اڃان گاديءَ واري هنڌ تي جهيڙو ختم ئي نه ٿيو هو ته تبريز ۾ گوليون هلڻ لڳيون- مان هاورڊ کي ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ وٺڻ آيو هئس ۽ اسان “انجمن” کان فاضل کي کنيو، کيس ڪنهن مائٽ وٽ مانيءَ جي دعوت هئي- اسان اڃان بازار ۾ پير ئي رکيو هو ته گولي هلڻ جو آواز ٻڌوسين ايئن لڳو ته اها ڪٿان ويجهو کان ئي هلي هئي-
اسان تجسس ۾ هئاسين، جنهن ۾ لاپرواهي جو عنصر به شامل هو، جتان آواز آيو هو اسان ان پاسي هلڻ لڳاسين اسان کي سئو ميٽرن جي فاصلي تي هڪڙو گوڙ ڪندڙ هجوم اڳيان وڌنڌو نظر آيو- هوا ۾ مٽي ۽ دونهون شامل هئا، لٺيون پئي هليون، رائيفلون ۽ ٻرندڙ مشعلون ۽ گڏوگڏ رڙين جا آواز جن کي آئون ان ڪري نه پئي سمجهي سگهيس جو اهي آذري ٻوليءَ ۾ هيون جيڪا تبريز جي ترڪن جي ٻولي آهي- باسڪر ويل ترجمو ڪري ٻڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي: “مرگ بر دستور”، “مرگ بر پارليامان”، “مرگ بر بي خدا”، “شاهه زنده باد”- شهر جا ڪيترائي ماڻهو مختلف پاسن ۾ ڊوڙندا ٿي ويا- هڪ پوڙهو ماڻهو رسيءَ جي سري سان ٻڌل گم سم ٻڪري کي گهلي رهيو هو- هڪ عورت ڌڪو لڳڻ سبب ڪري پئي ۽ سندس اٺن سالن جي ٻار کيس اٿڻ ۾ مدد ڪئي، هوءَ ان سان گڏ منڊڪائيندي اتان کان نڪري وئي-
اسان پاڻ به تکا تکا قدم کڻندا جلسي واري جاءِ طرف وڌڻ لڳاسين- رستي ۾ ڏٺوسين ته نوجوانن جو هڪ ٽولو ٻن وڻن جي وچ ۾ رڪاوٽ کڙي ڪري رهيو هو جنهن ۾ ميزون، سرون، ڪرسيون، دٻا ۽ پيپا ڍير ڪندا ٿي ويا- اسان کي سڃاتو ويو ۽ لنگهڻ ڏنو ويو، پر گڏوگڏ اها نصيحت به ڪئي وئي ته تيزيءَ سان نڪري وڃو ڇو ته “هو هتي پهچڻ وارا آهن”، “چوڪ کي ساڙڻ جي نيت اٿن،” “انهن ابن آدم جي قتل ڪرڻ جو قسم کاڌو آهي-”
“انجمن” جي عمارت ۾ فاضل جي چوڌاري 40، 50 ماڻهو گڏ ٿيل هئا ۽ صرف وٽس ئي رائيفل نه هئي- هن وٽ صرف آسٽريليا جو ٺهيل منلشر طرز جو پستول هو جنهن جو واحد مقصد پنهنجي چئني پاسي انهن جاين طرف اشارو ڪرڻو هو جتي کين مورچا ٺاهڻا هئا- هو پرسڪون نظر اچي رهيو هو، گذريل شام جي ڀيٽ ۾ گهٽ پريشان، سڪون جي اهڙي ڪيفيت جيڪا ڪنهن مردِ عامل کي ان وقت محسوس ٿيندي آهي جڏهن سندس ناقابل برداشت انتظار ختم ٿي ويندو آهي-
“ڏٺئي!” هن غير محسوس انداز ۾ فتح منديءَ واري لهجي ۾ چيو- “پانوف جي هڪ هڪ ڳالهه، اکر به اکر درست ثابت ٿي- ڪرنل لياخوف تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي- هن پنهنجي تهران جي عسڪري منتظم هجڻ جو اعلان ۽ اتي ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي- اڄ صبح کان گاديءَ واري هنڌ ۽ ٻين سڀني شهرن ۾ ‘دستور’ جي حامين تي هٿ وجهڻ جي کلي ڇوٽ ڏني آهي، ابتدا تبريز کان ٿي آهي-”
“جيڪڏهن مان تبريز آيو آهيان ته ان لاءِ ته مون کي معلوم آهي هي شهر مزاحمت ڪندو- هيءَ زمين جتي اسان بيٺا آهيون، ان تي هاڻي ‘دستور’ جي حڪمراني آهي- پارليامان جي ويهڪ هتي ٿيندي، قانوني حڪومت جو مستقل ٺڪاڻو- معرڪو سخت ٿيندو پر جيت اسان جي ٿيندي- منهنجو ساٿ ڏيو!”
اسان سندس پٺيان لڳاسين، گڏوگڏ ساڻس اڌ درجن کن حامي به هئا- هو اسان کي باغ طرف وٺي هليو ۽ گهر جو چڪر لڳائي ڪاٺيءَ واري ڏاڪڻ وٽ آيو جنهن جو مٿيون حصو وڻ جي گهاٽن پنن ۾ لڪيل هو- اسان مٿي ڇت تي آياسين هڪ سوڙهي رستي کان لنگهندي، ڪجهه قدم ڀري مٿي چڙهياسين ۽ هڪ ڪمري ۾ پهتاسين جنهن جون ڀتيون ڏاڍيون ٿلهيون هيون ۽ دريون ننڍڙيون ننڍڙيون پر ڏاڍيون خطرناڪ ٿي لڳيون- فاضل اسان کي ڏسڻ جي دعوت ڏني: اسان پاڙي جي سڀ کان وڌيڪ مصيبت جهڙي داخلي رستي جي مٿان هئاسين جنهن جو وات في الوقت رڪاوٽ وجهي بند ڪيو ويو هو ان جي پٺيان لڳ ڀڳ 20 ماڻهو رائيفلون کنيو گوڏن ڀر ويٺا هئا-
“ٻيا به آهن،” فاضل وضاحت ڪئي، “ايترائي پر عزم- انهن محلي ۾ داخل ٿيڻ جا سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن- جيڪڏهن ڌڻ هتي آيو ته ان جي آجيان ايئن ئي ڪئي ويندي جنهن جو اهو مستحق آهي-”
“ڌڻ،” سندس ڏنل نالو، گهڻو پري نه هو يقينن هو رستي ۾ “ابناءِ آدم” جي ٻن ٽن گهرن کي باهه لڳائڻ لاءِ رستي ۾ بيهي رهيا هوندا، پر انهن جو دٻاءُ مستقل هو- ۽ انهن جون رڙيون ويجهو ايندي محسوس ٿي رهيون هيون-
اوچتو ئي اسان جي مٿان ڏڪڻي طاري ٿي وئي اسان ان جي ڪيترو به توقع مطابق يا ڀت جي امان ۾ ڇو نه هجون، اهڙي وحشي ٽولي جو منظر جيڪو موت جا نعرا هڻندو سڌو سنئون ماڻهن طرف اچي رهيو هجي شايد اهو ڪنهن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڊيڄاريندڙ تجربو ٿي سگهي ٿو-
“هاڻي انهن کي خوفزده ڪرڻ سراسر اسان تي منحصر آهي-”
هن پنهنجي مددگارن کي رائيفلون اسان کي ڏيڻ لاءِ چيو- هاورڊ ۽ منهنجي وچ ۾ هلڪي مرڪ جي ڏي وٺ ٿي- اسان ان ٿڌي شيءِ جو وزن ڪشش ۽ ناگواري ٻنهي کي محسوس ڪيو-
“درين ۾ مورچو ٺاهيو،” فاضل رڙ ڪئي- “۽ جيڪو به ويجهو ايندو نظر اچي گولي سان اڏايوس- مان هاڻي هلان ٿو- انهن جنگلين سان اوچتي ڪارروائي ڪرڻي آهي-”
هو اڃان مشڪل سان ٻاهر نڪتو ئي هو ته سخت جنگ شروع ٿي وئي، اهڙي جو ان جو ذڪر ڪرڻ متان ڪوڙ لڳي- مڇريل هجوم پهتو- اهو گوڙ ڪرڻ وارن ۽ احمقن جو هڪ وڏو هجوم هو جنهن جي هر اول دستي پنهنجو پاڻ کي پنهنجي مخالفن جي لاءِ ايئن تيار ڪيو هو جو ڄڻ اهي سڀ ڄڻا رڪاوٽن کي عبور ڪرڻ واري ريس ۾ حصو وٺي رهيا هجن- “ابناءِ آدم” گولين جي هڪ قطار هلائي ۽ پوءِ ٻي- درجن کن حملا آور ماريا ويا ۽ باقي پٺيان ڀڳا- صرف هڪ ڄڻو رڪاوٽ کي عبور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر بيڪار: خنجر سندس سيني مان پار ٿي ويو- هن دردناڪ رڙ ڪئي ۽ مون پنهنجيون اکيون ڦيري ڇڏيون-
مظاهري ۾ گهڻن ماڻهن عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪندي پٺيان پير رکيا، بس ڪاوڙ مان هڪ ئي نعرو: “مرگ!” لڳائڻ تي بس ڪيائون- پوءِ هڪ جٿي رڪاوٽ تي مٿن تازو حملو ڪيو- يعني هن ڀيري اهي دفاع ڪرڻ وارن ۽ درين تي جتان کان گوليون هلي رهيون هيون حملو ڪري رهيا هئا- پنهنجي ٽوليءَ ۾ صرف هڪ “ابن آدم” جي پيشانيءَ تي گولي لڳي هئي ۽ هن جي ساٿين جي نشاني بازي حملا آورن جي اڳين صفن جو صفايو شروع ڪري ڇڏيو هو- حملو ڪمزور ٿيڻ لڳو، مڇريل هجوم پٺيان هٽڻ لڳو ۽ ڪنهن نئين ترڪيب تي عمل ڪرڻ لاءِ زور زور سان بحث ڪرڻ لڳو- هو اڃان تازي ڪوشش لاءِ ٻيهر منظم ٿي رهيا هئا ته هڪ ڌماڪي سڄي پاڙي کي لوڏي ڇڏيو- هڪ گولو مڇريل هجوم جي بلڪل وچ ۾ اچي ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ ڏاڍو جاني نقصان ٿيو ۽ ان کانپوءِ انڌاڌنڌ افراتفري مچي وئي- پنهنجو دفاع ڪرڻ وارن پنهنجون بندوقون کنيون ۽ نعرا لڳا: “مشروطِه!، مشروطِه!”- يعني “دستور!، دستور!” رڪاوٽ جي پرئين پاسي زمين تي اسان کي درجن کن لاش نظر اچي رهيا هئا- هاورڊ سرٻاٽ ڪندي چيو:
“منهنجو هٿيار اڃان تائين ٿڌو لڳو پيو آهي مون اڃان تائين هڪ ڪارتوس به استعمال ناهي ڪيو، ۽ تو؟”
“نه مون ئي-”
ڪنهن جي سر جو نشانو وٺان ۽ ان کي مارڻ لاءِ ٽرگر کي دٻايان…!
چند لمحن ۾ فاضل موٽي آيو، تمام خوش-
“ڪيئن رهي منهنجي اوچتي ڪارروائي؟ اها هڪ پراڻي فرانسيسي توپ هئي ‘دبانج’ طرز جي، جيڪا شاهي فوج جي هڪ آفيسر اسان کي وڪڻي ڏني هئي- ڇت تي پئي آهي، اچو اچي ڏسو! جلد ئي هڪ ڏينهن اسان ان کي تبريز جي سڀ کان وڏي چوڪ تي بيهارينداسين ۽ ان جي هيٺان اهو لکي ڇڏينداسين ته: ‘هن توپ “دستور” کي بچايو!’
مون کي سندس لفظ ڪجهه غير يقيني سان چيل معلوم ٿي رهيا هئا جيتوڻيڪ مان ان کان انڪار نٿي ڪري سگهيس ته هن ڪجهه ئي منٽن ۾ چڱي خاصي وڏي فتح حاصل ڪري ورتي هئي- سندس مقصد بلڪل صاف ۽ واضح هو- اهڙي چوڪ جو قيام جتي آخري “دستوري” جمع ٿي سگهن ۽ امان حاصل ڪري سگهن بلڪه ان کان به وڌيڪ اهو ته آئنده جي لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا آهن انهن جي منصوبابندي ڪري سگهجي-
جون جي ان پريشان ڏينهن جيڪڏهن اسان ڪنهن کي چيو هجي ها ته تبريز جي بازار جي صرف چند داخل ٿيڻ واريون گهٽيون، پنهنجي “لي بيل” رائيفلن جي ٻن نالين ۽ “دبانج” توپ جي مدد سان اسان ايران جي ڦريل آزاديءَ کي ٻيهر حاصل ڪيو آهي ته اسان تي ڪنهن کي يقين اچي ها؟
پر ٺيڪ اهو ئي ٿيو هو، پر ان جي قيمت اسان جي مخلص ترين کي پنهنجي جان سان ادا ڪرڻي پئي-