جيئن عليڳڙهه مان پڙهڻ وارا اسان جا وڏا پاڻ کي عليڳ سڏرائيندي فخر محسوس ڪن ٿا اهوئي حال هندستان جي هن آڳاٽي (هڪ صدي پراڻي) تعليمي اداري “بنارس هندو يونيورسٽي” جو آهي جن مان هيستائين انيڪ اهم ماڻهو پڙهيا.. بالي ووڊ فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار به دعوتن يا سماجي گڏجاڻين ۾ اڪثر فخر سان ٻڌائيندو آهي ته هن جو پتا (هري ونش راءِ بچن) BHU جو گريجوئيٽ آهي. هري ونشراءِ پنهنجي پٽ اميتاڀ جي ڪري مشهور ماڻهو ناهي، پر هو پنهنجي قابليت ڪري به اهم آهي. پاڻ 1907ع ۾ پرتاب ڳڙهه جي هڪ ڳوٺ راڻي گنج ۾ ڄائو ۽ 96 ورهين جي ڄمار ۾ 2003ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سٺو شاعر ۽ اَديب هو جنهن کي سندس ادبي خدمتن ڪري پدما پوش ايوارڊ مليو. هن مهاتما گانڌي جي اثر هيٺ ملڪ جي آزادي واري تحريڪ ۾ حصو ورتو، پر پوءِ ان کي ڇڏي هن اچي الهه آباد يونيورسٽي ۾ ماستري ڪئي جِتي هن ڏهه سال کن 1941ع کان 1952ع تائين اتي جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو. ان بعد هو انگلينڊ هليو ويو جِتي هن ڪئمبرج يونيورسٽي مان Ph.D ڪئي.

ان بعد انڊيا موٽڻ تي هن وري ماستري شروع ڪئي ۽ ان سان گڏ آل انڊيا ريڊيو، الهه آباد ۾ نوڪري ڪئي.

1926ع ۾ جڏهن 19 ورهين جو هو ته هن شياما نالي 14 ورهين جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جيڪا ڏهه سالن بعد گذاري وئي ان بعد هن 1941ع ۾ تيجي نالي عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻه ٻار ٿيا، اميتاڀ ۽ اجيتاڀ. دهلي ۾ فارين منسٽري ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن جي نهرو فئملي سان دوستي ٿي جيڪا اڄ ڏينهن تائين سندن اولاد ۾ پڻ هلندي اچي.

هري ونشراءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان پهرين شاعري جي ڪِتاب “مڌ شالا” (شراب جو دڪان) هن کي تمام گهڻي مشهوري ڏني. هي ڪِتاب 1935ع ۾ هندي زبان ۾ ڇپيو جنهن جو بعد ۾ انگريزي، بنگالي، مراٺـي، مليالم ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿيو. سندس چئن واليومن تي هندي ۾ لکيل آٽوگرافي: “ڪيا بهولون ڪيا ياد ڪرون” جيڪا 1969ع ۾ ڇپي ان کي لنڊن يونيورسٽي جي ڊاڪٽر رُپرٽ سنيل ننڍو ڪري هڪ ويليوم ۾ “In the after noon of time” جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو.

بنارس هندو يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته هري ونشراءِ بچن ماڻهن سان بيحد نيازي سان ملندو هو ۽ ڌارين سان ملڻ مهل پنهنجو پاڻ لاءِ چوندو هو ته “مٽي ڪا تن، مستي ڪا من، ڪشان بهر جيون…. ميرا پاريچي…”

(A body of clay, a mind full of play, a moment’s life that is me”

ان تان ياد آيو ذوالفقار علي ڀٽو جي پارسي دوست پيلو (Piloo) موديءَ جو ڀاءُ رُسي (Russi) مودي جو پڻ بنارس هندو يونيورسٽي سان واسطو هو. هي ڀائر ۽ ڪالي مودي انڊيا جي هڪ وڏي تاجر سر هومي (Homi) مودي جا پٽ هئا. سندس اصل نالو سر هور مسجي پيرو شاهه مودي هو ۽ هو 1881ع ۾ڄائو (يعني جناح صاحب کان 5 سال ننڍو ۽ نهروءَ کان 8 سال وڏو هو).

هومي موديءَ پنهنجو ڪيريئر وڪالت سان سان شروع ڪيو هو. 1913ع ۾ بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن جو چيئرمين ٿيو. ياد رهي ته انهيءَ دور ۾ سن 1918ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪائونسلر پڻ هڪ پارسي جمشيد نسروانجي مهتا ٿيو جيڪو پوءِ اڳتي هلي سن 1933ع ۾ KMC جو پهريون ميئر چونڊيو جنهن ڪراچي شهر کي اهڙو ته ٺاهي ڇڏيو جو سندس مثال اڄ به ڏنا وڃن ٿا. هي صاحب يعني جمشيد نسروانجي جناح صاحب کان 10 سال ۽ هومي مودي کان 5 سال ننڍو هو.

هومي مودي واپار، ڊپلوميسي ۽ خير خيراتن جي دنيا ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو ۽ سندس نالو هڪ طرف انڊيا کان هانگ ڪانگ تائين مشهور هو ته ٻئي طرف انگلينڊ ۽ فرانس تائين. کيس برطانيه حڪومت طرفان KBE يعني نائيٽ ڪمانڊر آف دي آرڊر آف دي برٽش ايمپائر عطا ڪيو ويو. پاڻ انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جو 14 سال ميمبر ٿي رهيو. ننڍو هو ته انٽر بعد بمبئي ۾ هن پرنٽنگ پريس لڳائي انگريزي جي اخبار جاري ڪئي. سندس مامي جهانگير بخشي جو هانگ ڪانگ ۾ Buxey & co نالي ڪاروبار هو. هن 1860 ڌاري هومي مودي کي هانگ ڪانگ ۾ گهرائي ڪاروبار ۾ لڳايو جنهن ۾ هي بيحد ڪامياب ثابت ٿيو. هن مامي جا ۽ پنهنجا ڪيترا وڏا وڏا سودا ۽ ٺيڪا کڻي تمام گهڻي دولت ڪمائي. هن انڊيا توڙي هانگ ڪانگ ۾ ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا. هانگ ڪانگ ۾ جيڪو “سي مينس ڪلب” آهي جنهن ۾ اسين جهازي سستي اگهه تي رهون ٿا، هومي موديءَ ٺهرايو. وڪٽوريا پارڪ ۾ جيڪو راڻي وڪٽوريا جي مورتي (Statue) آهي اهو مودي صاحب هن راڻي جي جوبلي جي موقعي تي هانگ ڪانگ حڪومت کي گفٽ ڪيو. پاڻ (مودي صاحب) هانگ ڪانگ، ڪئنٽن ۽ مڪائو جي پارسين جي Charity funds  جو صدر به ٿي رهيو. موديءَ جي سڀ کان وڏي خدمت ۽ ڪارنامون هانگ ڪانگ جي يونيورسٽي آهي. انهن ڏينهن ۾ هرهڪ اهو ٿي سوچيو ته هانگ ڪانگ هڪ ڪمرشل شهر آهي جنهن ۾ هرهڪ کي رڳو پئسي ڪمائڻ جو فڪر آهي ۽ پڙهائي يا تعليم جو هِتي ڪهـڙو ڪم، پر هومي مودي ان وقت جي هانگ ڪانگ جي گورنر سر فريڊرڪ لگارڊ ۽ هن جي زال جي خواهش تي هن يونيورسٽي جي ٺهرائڻ جي حامي ڀري ۽ سمورو خرچ پاڻ ڏنائين. منهنجي خيال ۾ هن يونيورسٽي جي ٻمڀ وٽ مودي صاحب جي بسٽ جو اسٽئچو پڻ آهي يا شايد آڊيٽوريم ۾ رکيل آهي… هن وقت ياد نه پيو اچي. 1969ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس مڙهه هانگ ڪانگ جي پارسين جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي. هي اهو سال آهي جنهن ۾ منهنجو هانگ ڪانگ پهريون دفعو وڃڻ ٿيو ۽ ان بعد هن يونيورسٽي ۽ ٻين فنڪشنن ۾ منهنجو هانگ ڪانگ جي سنڌي بزنس مئن ۽ هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ انگريزي ۾ Indian نالي رسالي جي ايڊيٽر ڪي سيتل سان گڏ وڃڻ ٿيندو رهيو جن مان ٻن ٽن ۾ موديءَ جي  زال ماڻڪ ٻائي سان به ملاقات ٿي. پاڻ ٻڌايو هئائين ته هوءَ پهرين پارسي عورت آهي جيڪا هانگ ڪانگ ۾ اچي رهي. ان کان اڳ پارسي واپاري پنهنجين زالن کي گجرات ۾ ڇڏي ٻين ملڪن ڏي اڪيلو ويندا هئا. هومي مودي نالي بمبئي ۾ هڪ روڊ ۽ هانگ ڪانگ ۾ روڊ ۽ پارڪ جو نالو آهي. سندس انگريزي ۾ لکيل ڪِتابن مان ٽي تمام گهڻو مشهور آهن.

The Political Future of India

Biography of Feroze Shah Mehta

Wise and other wise

هومي مودي جو تفصيل سان احوال پنهنجي هانگ ڪانگ واري سفرنامي “وايون وڻجارن جون” ۾ ڏيئي چڪو آهيان هِتي مون فقط اهو ٿي ٻڌائڻ چاهيو ته سندس هڪ پٽ رُسي مودي بنارس هندو يونيورسٽي جو گريجوئيٽ آهي. جيڪو انڊيا جي امير بزنس ۽ مينوفيڪچرنگ ڪمپني ٽاٽا جو چيئرمين ٿي رهيو. کيس ميوزڪ جو به شوق هو ۽ هن بابت اها ڳالهه مشهور آهي ته هو جڏهن آڪسفورڊ ۾ هو ته اتي مشهور سائنسدان آئن اسٽين (Einstein) سان گڏ واندڪائي ۾ هارمونيم وڄائيندو هو ۽ آئنسٽن وائلن وڄائيندو هو. مودي صاحب جو ٻيو پٽ پيلو مودي ڪاليج جي ڏينهن ۾ ذوالفقارعلي ڀٽو جو دوست ۽ روم ميٽ هو. پيلو مودي بنيادي طرح آرڪيٽيڪٽ انجنيئر هو. سندس نالي سان اوڙيسا جي شهر Cutack ۾ “پِيلو مودي ڪاليج آف آرڪيٽيڪچر” پڻ  آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments