ناوليٽ- قسط-8 : “هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ” : يان پال سارتر : ترجمو: منور سراج

هو هر خميس تي گيگارد سان گڏ ٻاهر وڃڻ لڳو. گيگارد کيس پنهنجي ڀيڻ جي سهيلين وٽ رقص لاءِ وٺي ٿي ويو:- پر آخر ۾ ليوسين اعتراف ڪندي چيو ته سندس اها ڪوشش اصل ۾ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر هئي.

”مون هڪڙي ڇوري هٿ ڪئي آهي“ هن رازداڻي انداز ۾ چيو ”ڪلب جي هڪڙي نئين نڪور ناچڻي آهي. ان جي ٻي سهيلي به آهي جنهن کي اڃان ڪو سنگتي ڪونهي. توکي ڇنڇر واري رات مون سان گڏ ملڻ کپي.“

ليوسين هر ڇنڇر جي رات ٻاهر وڃڻ لاءِ پنهنجي والدين کان ڪنهن نه ڪنهن هيلي بهاني موڪل ورتي. ٻنهي هن لاءِ گهر جي چاٻي هنڌ جي هيٺان رکي ڇڏي. هو نائين وڳي ڌاري گيگارد سان مليو.

”تون انتظار ڪر ۽ ڏسندو وڃ“ گيگارد چيو، ”فيني ڏاڍي پُرڪشش ڇوڪري آهي ۽ سندس هڪڙي وڏي ۾ وڏي جيڪا خوبي آهي اها هيءَ آهي ته کيس خبر هوندي آهي ته ڪهڙي موقعي تي ڪهڙو ويس پائڻ گهرجي“، ”منهنجي وڳي بابت ڪهڙو خيال آهي، آئون کيس نٿو سڃاڻان:- مون کي رڳو ايتري خبر آهي ته هوءَ هڪڙي سيکڙاٽ درزياڻي آهي ۽ ويجهڙ ۾ اينگولم کان پئرس آئي آهي ۽ هونئن مڙئي ڳالهه ٿي ڪجي ته ”هن ڳالهه اڳتي وڌائيندي چيو“ پاڻ تان خلق نه کلائجانءِ. سمجهه ته منهنجو نالو پيري دارات آهي ۽ تون، ڇاڪاڻ ته تون انگريزن وانگر ڳورو چٽو آهين ان ڪري تنهنجو نالو آهي ليوسين بونيئر وارو (بونيئر- اوڀر پئرس جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ).

”پر ڇو؟“ ليوسين دلچسپي وچان پڇيو.

”منهنجا دوست“ گيگارد وراڻيو ”اهو اصول آهي توکي هنن ڇوڪرين سان جيڪو وڻي سو ڪجانءِ، پر پنهنجو اصلي نالو ڪڏهن به نه ٻڌائجانءِ“ ”ٺيڪ آهي“ ليوسين چيو. ”اڇا ڀلا مان گذر سفر لاءِ ڇا ٿو ڪيان ته؟؟“

”تون چئي سگهين ٿو ته مان شاگرد آهيان، ها اهو ئي بهتر آهي، ويٺي ڳالهه ڊُول ۾!؟ ان طريقي سان اهي اڪن ڇڪن ٿي پونديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح تون اجائي گهڻي خرچ کان بچي پوندين ۽ ها پاڻ گڏجي سڏجي خرچ ڀرينداسين:- پر اڄوڪي شام جو خرچ مون تي آهي:- بس اهو منهنجو انداز آهي. باقي مان توکي پوءِ ٻڌائيندس ته سومر تي تون مون کي ڇا ڏيندين.“

اوچتو ليوسين سوچيو ته گيگارد مون کان ڪو منافعو حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. اف! خدا! مان ڪيڏو نه شڪي مزاج ٿي ويو آهيان ”هن حيرت مان سوچيو. ٺيڪ ان مهل سنهڙي سيپڪڙي، سانوري، ڊگهين ڄنگهن ۽ مکيل چکيل منهن سان فيني اندر آئي.

اها ليوسين کي ڏاڍي ڀوائتي محسوس ٿي: ”هي آهي اهو بونيئر وارو همراهه جنهن جو توسان ذڪر ڪيو هئم.“

”اوهان سان ملي خوشي ٿي“ فيني هڪ بي نياز نهار سان ڏسندي چيو“ هيءَ منهنجي سهيلي آهي… ماد“

ليوسين کي هڪڙي ننڍي قد واري ڇوڪري نظر آئي، جنهن جي مٿي تي گلن ڦلن وارو اسڪارف پاتل هو. ان جو منهن ايترو گهڻو مکي چکي ته ڪونه هو جيترو فيني جو هو، پر اها فيني کي ڇڏي ڪري بقايه سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ سهڻي پئي نظر آئي.

ليوسين کي مايوسي ته ڏاڍي ٿي، پر وري به هن ڏٺو ته ان ڇوڪريءَ جو وات ڏاڍو وڻندڙ هو ۽ هونئن به ان کان شرمائڻ جو ڪو سبب نه هو. گيگارد وڏي سياڻپ سان جهٽ پٽ ۾ اڳواٽ ئي بيئر جا پئسا ڏيئي ڇڏيا ته جيئن هو محفل جي هُل هنگامي جو فائدو وٺي هنن کي پيئڻ جو موقعو ڏيڻ بنا مرڪندي ٻنهي نينگرين کي دروازي تان ڌڪي ڪمري ڏانهن اماڻي سگهي.

ليوسين دل ئي دل ۾ سندس ٿورائتو هو:- مسٽر فليوريئر کيس هفتي جي خرچ پکي لاءِ رڳو هڪ سئو پنجويهه فرانڪ ٿي ڏنا جن مان کيس ڀاڙو ڀُتو به ڪرڻو ٿي پيو. اها شاندار شام هئي.

هو رقص ڪرڻ لاءِ هڪ گرما گرم، گلابي، ننڍڙي لاطيني ڪمري ۾ داخل ٿيا جنهن جي ڀتين جون ڪناريون ڪاريون هيون ۽ ڪاڪٽيل جي قيمت پنج رپيا هئي. اتي ٻيا به ڪافي شاگرد ڇوڪرين سميت موجود هئا. لڳ ڀڳ سڀئي ڇوڪريون فينيءَ جهڙيون ئي هيون. البته فيني وانگر ٺاهوڪيون نه هيون.

فيني واهه جي ڇوري هئي:- هن پنهنجي سامهون ويٺل ڏاڙهيءَ واري پائيپ پيئندڙ شخص جي اکين ۾ سڌو گهوري ڏٺو ۽ تيز آواز ۾ ڪڙڪو ڪندي چيائين ”جيڪي ماڻهو رقص جي محفل ۾ سموڪنگ ڪندا آهن اهي مون کي ڏٺي نه وڻندا آهن.“

همراهه صفا ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پائيپ ڇنڊي کيسي ۾ رکي ڇڏيائين.

فيني ليوسين ۽ گيگارد سان هڪ يقيني قسم جي سنجيدگيءَ وارو ورتاءُ ڪيو ۽ گفتگو دوران ڪنهن ڪنهن مهل کين ممتا جهڙي موهه ۽ نرملتا سان ”اوهين ٻئي ننڍڙن جي جوڙي آهيو“ پئي چيائين جنهن سان ليوسين پنهنجو پاڻ کي پرسڪون ۽ مٺاڻ جهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا محسوس پئي ڪيو. هن مرڪي مرڪي فيني کي کوڙ ساريون وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايون، ايتري حد تائين جو پوءِ انهيءَ مرڪ مورڳو سندس منهن تان لهڻ جو نالو ئي نٿي ورتو ۽ سندس لفظن ۾ نتيجي جي پرواهه کان بي نياز اهڙو لهجو پيدا ٿيندو ويو جيڪو ڪنهن حد تائين نرمي ۽ فضيلت سان گڏوگڏ طنز ۽ اهلون ڪڍڻ جي رنگ ۾ رڱيل هو، پر فيني ساڻس صفا گهٽ ڳالهايو:- هن گيگارد جي کاڏي ٿورڙي مٿي ڪري، ڳلن کي ڇڪيندي سندس وات مٿي ڪرايو ۽ جنهن مهل سندس وات ٿورو کليو ۽ چپ ڪجهه مٿي اڀري، ڪجهه ڦنڊي ڦهلجي نارنگيءَ جي ڦار وانگر رسدار ٿي بيٺا ته هن انهن کي زبان سان چٽيندي چيو ”بيبي.“ ليوسين خطرناڪ حد تائين ذلت محسوس ڪئي ۽ کيس گيگارد ڏاڍو گندو لڳو:- گيگارد جي چپن جي ويجهو پائوڊر ٿڦجي ويو هو ۽ ڳلن تي آڱرين جا نشان ٺهي ويا هئس، پر ٻين جوڙن جو رويو تهائين گهڻو بي پرواهي وارو بلڪه وحشياڻو هو:- هر ڪنهن ڪمري مان سندن وچ مان گذرندي وقت، هٿ ۾ کنيل باسڪيٽ سان رنگ برنگي بال اڇلائيندي ڪو نه ڪو گيت ڳائيندي ڪنهن نه ڪنهن سان چُم چٽ پئي ڪئي ۽ هر ڪنهن ٽهڪ پئي ڏنا.

آخرڪار ليوسين ماد جي موجودگيءَ کي محسوس ڪيو ۽ مرڪندي کيس چيائين ”هن ڳيري ۽ ڳيريءَ جي جوڙي ته ڏس….“ هن فيني ۽ گيگارد ڏي اشارو ڪندي وڌيڪ چيو ”ٿوم مان زعفران، ماءُ مُوري پُٽ…“ هن پهاڪو ته پورو ڪيو، پر ڪجهه اهڙي انداز سان کليو جو ماد به مرڪڻ لڳي. هن پنهنجو ٽوپلو لاٿو ۽ ليوسين خوشيءَ وچان ڏٺو ته رقص واري هال ۾ موجود ٻين سڀني عورتن کان هوءَ ڪنهن حد تائين چڱڙي آهي. پوءِ هن کانئس رقص لاءِ پڇيو ته کيس اهي لطيفا ٻڌايائين جيڪي ڪاليج جي استادن تي ٺاهيا هئائين. هن ڏاڍو سٺو ناچ ڪيو:- هن جون اکيون ڪاريون ۽ ڳنڀير هيون ۽ سندس نهار ۾ ڏاڍي ذهانت هئي. ليوسين کيس برٿيءَ متعلق ٻڌايو ۽ چيائين ته هو:- پڇتاءُ سان ڀريو پيو آهي. ”پر“ هن ڳالهه کي وڌايو ”اهو برٿيءَ لاءِ بهتر هو“ ماد سوچيو ته برٿيءَ جي ڪهاڻي هڪ اداس ۽ شاعراڻي ڪهاڻي آهي. هن پڇيس ته برٿي تنهنجي والدين وٽان گهڻو ڪمائيندي آهي؟؟“ ڪنهن نوجوان ڇوڪريءَ لاءِ، هن وڌيڪ چيو ”ڪنهن ٻئي گهراڻي ۾ رهڻ ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي.“

گيگارد ۽ فيني هنن ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو. اهي هڪٻئي کي چنبڙيا پيا هئا، گيگارد جو منهن گهم ۾ آلو لڳو پيو هو، ليوسين رکي رکي دهرائڻ ٿي لڳو ”ٻنهي ڳيري ڳيريءَ جي جوڙي ڏي ته ڏس، ٿورو ڏس ته صحيح!“ ۽ انهن لفظن جي پٺيان هي جملو تيار بيٺل ته ”اهي مون کي ايئن ئي ڪرڻ لاءِ پيا اتساهين“ پر هن ۾ اهو جملو چوڻ جي همت ڪونه ٿي سگهي تنهنڪري هن پاڻ کي رڳو مرڪڻ تائين محدود رکيو. پوءِ هن ڪجهه ايئن سوانگ ڪيو ڄڻ هو ۽ ماد پراڻا دوست هجن، پيار کان بي پرواهه ۽ هو کيس ”ڀائو“ سڏڻ لڳو ۽ حجت مان سندس پٺيءَ تي چنبو هڻڻ چاهيائين. اوچتو فيني ڪنڌ ورايو ۽ حيرت مان انهن ڏي ڏٺائين. ”اڇا، پيار جا رنگروٽو! ڇا پيا ٿا ڪيو؟“ چوڻ لڳي ”ڇو نٿا هڪٻئي کي چمي ڀاڪر ڪيو جنهن لاءِ توهان جو اصل ساهه ٿي ويو!“

ليوسين ماد کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو ڪجهه شرمندو به ٿيو پئي ڇو ته فيني کين ڏٺو پئي. هن هڪ طويل چُمي ڏيڻ ٿي چاهي، پر کيس اچرج ان ڳالهه تي هو ته ان چميءَ دوران ماڻهو ساهه ڪيئن ٿو کڻي سگهي! پر بهرحال پوءِ کيس معلوم ٿيو ته اهو ڪم ايترو به ڏکيو ناهي جيترو هو سوچي رهيو آهي. بس ان لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته ماڻهو هڪ رخ کان چمي ۽ ٻئي رخ کان پنهنجون ناسون کليل رکي. هن گيگارد کي ڳڻپ ڪندي ٻڌو ”هڪ، ٻه، ٽي، چار…“ ۽ هن ٻاونجاهه تي ماد مان هٿ پٽيا.

”الله توهار لاءِ اهو تعداد گهڻو گهٽ ناهي“ گيگارد چيو ”آئون اڃان به وڌيڪ بهتر ڪري سگهان ٿو“ ليوسين پنهنجي واچ ڏي ڏٺو ۽ ڳڻڻ لڳو. گيگارد هڪ سئو اوڻٽيهن سيڪنڊن تي فيني جي وات مان وات ڪڍيو.

ليوسين صفا بر ٿي ويو ۽ سوچيائين ته اهو مقابلو ڏاڍو واحيات هو. ”مون ماد جي چپن تي رکيل چمي سندس صحت جي لحاظ کان مختصر هئي“ هن سوچيو ”پر اهو ته ڪجهه به ناهي؟ هيڪر رڳو اوهان کي سمجهه ۾ اچي وڃي ته ساهه ڪيئن کڻجي ته پوءِ اوهان جي چمي اڻ کُٽ ٿي سگهي ٿي.“ هن ٻيو دفعو مقابلي جي آڇ ڪئي ۽ ميدان ماري ويو. جڏهن اهو سڀ ٿي گذريو ته ماد ليوسين ڏي ڏٺو ۽ سنجيدگيءَ سان چيائين ”تون ڏاڍو سٺو ٿو چمين“ ليوسين خوشيءَ مان نهال ٿي ويو ”اوهان جو خادم“ هن هيٺ جهڪندي وراڻيو. اڃان ته کيس فيني کي به چمڻ گهربو هو. آخري بس تائين پهچڻ لاءِ هنن هڪٻئي کان موڪلايو. ليوسين ڏاڍو خوش هو. هو نچيو، کيڏيو، ٽپيو ۽ سوچيائين ”اهو ته منهنجي کاٻي هٿ جو کيل آهي“ سندس چپن جون ڪنڊون ڏکي رهيون هيون ڇو ته هو ڏاڍو مرڪيو هو.

هو هر اڱاري تي ڇهين وڳي ۽ ڇنڇر جي شام جو ماد سان ملڻ لڳو. هن رضا خوشيءَ سان پاڻ کي هن جي جهوليءَ ۾ ڇڏي پنهنجو پاڻ چمجڻ ٿي ڏنو، پر انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به نه! ليوسين گيگارد سان شڪايت ڪئي. جنهن کيس يقين ڏياريو. ”ڳڻتي نه ڪر“ گيگارد چيو ”فيني کي پڪ آهي ته هوءَ ضرور ميدان ملهائيندي، پر هوءَ اڃان نئين ننڍي آهي ۽ سندس زندگيءَ ۾ ٻه ڇوڪرا مس گذريا آهن! فيني تنهنجي لاءِ چيو آهي ته توکي ساڻس نرم رويو رکڻ گهرجي.“

”نرم“ ليوسين چيو ”اڃان مٿي تي کڻاس ڇا؟“

هو ٻئي کلڻ لڳا ۽ گيگارد هي نتيجو ڪڍيو ته ”توکي ايئن ئي ڪرڻو پوندو پيارا“ ليوسين ڏاڍو نرم مزاج هو. هن ماد کي جام چميو ۽ کيس ٻڌايائين ته کيس ساڻس ڏاڍو پيار آهي، پر ڪجهه ئي وقت کانپوءِ کيس يڪسانيت جو احساس ورائي ويو ۽ پوءِ هن کي ساڻس گڏ ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪو خاص مزو نه اچڻ لڳو.

هن چاهيو پئي ته هوند جيڪر هو کيس صلاح ڏئي ته کيس ڪهڙو لباس پائڻ گهرجي، پر هوءَ ساڙ ۾ ايڏي سٽيل هئي جو جنهن ۾ باهه ٿيو ٿي وئي. چمين جي وچ ۾ اهي هٿ هٿ ۾ ڏيئي هڪٻئي کي گهوريندي چپ چپ هئا. ”رب ڄاڻي ته هوءَ پنهنجي انهن بلور جهڙين هڪ هنڌ ڄميل اکين سان ڇا پئي ٿي سوچي“ ليوسين اڃان به ساڳي شيءِ بابت پئي سوچيو:- هي ننڍڙو وجود، اداس ۽ مبهم! جيڪو هن جو پنهنجو وجود هو ۽ پاڻ کي ٻڌايائين ”منهنجي خواهش آهي ته مان ليموردانت هجان ها! صحيح جاءِ تي صحيح شخص!“ انهن ڏهاڙن دوران هن پاڻ کي ايئن ڏٺو ڄڻ هو ڪو ٻيو شخص هجي، هڪ اهڙي عورت جي ڀر ۾ ويٺل جنهن کي ساڻس محبت هئي، هٿ هٿن ۾، چپ چمين ۾ اڃان به آلا آلا سندس عاجزاڻي پيار کان انڪاري، اڪيلو! پوءِ هن ماد جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ زور ڏيئي جهليو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. هن کيس خوش رکڻ پئي چاهيو.

ڊسمبر جي هڪ صبح جو ليموردانت ليوسين وٽ وڌي آيو، سندس هٿ ۾ هڪ پنو هو. ”تون صحيح ڪرڻ چاهين ٿو؟“ هن پڇيو، ”اهو ڇا آهي؟“

”يهودين جي ڪري انهن ٻه سئو صحيحن سان لازمي فوجي تربيت جي خلاف پٽيشن داخل ڪئي آهي. تنهنڪري اسان احتجاج پيا ڪريون، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هزار نالن جي ضرورت آهي. اسين سڄي سنگت سان رابطي ۾ آهيون.“ ليوسين ڏاڍو متاثر ٿيو. ”اهو ڇپجندو به؟“

”ها پڪ ئي پڪ ايڪشن ۾ اڃان به ٿي سگهي ٿو گڏوگڏ“Echo de Paris” ۾ به ڇپجي.“

ليوسين ٿڏي تي ئي صحيح ڪرڻ پئي چاهي، پر پوءِ سوچيائين ته اهو سمجهداريءَ وارو ڪم ناهي. هو اخبار کڻي ڌيان سان پڙهڻ لڳو. ليموردانت وڌيڪ چيو ”مون ٻڌو آهي ته تنهنجو سياست سان ڪو ڊول چمٽو ڪونهي، هو تنهنجو ذاتي معاملو آهي، پر تون هڪ فرانسيسي آهين ان ڪري اهو توکي حق آهي ته تو وٽ پنهنجي رڙ ڪوڪ هجڻ گهرجي.“

جڏهن هن هي جملو ٻڌو ته ”توکي پنهنجي رڙ ڪوڪ جو حق حاصل آهي.“ ليوسين هڪ ناقابل بيان ۽ تيز تکي خوشي محسوس ڪئي هن صحيح ڪري ڇڏي. ٻئي ڏينهن هن Action Francais خريد ڪئي، پر ان ۾ اعلان نامون ڪونه هو. بلڪه ان جو خميس تائين به ڪو پير کُر نه لڳو. ليوسين اهو اعلان نامون ٻئي صفحي تي هن شهه سرخي سان نظر آيو:- “Youth of France Scores in teeth of International Jewry” هن جو نالو به موجود هو. هڪ ڌنڌلو ڪجهه صاف، ليموردانت کان گهڻو پري نه، گهڻي ڀاڱي اهڙو ئي اوپرو جهڙو فليچي ۽ فليوٽ جن جي وچ ۾ سندس نالو گهيريل هو، اهو بنهه غير حقيقي پئي لڳو.

”ليوسين فليوريئر“ هن سوچيو ”بلڪل ڪنهن هاريءَ جهڙي نالي وانگر هڪ حقيقي فرانسيسي نالو.“

هن “F” سان شروع ٿيندڙ نالن جي لسٽ وڏي آواز ۾ پڙهي ورتي ۽ جنهن وقت سندس پنهنجو نالو آيو ته ان جو ايئن اچار ڪيائين ڄڻ انهيءَ کي سڃاڻندو نه هجي. پوءِ اخبار ويڙهي سيڙهي کيسي ۾ وڌائين ۽ خوشي خوشي گهر ڏي تُڪي ٿيو. ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ هن ليموردانت کي ڳولي لڌو ”تون سياست ۾ اڳڀرو آهين“ هن پڇيو.

هاڻ  ليگ ۾ آهيان، ليموردانت چيو ڪڏهن Action Francaise پڙهي اٿئي؟“ گهڻي نه، ”ليوسين اعتراف ڪيو“ هن مهل تائين ته مون کي ان ۾ دلچسپي ڪانهي، پر لڳي ٿو هاڻي منهنجو خيال بدلجي رهيو آهي. ليموردانت ڏانهن بنا ڪنهن تجسس جي خالي ذهن سان ڏانهنس نهاريو. ليوسين کيس پنهنجي ان بيماري بابت مختصر لفظن ۾ ٻڌايو جنهن کي برجري ڊس آرڊر جو نالو ڏنو هو.

”تون ڪٿان جو آهين؟“ ليموردانت پڇيو، فيرولس جو اتي منهنجي پيءُ جو ڪارخانو آهي.“ ”تون اتي گهڻو وقت رهيو آهين“ ”بس چند سال“

”اڇا.. ايئن آهي ليموردانت چيو. اها ڳالهه سمجهڻ بنهه سولي آهي، تنهنجون پاڙون اکڙيل آهن تو بيرس Barres کي پڙهيو آهي؟ (ماريس بيرس فرانس جو مشهور ليکڪ ناولسٽ)“

”مون سندس Collette Baudoche پڙهيو آهي.“

”اهو نه“ ليموردانت اتاولائي مان چيو، مان اڄ منجهند جو تنهنجي لاءِ سندس ڪتاب Deracines کڻيو ايندس. اهائي تنهنجي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ توکي ان جو سبب ۽ علاج نظر ايندو.“

ڪتاب سائي رنگ جي ليدر ۾ ويڙهيل هو. پهرين صفحي تي “Ex Libris Andree Lemordant” ڪيلي گرافي ۾ لکيل هو.

ليوسين اچرج ۾ پئجي ويو:- هن جي خواب خيال ۾ به نه هو ته هو ڪو ليموردانت جو عُرفيت وارو نالو به هوندو.

هن اهو ڪتاب وڏي اعتباري سان پڙهڻ شروع ڪيو.

ان جي کيس گهڻا ڀيرا تشريح ٻڌائي وئي هئي:- کيس ڪيترائي ڀيرا اهڙي قسم جي وضاحت بلڪه هدايت سان ڪتاب اڌار ڏنا ويندا رهيا هئا  ته ”هيءُ پڙهه. اهو توتي مڪمل طور ٺهڪي ٿو اچي“ ليوسين هڪ اداس مرڪ سان سوچيو، مان انهن ماڻهن مان ناهيان جن جي درد جو داستان سوين صفحن ۾ بيان ٿي سگهندو.

اوڊيپس ڪامپليڪس، ڊس آرڊر، ڪهڙي ڀوڪپائي آهي! ۽ ٻيو به الائي ڇا جو ڇا!

پر بنهه شروعات ۾ هو گهيرجي چڪو هو:- پهرين ڌڪ ۾ اها نفسيات نه هئي، ليوسين نفسيات کان بر ٿي چڪو هو.

بيرس جن نوجوانن جي تشريح ٿي ڪئي اهي تجديدي شخص يا انفرادي فرد يا ريماد يا ورلئن Verlaine وانگر بي دخل ٿيل ۽ نه ئي وري ويٽرس جيان بيمار جيڪي پاڻ کي فرائيڊ جي تحليل نفسي مان گذاريل هئا. بيرس انهن کي سندن پنهنجي ماحول ۾ پنهنجي خاندان ۾ رکي پهريون قدم کنيو:- اهي کائيندڙ پيئندڙ گهراڻن مان پنهنجي صوبن ۽ پنهنجي اصلي اباڻي روايت مان اڀريل هئا. ليوسين سوچيو ته اسٽيورل (Struel) پنهنجي پاڻ سان مشابهت رکي ٿو.

”اهو سچ آهي“ هن چيو ”مان پاڙون اکڙيل ماڻهو آهيان“ هن فليوريئر خاندان جي ماڻهن جي اخلاقي سگهه بابت سوچيو، سگهه جيڪا ڌرتي مان حاصل ڪيل هئي. سندن جسماني قوت (سندس ڏاڏو پنهنجي آڱرين جي زور سان ڪُٽ وارو وٽو مروڙي چٻو ڪري سگهندو هو).

هن جذباتي ڪيفيت ۾ پنهنجي ديس فيرولس جا شفق رنگ صبح ساريا؟ صبح جو پرهه ڦٽيءَ محل ننڊ مان اٿڻ، پيٽ ڀر ڏاڪڻين تان آهستي آهستي لهڻ ته جيئن گهر جي ڪنهن ڀاتي کي کڙڪ نه پئي، سائيڪل کڻڻ ۽ هو نيڻ نهار تائين پکڙيل فرانس جون نفيس هراڙيون جن کيس پنهنجي لاڏ ڪوڏ جي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿي ورتو.

”مون هميشه پيرس کان نفرت ڪئي آهي“ هن پاڻ تي جبر ڪندي سوچيو. هن Jardin de Berenice پڻ پڙهيو ۽ رکي رکي ڪتاب پڙهڻ روڪي ڇڏيو، منجهيل اکين سان غور ڪرڻ ٿي لڳو:- بس اهڙيءَ طرح هي وري ٻيهر کيس هڪ ڪردار هڪ قسمت آڇي رهيا هئا، سندس ضمير جي بي انت لافاني سرٻاٽ کان فرار حاصل ڪرڻ جي معنيٰ، پنهنجو پاڻ کي اتساهڻ ۽ پنهنجي تشريح جو فائدو ۽ هن پنهنجي ”اصل“ کي بدبودار ڪندي لاشعور کي ڪيڏي نه جهجهي اوليت ڏني. اصل جيڪو کيس بيرس فرائيڊ جو گندو، بدنيت رخ سمجهائيندي ڏنو. پنهنجي ”اصل“ کي پنهنجي مُٺ ۾ ڪرڻ لاءِ ليوسين کي رڳو پنهنجي پاڻ کي خطرناڪ قسم جي ڳنڀيرتا ۽ گهڻي سوچ ويچار واري ”پاڻ“ کان پاسيرو ڪرڻو هو:- هن کي لازمي طور فيرولس جي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ڌوڙ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. کيس لازمي طور آدجگاد کان موجود جملن ۾ پنهنجو پاڻ تحليل ڪرڻ گهرجي. کيس پنهنجو پاڻ انساني جاگرافي تاريخ لاءِ وقف ڪرڻو پوندو يا سادن لفظن ۾ هيءَ ڳالهه نه کيس فيرولس موٽڻ ۽ اتي رهڻ گهرجي:- اهو سڀ کيس پنهنجي قدمن ۾ بي ضرر ۽ ڳڀيل نظر ايندو، ٻهراڙي جي ٻنهي حصن ۾ ورهايل، وڻن ۾ ڳتيل، بهار جون موسمون ۽ ڪکن پنن ۽ گاهه مان ٺهيل ڀاڻ جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ ليوسين هڪ اڳواڻ بڻجڻ لاءِ سگهه حاصل ڪري پئي سگهيو.

ليوسين انهن طويل خوابن کي بلند ٿيڻ ڏنو ۽ محسوس ڪيائين ته کيس پنهنجو اصلي رستو لڀي ويو آهي. هاڻي هو خاموش ۽ ماد جي ڀر ۾ هو، ٻانهن سندس چيلهه ۾ ورايل، اندر مان پڙاڏا بڻجي اڀرندڙ لفظن ۽ جملن جون رهنڊون روهڙا:- ”روايتن ۾ نواڻ آڻيو“ ”ڌرتي ۽ مئا“ گهرا، منڌل لفظ ۽ لا محدود!

”ڪيترو نه هُشي ڏيندڙ آهي اهو“ هن سوچيو:- پر اڃان هن اهو ڪجهه مڃڻ جي جرئت نه پئي ڪئي ڇو جو هو اڳ ئي گهڻا ڀيرا مايوس ۽ نا اميد ٿيل هو.

هن ليموردانت جي اڳيان پنهنجا ڊپ ۽ خدشا کولي رکي ڇڏيا:-

”اهو ته ڏاڍو سٺو آهي منهنجا جوان“ ليموردانت وراڻيو ”جو تون جنهن رستي تي هلڻ چاهين ٿو انهيءَ جي باري ۾ تون سڀ ڪجهه مڃين نٿو، تون عمل جو گهرجائو آهين. هن ڪجهه دير سوچيو ۽ پوءِ چيائين ”توکي اسان سان شامل ٿيڻ گهرجي“ ليوسين کليل دل سان آڇ قبول ڪئي. البته پنهنجي آزادي تي سمجهوتو ڪرڻ کان انڪار ڪيائين.

”مان شامل ٿيندس“ هن چيو ”پر آئون گهڻو گهرو ڪونه لهندس، مان ڏسڻ ۽ ان بابت سوچڻ ٿو چاهيان.“

ليوسين نئين سنگت واري ڇوڪرا پارٽيءَ جي ور چڙهي ويو.

انهن کيس گرم جوشيءَ مان هڪ سادي ۽ پُر وقار ڀليڪار پارٽي ڏني ۽ هن انهن جي وچ ۾ پاڻ کي ڏاڍو خوش ۽ سولو سهنجو محسوس ڪيو.

هن جلدي ليموردانت جي جٿي کي ڄاڻي ورتو، تقريبن ويهارو کن شاگرد، ذري گهٽ سڀني کي مخمل جا فوجي ٽوپلا پاتل. انهن پنهنجون گڏجاڻيون پولڊر Polder جي هال ۾ ٻئين منزل تي ٿي ڪيون جتي انهن تاش راند ۽ بليئرڊ به ٿي کيڏي. ليوسين اڪثر انهن سان اتي ملڻ لڳو ۽ جلد ئي ڄاڻي ورتائين ته انهن کيس قبول ڪري ورتو آهي. وڌي گرم جوشيءَ سان ”اسان جو قومي فليوريئر“ جهڙن نعرن سان سندس سواڳت ٿيڻ لڳو، پر اڃان ٻه هٿ وڌيڪ سندن جنهن ڳالهه ليوسين کي گهڻو موهيو اها ئي انهن جي مزاح جي حس:- بنا ڪنهن ڏنگائي ۽ خود نمائي يا گهڻي ڇيڳرائپ جي. سياست بابت بنهه مختصر گفتگو، هنن جو کلڻ ۽ ڳائڻ ۽ بس اهو ئي سڀ ڪجهه نوجوان شاگردن جي شان ۾ ميزون وڄائڻ ۽ راڙو مچائڻ، ليوسين خود به پنهنجي اختيار تان هٿ کڻڻ بنا مرڪڻ لڳو جنهن ڪري ڪنهن ۾ به ساڻس ڪو سوال جواب ڪرڻ جي همت ڪونه پئي ٿي. ليوسين گهڻي ڀاڱي خاموش هو ۽ سندس نگاهون انهن ڏنگن ڇوڪرن جي ڳرٽ پيل جوانيءَ مٿان ڦيرا پائي رهيون هيون. ”اها آهي طاقت“ هن سوچيو. آهستي آهستي هن انهن جي وچ ۾ موجود جوانيءَ جي سچي احساس کي ڄاڻي ورتو: اهو ان بناوٽي سونهن ۾ قطعي نه هو جنهن کي برجري ساراهيو ٿي:- جواني فرانس جو مستقبل آهي. جڏهن ته ليموردانت جي دوستن ۾ بلوغت جي ڀوڳنا جهڙي ڪشش نه هئي. اهي بالغ تالغ هئا ۽ انهن مان گهڻن کي ڏاڙهي رکيل هئي، ويجهڙائي کان ڏسندي هن انهن سڀني ۾ ابي امان جي ورتاءُ جهڙي خوشبو محسوس ڪئي.

اهي پنهنجي ڄمار واري رولاڪي ۽ بي يقيني جي ڌٻڻ مان ٻاهر نڪتل هئا. انهن کي وڌيڪ ڪجهه سکڻ سمجهڻ جي گهرج نه هئي اهي ڏندين ڏاند ٿي چڪا هئا. شروع ۾ انهن جا هلڪا ڦلڪا ۽ تيز ترار ڀوڳ چرچا ليوسين کي ڌوڏڻ لڳا:- ڪوبه ماڻهو انهن کي بي ضمير تصور ڪري پئي سگهيو. جنهن مهل ريمي اعلان ڪيو ته ريڊيڪل اڳواڻ جي زال مادام ڊويس جون ڄنگهون هڪ ٽرڪ جي هيٺان اچي ڪپجي ويون آهن ته ليوسين کي انهن مان توقع هئي ته اهي پنهنجي بدنصيب حريف کي مختصر طور ئي صحيح، پر خراج عقيدت پيش ڪندا، پر اهي سڀ ٽهڪن ۾ پئجي ويا ۽ پنهنجي سٿرن تي ڌڪ هڻندي چيائون ”پراڻو لاشو“ ۽ ”ڇا ته ڀلوڙ ٽرڪ ڊرائيور“ ليوسين کي ڪجهه جهٽڪو لڳو، پر هو اوچتو سمجهي ويو ته اهو عظيم، صاف سٿرو ٽهڪڙو هڪڙو انڪار آهي:- انهن خطري جي بوءِ سونگهي ورتي هئي انهن بزدلاڻي همدردي نٿي چاهي، اهي مضبوط ۽ پڪا پختا هئا. ليوسين به کلڻ لڳو. ڌيري ڌيري انهن جا ڀوڳ چرچا پنهنجي اصلي ۽ سچي روشني ۾ نروار ٿيڻ لڳا:- اهو رڳو غير سنجيدگيءَ جو کوپو هو، دلي طور اها حق لاءِ هاڪار هئي، قبوليت هئي، انهن جي سزا گهڻي گهري، گهڻي مذهبي هئي جنهن کين اهڙي لهر بڻجي سامهون اچڻ جو حق ئي ڏنو ته جيئن اهي سڀ ڪجهه هڪ ڄنگهه تي نچندي جنوني جوالا جيان مليا ميٽ ڪري ڇڏين جيڪو ڪجهه ضروري يا بنيادي نه هجي. چارلس مارس جي برف جهڙي بي جان طنز مزاح ۽ ڊيسپيرو جي چرچن ڀوڳن جي ڀيٽ ۾ مثال طور: رڳو درجا بندي جو فرق هو.

جنوريءَ ۾ يونيورسٽي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ معدنيات جي ٻن سويڊش شاگردن کي ڊاڪٽريٽ جي سند ملڻي هئي.

”توکي ڏسڻ لاءِ ڏاڍو بهترين منظر ملڻ وارو آهي“ ليموردانت ليوسين کي دعوت نامون ڏيندي چيو. وڏو آڊيٽوريم کچاکچ ڀريل هو. جنهن مهل هن فرانس جي قومي تراني جي رڌم تي فرانس جي صدر کي پنهنجي ٻين عهديدارن سميت اندر ايندي ڏٺو ته ليوسين جي دل جهومڻ لڳي:- هو ٻنهي دوستن لاءِ ڊنل هو. ٺيڪ ان مهل انهن مان ڪجهه نوجوان پنهنجي ڪرسين تان اٿي بيٺا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا. ليوسين همدرد نگاهن سان ريمي کي سڃاتو. ڪنهن ڳاڙهي ٽنڊڻ وانگر ٻن همراهن جي وچ مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ سرگردان جيڪي سندس ڪوٽ جي ڪالر ۾ هٿ وجهيو رڙيون ڪري رهيا هئا ”فرانس فرانسيسين لاءِ“ پر هو خصوصي طور هڪ نوجوان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو جيڪو ڪنهن ويڙهو ڏاند واري ڏِک ڏيندي هڪڙي سنڱ سان ڦوڪون ڏيئي رهيو هو.

”اهو ڪيڏو ته هٽو ڪٽو آهي“ هن سوچيو.

هن ڏاڍي دلچسپيءَ سان مٿو مٿي تي مضبوط ڪشش ثقل ۽ درهم برهم ڪندڙ ان ميلاپ جو ذائقو چکيو جنهن نئين ننڍي جوانيءَ کي سمجهداريءَ جو ڇهاءُ ۽ پيريءَ کي شديد ۽ شوخ رنگ ٿي ڏنو.

جلد ئي ليوسين پاڻ به ڀوڳ چرچا ڪرڻ لڳو.

۽ جڏهن هن هيروٽ Herriot جي ڳالهه دهرائي ”جي آئون پنهنجي هنڌ ۾ مري وڃان ۽ منهنجي لاءِ ته ڄڻ خدا هو ئي ڪونه“ هن پنهنجي پاڻ ۾ مقدس روش جو جنم ٿيندي محسوس ڪيو. پوءِ هن ڏند ڪرٽيا ۽ هڪ لمحي لاءِ پاڻ کي اهڙو قائل ٿيندي محسوس ڪيائين، اهڙو سخت، اهڙو سگهارو جهڙو ريمي Remy يا ڊيسپيرو Desperreau. ”ليموردانت صحيح آهي“ هن سوچيو.

”بس توکي عمل جي ضرورت آهي، اهو ئي سڀ ڪجهه آهي، ان ۾ سڀ شامل آهي“ هو اجاين سجاين بحثن ۾ پوڻ کان لنوائڻ سکي ويو: گيگارد، جيڪو رڳو پاڻ اڪيلو ري پبليڪن هو تنهن مٿس اعتراضن جو مينهن وسائي ڇڏيو.

ليوسين فضيلت سان کيس ٻڌو، پر ڪجهه گهڙين کانپوءِ بنهه ماٺ ٿي ويو. گيگارد اڃان ڳالهايو پئي، پر ليوسين ڏانهنس ڏسڻ به گوارا نه پئي ڪيو:- هن پنهنجي ٽرائوزر جا گهنج ٺيڪ ڪيا، سگريٽ جي دونهين مان ڇلا ٺاهيندي ۽ عورتن ڏي ڏسندي لطف اندوز ٿيو، پر بهرحال گيگارد جا رڳو چند هڪ اعتراض ٻدائين، پر اهي به تمام جلد پنهنجو وزن وڃائي ويٺا ۽ تِرڪي پري ٿي ويا. آخر ۾ گيگارد ماٺ ٿي ويو، ماٺ ۽ متاثر ليوسين پنهنجي والدين کي پنهنجي نون دوستن بابت ٻڌايو ۽ ليموردانت کانئس پڇيو ته ”ابا هو ڪامريڊ ٿيڻ چاهي ٿو يا نه!“ ليوسين ڪجهه هٻڪيو ۽ پوءِ چيائين ”آئون للچائجي ويو آهيان، سچ ته آئون ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان.“

”ليوسين آئون توکي منٿ ٿي ڪيان ته ايئن نه ڪجانءِ“ سندس ماءُ چيو، ”اهي ڏاڍا تڪڙا تاج آهن ۽ تمام جلد ڪجهه خراب ٿي سگهي ٿو. توکي خبر آهي تون ڪنهن به وقت ڪنهن ڏچي ۾ پئجي جيل ڀيڙو ٿي سگهين ٿو، ٻي ڳالهه ته تون سياست جي گورک ڌنڌي ۾ پوڻ جي ڄمار کان اڃان گهڻو ننڍڙو آهين.“

ليوسين کيس رڳو هڪ مضبوط مرڪ سان جواب ڏنو ۽ مسٽر فليوريئر وچ ۾ مداخلت ڪندي چيو، ”هن کي اڪيلو ڇڏي ڏي مٺي!“ هن نرميءَ سان چيو، ”هن کي پنهنجي خيالن جي پوئلڳي ڪرڻ ڏي، کيس انهن مان گذرڻو آهي.“

ان ڏينهن کان وٺي ليوسين محسوس ڪيو ته سندس والدين واقعي چڱو توجهه ڏيڻ لڳا آهن.

اڃان هن ڪو فيصلو نه ڪيو:- هنن ڪجهه هفتن ۾ کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو، پنهنجي واري ۾ هن پنهنجي پيءُ جي مهربان تجسس ڏي، مادام فليوريئر جي ڳڻتين ڏي، گيگارد جي وڌندڙ عزت ڏي، ليموردانت جي زور بار ۽ ريمي جي بي حيرتيءَ جي توجهه ڏني ۽ پنهنجو مٿو ڌوڻيندي هن پنهنجي پاڻ کي چيو ”هيءُ ڪو ننڍڙو معاملو ناهي“ هو ليموردانت سان ڪافي ڊگهيون ڪچهريون ڪري چڪو هو ۽ ليموردانت چڱيءَ طرح سندس سبب سمجهي ويو هو ۽ کيس تڪڙ نه ڪرڻ جو چيائين.

ليوسين اڃان پنهنجي ماضيءَ جي يادگيرين جو قيدي هو:- هن وٽ پنهنجي باري ۾ ڪنهن ليسداري مادي مان ٺهيل هڪ صاف شفاف ڇليدار شيءِ جهڙو تاثر هو جيڪا ڪنهن ڪيفي جي ٽيبل تي دکي رهي هجي ۽ ڪامريڊن جي ڇوڪراڻي پوتي ڪنهن به نه ڌوتي جهڙو احتجاجي رويو هن لاءِ بنهه هڪ فضول شيءِ هو، پر ڪڏهن ڪڏهن هن پاڻ کي ڪنهن جبل جيان ڳرو ۽ مضبوط ٿي محسوس ڪيو ۽ گهڻي ڀاڱي ڏاڍو خوش هو.

هن نئين جٿي سان رهندي پاڻ کي مطمئن ۽ مسرور محسوس ڪيو. هن کين هيبرارد جو گذريل موڪلن دوران سيکاريل گيت “Noce a Rebecca” ٻڌايو جيڪو سڀني کي ڏاڍو وڻيو.

ليوسين يهودين بابت ڪجهه ڪڙا ڪسارا جملا چيا ۽ بارلياڪ بابت ڳالهايائين جيڪو سندس خيال ۾ هڪ ڦلترو شخص هو: ”مان هميشه پاڻ کان پڇندو هئس ته هي ماڻهو ايڏو هلڪڙو ۽ سطحي ڇو آهي! ايترو هلڪڙو هجڻ ته ممڪن ئي ناهي! پوءِ هڪ ڏينهن مون کي ڳالهه دماغ ۾ ويٺي ته هي همراهه به انهن جي قبيلي مان آهي.“

هرهڪ کلڻ لڳو ۽ ليوسين ٻه فوٽ مٿي ٿي ويو. هن پاڻ کي يهودين جي حوالي سان گهڻو چيڙاڪ ۽ مشتعل محسوس ڪيو ۽ هن لاءِ بارلياڪ جو يادگيريون ڏاڍيون اڻ وڻندڙ هيون.

ليموردانت سندس اکين ۾ نهاريو ۽ چيائين ”تون هڪڙو حقيقي ماڻهو آهين بلڪل نج پج“ ان کانپوءِ هو اڪثر ليوسين کي چوندا هئا ”فليوريئر، يهودين بابت ڪو لطيفو ٿي وڃي.“

۽ ليوسين کين يهودين بابت لطيفه ٻڌائڻ لڳندو هو جيڪي کيس پيءُ ٻڌايا هئا. بس هن کي رڳو ايترو ڪرڻو هو جو شروعات ڪرڻي هئس. پنهنجي دوستن جي چهرن تي مرڪون پکيڙڻ لاءِ ”هڪ ڏينهن ليوي جي بلوم سان ملاقات ٿي وئي…“

هڪ ڏينهن ريمي ۽ پيٽنٽور ٻڌايو ته ڪيئن هڪ دفعي سئن ندي جي ڪناري سندن هڪ الجيريئن يهودي سان ملاقات ٿي وئي ۽ ڪيئن هنن کيس اهو چئي ڊيڄاريو هو ته اسين توکي درياهه ۾ ٿا اڇلايون… ”مون پنهنجو پاڻ کي چيو“، ريمي ڳالهه مڪمل ڪندي چيو ”ڪيڏي نه شرمندگيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان سان گڏ فليوريئر نه هو.“

”شايد اهو بهتر ٿيو جو فليوريئر گڏ نه هو“ ڊيسپيرو وچ ۾ ڳالهايو ”هي ته هن ويچاري کي درياهه ۾ ڦٽي ڪري ڇڏي ها.“

ليوسين جهڙو ٻيو ڪوبه نه هو جيڪو ڪنهن يهوديءَ کي سندس نڪ ڏسي سڃاڻي وٺي.

جنهن مهل گيگارد سان گڏ ٻاهر ويو ته کيس ٺونٺ هڻي چيائين ”پوئتي نه نهارجانءِ پنهنجي ڀر ۾ جيڪو بندرڙو همراهه آهي اهو انهن مان اٿئي.“

”اتي رکينس“ گيگارد چيو، ”تون ته انهن کي سونگهندي ئي سڃاڻي ٿو وڃين“

فيني ته ڪنهن يهوديءَ جي ڀر ۾ به نه بيهي سگهندي آهي:- اهي چارئي هڪ خميس تي ماد جي ڪمري ۾ ويا ۽ ليوسين Noce a Rebecca ڳاتو، فئني هڪ پل لاءِ به اتي بيهي نه پئي سگهي، چوڻ لڳي، ”بند ڪر، بند ڪر اهو بي سُرو آلاپ نه ته آئون سُٿڻ وڃائي ويهنديس“ ۽ جنهن مهل هن ڳائڻ بند ڪيو ته فيني ڏانهنس شڪرگذار نگاهن سان ڏٺو. هنن اتي مٿس ڀوڳ چرچا ڪيا. اتي ڪو نه ڪو اهڙو همراهه ضرور هڪيو تڪيو ضرور موجود هوندو ئي هوندو جيڪو بي خبريءَ واري انداز ۾ چوندو ”فليوريئر صاحب… جنهن کي يهودي ڏاڍو ٿا وڻن“ يا وري چوندو ”ليون بلم، فليوريئر جو عظيم دوست“ ۽ ٻيا دوست ساهه روڪي وات پٽي، ٽهڪن جي وچ ۾ انتظار پيا ڪندا. ليوسين لال ڳاڙهو ٿي ويندو ۽ ميز تي زور سان مُڪ هڻندي رڙ ڪندو، خدا جي واسطي…“ ۽ سڀئي ٽهڪن ۾ ٻڏي ويندا.

هو اڪثر ڀيرا هنن سان گڏ سندس سياسي گڏجاڻين ۾ شامل ٿيو ۽ اتي پروفيسر ڪلاد ۽ ميڪسم ريئل دئل سارتي کي ٻڌايائين.

هن جو ڪم هنن نين ذميوارين جي ڪري ٿورو ٿڪو متاثر ٿيو، پر ليوسين اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ کان محروم نه رهيو، ان سال مسٽر فليوريئر ڏاڍي شفقت نڇاور ڪئي، ”بهرحال“ هن پنهنجي زال کي چيو ”ليوسين کي مچي مڙس ٿيڻ جو هنر ضرور سکڻ گهرجي.“

انهن گڏجاڻين کانپوءِ ليوسين ۽ سندس دوستن پنهنجي مٿي ۾ ڦيري محسوس ڪئي ۽ کيس ڪجهه کيڏ کيڏڻ ڏنا ويا.

هڪ دفعي انهن مان ڪو ڏهاڪو کن ڄڻا هڪڙي ننڍي قد واري همراهه کي سينٽ آندري، ديس، آرٽ وٽ ڦري آيا جيڪو Humanite پڙهندي گذري رهيو هو. هنن کيس ڌڪو ڏيئي ڀت سان لڳايو ۽ ريمي کيس حڪم ڏنو ”هيٺ اڇلائي اهو ڪاغذ“ بندري ماڻهوءَ ڪو رد عمل ڏيکارڻ ٿي چاهيو، پر ڊيسپيرو ڪنڊ مان نڪتو ۽ کيس چيلهه مان ٻانهن ورائي سٽ ڏنائين جڏهن ته ليوسين کيس هڪ ڌيري مُڪ هڻي سندس هٿ ۾ جهليل ڪاڳر ڪيرائي ڇڏيو، اهو سڀ ڏاڍو حيران ڪندڙ هو. ڪاوڙ ۾ ڀريل بندري ماڻهوءَ هوا ۾ لت هڻندي دانهن ڪئي ”مون کي ڇڏي ڏيو! ڇڏي ڏيو“ ليموردانت سانتيڪي انداز ۾ ماٺ ماٺ ڪاڳر ڦاڙي ڦٽي ڪيو، پر حالتون ان مهل هٿ مان نڪرڻ لڳيون جنهن مهل ڊيسپيريو چاهيو ته بندري شخص کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي:-

هن پنهنجي پاڻ کي ليموردانت جي مٿان کڻي سٽيو ۽ ان کي پٽ تي وڃي هڻي ها جي ريمي سندس ڪن وٽ هڪڙو ٺونشو ٺڪاءَ نه ڪرائي ها. همراهه ڀت سان وڃي لڳو ۽ سڀني ڏي ڪرڙين اکين سان ڏسندي دانهون ڪرڻ لڳو ”گندو فرانس“

”اهو جملو وري چئو ڙي!“ مارڪيسئو ٿڌي لهجي ۾ گهر ڪئي.

ليوسين محسوس ڪيو ته ڪم خراب ٿيڻ وارو آهي:- ڳالهه جڏهن فرانس جي هجي ته پوءِ مارڪيسئو مڙڻ وارو ڪٿي آهي!

”گندو گندو فرانس“ ڄاهي چيو. کيس وري هڪڙو چنبو لڳو ۽ هن پاڻ کي اڳتي اڇلايو، سندس منهن هيٺ هو.

”گندو آهي فرانس، گندا آهن بورزوائي، مون کي اوهان کان نفرت آهي، نفرت آهي مون کي اوهان سڀني شودن سان، سڀني سان!“

۽ ٻين انتهائي واحيات قسم جي پِٽن پاراتن جو سيلاب جيڪو ليوسين اڳ نه ڪڏهن ٻڌو نه ڏٺو. پوءِ سندن صبر جو پئمانو لبريز ٿي ويو ۽ کيس سبق سيکارڻ لاءِ ڏانهنس وڌيا.

ڪجهه دير کانپوءِ انهن منجهانئس هٿ ڪڍيا، پر همراهه اٿيو ته ڀت ۾ وڃي لڳو:- ساهه جو هانڀارو پئي لڳس، هڪ ٺونشي سندس کاٻي اک ڪڍي وڌي هئي ۽ هو جيڪي کيس ماري ماري ٿڪجي پيا هئا سي کيس چوطرف ڦريو ان انتظار ۾ بيٺا هئا ته ڪيڏي مهل ٿو همراهه ڦهڪو ڪري. …(هلندڙ)…

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments