نئون جنم ڪهاڻي زاهد منگي December 2021

جيتوڻيڪ مان ساهه ته هن زماني ۾ کڻان ٿو، پر مان پاڻ کي پراڻي زماني جو ماڻهو سمجهندو آهيان. نه رڳو سمجهندو آهيان پراڻين شين سان پيار به ڪندو آهيان. مان نيون شيون وٺي پراڻين شين کي ختم ڪرڻ جو قائل ناهيان. منهنجي زال مون سان روز ڦڏو ڪندي آهي. گهر جو هي ٽپڙ ناڪارا ٿي ويو آهي ڪٻاڙيءَ وٽ کپائي اچ، هن جي اها ڳالهه ٻڌي.

مان سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويندو آهيان رڙيون ڪري چوندو آهيانس. ڇو کپايان؟ پنهنجو رت ست ڏيئي ورتيون هيم. اهي شيون مهل تي ڪم آيون. هاڻي انهن کي کپائي ڇڏيان.!؟ پوءِ هوءَ ڪاوڙ ۾ اها شيءِ اتي اڇلائي اکيون ڦوٽاريندي هلي ويندي آهي. هڪ دفعي بجلي وارو پکو کڻي آئي چيائين، هاڻي سولر اچي ويو آهي. هي پکو ڪم جو ناهي کپائي اچ.  مون پکي ڏانهن نهاريو ته ماضيءَ ڏي موٽي ويس. امان گهر جي ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ تاڪي رکي مٿان ان کي گاري سان لنبي ڀانڊارو ٺاهيو هو. ٽوپي ٽنگي توڙي خرچ کپاءَ مان پئسا بچائي ان ۾ وجهندي هئي. بابو جيڪي ٻه ٽڪا ڏيندو هئس سي به ان ۾ وجهندي هئي. هڪ ڀيري بابي کي آهت تان ٻه ٻوريون ڪڻڪ جون مليون هيون. امان ڀانڊارو ڀڃي گڏ ٿيل پئسا بابي کي ڏيندي چيو هو. ”هتان هڪڙي ڪڻڪ جي ٻوري به کڻي کپائي پکو وٺي اچ.“ بابي امان کان پئسا وٺي ڪلهي تي ڪڻڪ جي ٻوري کنئي هئي. مان به ساڻس رليو ويو هئس. ڪڻڪ کپائي ڀانڊاري وارا پئسا گڏائي بابي پکو ورتو هو. پوءِ مٿي سان ٻڌل انگوڇو ڇوڙي هن ڪلهي تي رکي پکو کنيو هو. واٽ تي ڪٿي به هن ساهي نه پٽي هئي. جڏهن گهر پهتا هئاسين ته بابو پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، پر هو ايئن خوش هو. جيئن ڄڻ کيس ڪا وڃائجي ويل شيءِ ملي وئي هجي. ان ڏينهن امان ۽ بابو ايترو خوش ٿيا هئا جو ڄڻ اسان جي گهر ۾ ڪو نئون ڀاتي آيو هجي. هونئن جڏهن به بابو گهر ۾ ڪو نئون ٽپڙ آڻيندو هو ته اسان کي نئين ڀاتيءَ جيتري ئي خوشي ٿيندي هئي. ان ڪري اهي ٽپڙ مون کي منهنجي گهر جا ڀاتي لڳندا هئا. مون زال کي چيو، هن پکي ۾ بابي جي پگهر جي خوشبو شامل آهي. مان اهو ڪڏهن به نه کپائيندس.” هوءَ چڙي پئي هئي. 

توکي انهن جنهر شين مان ملي ڇا ٿو.!؟ هاڻي ڪهڙو هي پکو هلايون ٿا جو گهر ۾ پيو هجي. آهي ڪا ضرورت هن جي.؟ الله جو سج اڀري ٿو ۽ سولر شروع ٿئي ٿو ويندي سج لهڻ ٻڏڻ تائين. پوءِ هرو ڀرو هي پيو هجي. هاڻي ڇڏ کڻي اها پراڻي عادت ڪجهه نئون ماڻهو ٿيءُ. هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ مان ٻڌندو رهيس. مون وٽ سندس ڳالهين جي جواب ۾ ڪو دليل نه هو. ايئن اڪثر ٿيندو آهي، مون وٽ پنهنجي ڳالهه کي مڃائڻ لاءِ ڪو دليل ناهي هوندو. ڪڏهن ڪڏهن هڪ لمحي لاءِ اهو سوچيندو آهيان ته هوءَ سچ ته چوي ٿي. ڇا آهي هنن پراڻين شين ۾.!؟ مون کي به پاڻ کي نيئن زماني سان مٽائي نئون ماڻهو ٿيڻ گهرجي. انهن پراڻين شين کي ڦٽو ڪري ڇڏڻ گهرجي، پر يڪدم منهنجي لاشعور مان اها عادت جاڳي پوندي آهي. جيڪا انهن پراڻين شين سان پيار ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. مان اڄ به ان سيلون تي ئي ڪم ڪندو آهيان جنهن تي بابي مرحوم مون کي ڪم سيکاريو هو. هاڻي مون وٽ ڪجهه نئون سامان آهي، پر بابي جو سمورو سامان روهي، ڪينچي، ڦڻي، پاڪي، نچڪڻو، نَهن ڪٽڻي، ڪرسي، آئينو سندس ان ساڳي لوهي پيتيءَ ۾ سنڀالي رکيون آهن. منهنجي سيلون جو ڏيک ويک اهو ئي بابي جي زماني وارو آهي. منهنجي پٽن وڏو زور وڌو ته انهن پراڻن شين جي پچر ڇڏي نئون سامان وٺون، پر مون ايئن نه ڪيو. نيٺ هنن وڃي الڳ سيلون کولي. هو مون کان ڏهوڻ تي وڌيڪ پئسا ڪمائيندا آهن. کين منهنجي سيلون تي ايندي لڄ ٿيندي آهي. مون کي وري انهن جي سيلون تي گُهُٽَ ٿيندي آهي. منهنجا پٽ مون کي ٽوڪيندا رهندا آهن ته مان پنهنجي سيلون بند ڪري ڇڏيان. منهنجي سيلون جي ٻاهران رکيل بينچ تي شام جو روز رمضان ٽانگي وارو اچي ويهندو آهي ۽ روڊ تان گذرندڙ چنگچي رڪشائن کي پيو گاريون ڏيندو آهي جن جي اچڻ سان ماڻهن ٽانگي تي چڙهڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ هن جي روزيءَ تي لت اچي وئي هئي. رمضان ٽانگي واري کي ڏسي مون کي به خوف ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪا اهڙي شيءِ ايندي جيڪا منهنجي به روزيءَ تي لت ڏيئي بند ڪرائيندي، پر اهو خوف به مون کي انهن پراڻين شين کان پري نه ڪري سگهيو آهي.

منهنجي زال سدائين پئي چوندي آهي ته جيستائين تون سيلون تي هوندو آهين تيستائين ساهه تنگ رهندو آهي ته ڪير اچي اهو نه ٻڌائي ته تو واري مڙس جي مٿان سيلون جي ڇت ڪري پئي….!!

هڪ ڏينهن ٿيو به ايئن، سومهڻي جو اوچتو وڏو طوفان اچي لٿو ۽ پاڻ سان گڏ گجگوڙ ڪندڙ مينهن به کڻي آيو جنهن ماڻهن جا ڪچا گهر ڪيرائي ڇڏيا ان مينهن ۾ منهنجي دڪان جي ڇت به اچي ڦهڪو ڪيو، پر ان مهل مان ڪونه هئس. منهنجي زال ۽ پٽن کي سيلون جي ڊهي پوڻ واري ارمان کان وڌيڪ خوشي اها ٿي ته مان بچي ويس. سيلون نه ڊهي هئي منهنجو اندر ڊهي پيو هو. منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا هئا. ڄڻ ته منهنجي وجود جو ٽڪرو ڪٽجي ويو هو. مان روزانو ڪيترائي ئي پل ڊٺل سيلون تي وڃي بيهندو هئس، ان منجهان ڀڳل ٽٽل سامان ڪڍي گهر کڻي ايندو هئس. اها ڳالهه منهنجي پٽن ۽ زال کي بنهه نه وڻندي هئي. زال ان تي جهيڙو به ڪندي هئي ته اڳ ئي گهر پراڻين ٽپڙن سان سٿيو پيو آهي ويتر تون اهو ڀڳل سامان به هيڏي کڻي ٿو اچين.!؟ مان هن جي گهپيءَ ۽ ڪروڌ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو هئس. مون کي اهو سامان ساهه جيان عزيز هو. ان سامان تي بابي جو عڪس نظر ايندو هو، ان تي هن جي آڱرين جا نشان هئا. انهن اوزان جي وسيلي ڪمايل نيمڪ منهنجي پيٽ ۾ هو. انهن اوزارن مون کي تاتي پالي وڏو ڪيو هو. هڪ ڀيري مان ٻاهران گهر ۾ داخل ٿيس ته آڳر تي پٽن سان گڏ ٻه چار اوپرا ماڻهو بيٺل ڏٺم، جن وٽ ڪانٽي نما اوزار، ڦيٿ، ميٽر ۽ ڪي شيون منهنجي سڃاڻپ کان ٻاهر هيون. کين ڏسي مان پهريان اوڏانهن وڌيس، پر پوءِ الائي ڇو دل نه ڪڍيو ۽ ڪمري ۾ هليو ويس، اندر منهنجي گهر واري ويٺي هئي. پڇومانس ته ٻاهر ڪير آهن.؟ چيائين آهن ته الائي ڪير، پر ڪو فائدي وارو ڪم ٿا ڪن جو پٽ خوشيءَ ۾ نٿا ماپن. مون کي سندس جواب ٻڌڻ سان ڪا خوشي، تجسس يا تعجب نه لڳو. همراهن کي ٻاهر ڇڏي پٽ جڏهن اندر آيا ته ٻهڪيا پئي. “واهه واهه، واهه جو ڪم ٿي ويو.” منهنجي وڏي پٽ مشڪندي چيو هو.

هان ابا جائي به اهڙو ڀلو ڪم ٿو ٿئي ڇا.؟ سندن ماءُ ڳالهه ڄاڻڻ کانسواءِ ئي خوش ٿيندي چيو. “ ڪير هئا؟ ڪهڙو ڀلو ڪم ٿو ٿئي.!؟ نيٺ مون به خار ۾ ڳالهايو. تڏهن منهنجي وڏي پٽ چيو، بابا موبائل ڪمپنيءَ جا نمائندا هئا. چون ٿا ته ٽاور هڻڻ لاءِ جڳهه گهرجي سو اسان جي گهر آڳر تي انهن کي سگنل مليا آهن. تنهن ڪري چون ٿا ته لکت ۾ پلاٽ ڏيو ته ٽاور لڳايون. ڪٿي هڻندا ٽاور.؟ مون وڏي تعجب مان وراڻيو. گهٽيءَ جي ڪنڊ واري پاسي کان ٻير ۽ نم جي وچ تي منهنجي ننڍي پٽ مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، پوءِ نم ۽ ٻير ڪاڏي ويندا.!؟ مون مٿان تعجب اڃان طاري هو. اهي، اهي… منهنجي وڏي پٽ کان لفظ نه پئي نڪتا ۽ هو ڳيتون ڏيڻ لڳو.

بابا اهي ته ڪٽڻا پوندا نه… ننڍي پٽ وڏي عاجزيءَ مان ڳالهايو. نه نه مان اهي ڪڏهن به ڪٽڻ نه ڏيندس. مون نهايت سخت لهجي ۾ وراڻيو هو. منهنجي سخت جواب تي پٽن جا منهن ايئن لهي ويا هئا ڄڻ ڪا وڏي شرط هو هارائي ويا هجن.

ڇو ڇو نه ڪٽڻ ڏيندين.؟ ڪهڙو اصل انهن مان پئسا ٿا ڦٽن جو بيٺا هجن منهنجي زال حسبِ دستور پٽن جو پاسو کڻي بيهي رهي هئي. ماءُ جو جواب ٻڌي پٽن جي جان ۾ جان آئي هئي. پوءِ منهنجي هڪ به نه هلي نم ۽ ٻير ڪٽجڻ لڳا. ڪهاڙيءَ جو پهريون ڌڪ جڏهن لڳو هو ته وڻ تي ويٺل پکي رڙيون ڪندي ڀڙڪا ڏئي اڏاڻا هئا. اهي پکي جيڪي منهنجي گهر جا ڀاتي هئا. جن جون ٻوليون ٻڌي منهنجي دل کي سرور ايندو هو. اهي جڏهن اڏيا هئا ته هنن مون کان موڪلايو به ڪونه هو. ڀلا موڪلائين به ڇو.!؟ مون هنن سان ڪهڙو نڀايو هو. کين اکين سان گهر کان بي گهر ٿيندي ڏٺو هئم. اهي نم ۽ ٻير وڍجي ويا هئا جن کي بابي هٿن سان پوکيو هو. جن جي هيٺان کٽ رکي ڏولي ٻڌي امان مون کي لوڏيندي هئي. جن جي ڏارن ۾ پينگهه ٻڌي مان لڏندو هئس. جن تي چڙهي مان پکين سان وڃي ڪچهريون ڪندو هئس، ٻير پٽي کائيندو هئس. مون روئڻ چاهيو هو، پر ڳوڙهن جواب ڏيئي ڇڏيو هو. مون رڙيون ڪرڻ چاهيون هيون، پر زبان ساٿ نه ڏنو هو.

سرسبز وڻن جي جڳهه تي لوهي پٽين وارو ٽاور بيٺل هو. جيڪو ڄڻ منهنجي هنيانءُ ۾ کتل هو. منهنجا پٽ ۽ زال منهنجي ان طبيعت کان بيزار آهن. مان پنهنجو پاڻ کان سوال پڇندو آهيان ته مان ايئن ڇو آهيان؟ وهندي سان وهڻ وارو ڇو ناهيان.!؟ ايئن پراڻين شين سان مون کي محبت ڇو آهي. هڪ ڏينهن آئون انهن ئي پورن ۾ ويٺو هئس ته منهنجي زال اچي ڀر ۾ ويٺي. ٻانهون کولي ڀاڪر ۾ ڀري منهنجي ڳلن کي چمندي چيائين ”پراڻيون شيون پراڻيون هونديون آهن. وقت تي ڪم آيون ڪم نڪتو ته کڻي ڦٽي ڪري ڇڏبيون آهن. انهن لاءِ ايڏو غمگين ٿي ٿو وڃين.!؟“

مون پنهنجي ڏٻري ۽ ڪراڙي ٿيندڙ جسم ڏانهن ڏٺو جنهن جي کل جي سختي تيزيءَ سان ختم ٿيڻ لڳي هئي. چهري تي هٿ لاهي ڏٺم ته گهنجيل هو. زال ڏانهن ڏٺم ته اونداهي رات جهڙا سندس ڪارا وار هاڻي سفيد ٿي ويا هئا. اکين مان جوانيءَ واري جوت ڪڏهوڪو موڪلائي وئي هئس. مون هن جي چهري ۾ غور سان نهاري چيو،

”آهستي آهستي تون ۽ مان به پراڻا ٿيندا ٿا وڃون، ڊڄ ان ڏينهن کان جڏهن اسان کي به پراڻي سامان جيان ٻاهر اڇلي ڦٽو ڪيو ويندو.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءَ ايئن ڇرڪجي پئي هئي ڄڻ کيس ڪنهن وڏي لڪل راز جي خبر پئي هئي. اڄ اهو پهريون دفعو ٿيو هو جو وٽس منهنجي ڳالهه جو ڪو جواب نه هو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments