بلاگ

”نوجوانن ڏانهن“

ليکڪ: پيٽر ڪروپاتڪن
ڪتاب
جو ليکڪ پيٽر ڪروپاتڪن ھڪ سرمائيدار گھر جو فرد ھو، جنھن جي گھر ۾ چاليھ کان وڌيڪ ملازم رکيل ھوندا ھئا، جيڪي ڏينھن رات سندن خدمت ۾ مصروف ھوندا ھئا. پيٽر ڪروپاتڪن جي سمورن گھروارن جي سوچ سرمائيدارانه ھوندي ھئي، پر ڪروپاتڪن ننڍپڻ کان ئي غريب طبقي لاءِ نرم دل رکندڙ ھو. اھو ئي سبب ھو جو ھن ھي ڪتاب ”نوجوانن ڏانھن“ لکيو جيڪو ھر تبديلي پسند ۽ سوشلسٽ انقلاب جو نظريو رکندڙ نوجوان جي نظرئي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ۽ ان جي راھ ھموار ڪري ٿو.
ھن ڪتاب ۾ ليکڪ معاشري جي نوجوانن سان مخاطب آھي جيڪي مستقبل ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل يا ٻئي ڪنھن سٺي شعبي ۾ ويندا. ليکڪ ھن ڳالھ جي تنقيد پيو ڪري ته جيڪڏھن توھان مستقبل ۾ ڪنھن سٺي منزل تي پڄو ٿا ۽ پوءِ اگر اوھان ڊاڪٽر ٿيو ٿا ۽ اوھان وٽ ڪو غريب مريض اچي ٿو جنھن وٽ دوا وٺڻ جا به پئسا ناھن ۽ اوھان ان کي چئو ٿا ته توکي خوراڪ جي ڪمي آھي ۽ سٺي غذا استعمال ڪر. جيتوڻيڪ توھان ان جي مالي حالت جو اندازو اڳ ۾ ئي ڪري ورتو آھي پوءِ به روايتي ڳالھ ڪريو ٿا. پوءِ اوھان جي ڊاڪٽر ٿيڻ جو فائدو صرف اوھان تائين ئي محدود رھيو نه ڪي ان غريب کي ڪو فائدو رسيو. ايئن ئي پيٽر ڪروپاتڪن ٻين مختلف شعبن جو مثال ڏئي ٿو ته ڪيئن اوھان جي ڪم جو فائدو اوھان تي ئي محدود رھي ٿو. ان سان گڏوگڏ ليکڪ پڙھندڙ جي اھڙي نموني سان ذھن سازي ڪري ٿو جو ان جي دل ۾ غريب ۽ بيوس ماڻھن لاءِ خاص ھمدردي جو احساس پيدا ڪري ٿو. ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته ھر نوجوان کي ھي ڪتاب ”نوجوانن ڏانھن“ ضرور پڙھڻ گھرجي، پر خاص ڪري اسان جا اھي دوست جيڪي سوشلزم جي نظرئي تي يقين رکن ٿا ۽ طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ محنت ڪن ٿا ته اهي ھي ڪتاب ضرور پڙھن. ڇو ته ھن ڪتاب جو اگر خلاصو يا نچوڙ ڏسون ٿا ته اسان کي ھڪ ئي ڳالهه سمجھ ۾ ايندي ته چاھي اسين ڪيڏا به سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل يا ڪنھن ٻئي شعبي سان لاڳاپيل هجون ۽ اتان ڳچ رقم حاصل ڪريون ته اھو سڀ ڪجھ بيڪار آھي. اسان جو اصل مقصد پاڻ کان گھٽ طبقي وارن ماڻھن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ ھجي جيئن اسان جي معاشري جو غريب طبقو به پنھنجي زندگي پُرسُڪون نموني سان گذاري سگھي.
***