خاص

ناجائز نالائق به نڪتا: فضل الرحمان

پي ڊي ايم صدر مولانا فضل الرحمان وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن ملڪ کي جنهن حالت تي پهچائي ڇڏيو آهي، اتان کڻڻ ڪنهن لاءِ به هڪ چئلينج آهي. ڊيرا غازي خان ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڳ اهي ناجائز هئا پر ناجائز ٿيڻ انهن لاءِ ڪو عيب ناهي ۽ هاڻ نالائق به آهن، اهي نااهل به ثابت ٿيا آهن، اڄ اسان جو حڪمران جتي ويندو آهي ته پينو وانگر بيٺو هوندو آهي، منهنجو ناجائز حڪمران جنهن انداز ۾ دنيا جي حڪمرانن سان بيهندو آهي کيس لڄ به ناهي ٿيندي، پر اسان جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي.