ايڊيٽوريل

نون ليگ جي منشور ۾ نيب جي خاتمي وارو اعلان ساراهه جوڳو آهي

ملڪ جي هڪ اهم سياسي جماعت مسلم ليگ نواز پنهنجي منشور جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو هڪ خاص نقطو قومي احتساب بيورو جي خاتمي جو اعلان پڻ آهي، جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ نون ليگ اقتدار ۾ آئي ته متنازعه بڻيل نيب جي اداري کي ختم ڪري ڇڏيندي. اهو ادارو پرويز مشرف جي سربراهي ۾ 1999 ۾ ٺاهيو ويو. جڏهن انهيءَ اداري جو بنياد رکيو ويو هو ته اهو واضح طور نظر اچي رهيو هو ته سرڪار پنهنجي مخالفن سان حساب صاف ڪرڻ لاءِ اهو ادارو ٺاهيو آهي. جڏهن ته وقت جي حڪمران پرويز مشرف ان اداري جي جوڙجڪ لاءِ جواز ٻڌائيندي اهو چيو هو ته “نيب کي بدعنوان ماڻهن ۾ خوفِ خدا ڏيارڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته منهنجي اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين پاڪستان هڪ ناڪام رياست جي ڪناري تي هو”. ساڳيو ئي سال آهي جڏهن پرويز مشرف هڪ چونڊيل حڪومت برطرف ڪري سياسي رهنمائن کي جيل ۾ وجهي انهن کي سزائون ڏيارڻ جي باوجود مطمئن ڪونه هو، ان ڪري کيس نيب جهڙي اداري جي ضرورت پيش آئي. اهڙو ادارو جنهن هر دور جي سرڪارن کي پنهنجي مخالفن لاءِ سولو رستو فراهم ڪيو. جڏهن اهو ادارو قائم ڪيو پئي ويو، تڏهن سرڪاري سڌ سماءَ جي وسيلن اهو ڍنڍورو وڄايو ته مالياتي ۽ معاشي لُٽ کي روڪڻ ۾ اهو ادارو اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ لٽيل دولت واپس ڪرائي سرڪاري خزاني ۾ داخل ڪندو. 16 نومبر 1999 تي پرويز مشرف جي هٿان قائم ٿيل ان اداري کي هر سطح جي انڪوائري جا اختيار هئا ته اها مالي بدانتظامي، اقتصادي دهشتگردي، نجي ۽ رياستي شعبي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ ڪرپشن ڪري ڪمايل پئسي کي واپس سرڪار کي منتقل ڪري. هر وقت جي حڪومت جي حمايت جي باوجود نيب پنهنجي ابتدائي مقصدن ۾، جنهن لاءِ اها قائم ڪئي وئي هئي ناڪام ٿي. اسين اهو سمجهون ٿا ته 1999 ۾ جڏهن اهو ادارو ٺاهيو پئي ويو ته ادارو ٺاهيندڙن جا ارادا سُٺا نه هئا، اهو ادارو ٺاهيو ئي سياسي انتقام لاءِ ويو هو. سال 23-2022 ۾ ملڪ جا سياستدان، اعليٰ عدالتون ان نتيجي تي پهتيون ته نيب نه صرف پنهنجي طئي ڪيل مقصدن ۾ ناڪام ٿيو آهي، پر ورندو انهيءَ اداري ملڪ جي ترقي کي نقصان ڏنو آهي. اعليٰ سول عهديدارن وفاقي ۽ صوبائي، سيڪريٽرين ۽ ٻين عملدارن ڄڻ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جو نيب سياستدانن سان گڏ آفيسرن کي به سياسي انتقام جو نشانو بنائي رهي هئي. نيب پنهنجي قيام کان ئي هڪ غلط ادارو هو، پر جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي سربراهي وارو دور، هڪ ڪارو دور هو. جڏهن هو ڄڻ بليڪ ميل ٿيل ۽ سرڪار جي اشارن تي غير قانوني ڪم ڪندو رهيو. تحريڪ انصاف جي گذريل سرڪار ۾ وزيراعظم جڏهن ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي پنهنجي مخالفن لاءِ غير قانوني قدم کڻڻ لاءِ چيو تڏهن ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي بشير احمد ميمڻ وزيراعظم کي چيو ته قانون انهن قدمن جي اجازت نه ٿو ڏئي. ڊي جي ايف آءِ اي ته پنهنجي عهدي تان هٽي ويو، پر جسٽس جاويد اقبال جي سربراهي ۾ اهي سڀ ڪم نيب ڪيا جن کي بشير احمد ميمڻ صاحب غير قانوني قرار ڏنو هو. جسٽس جاويد اقبال جي دور ۾ نيب جڏهن پنهنجا انگ اکر پيش ڪيا ته ادارو 533 ارب سڌا ۽ اڻ سڌا وصول ڪري چڪو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ۽ نيب حڪام پاران وصول ٿيل رقم جا تفصيل ۽ انهي رقم کي اسٽيٽ بينڪ ۾ جمع ڪرڻ جون شاهديون طلب ڪيون ته نيب جا اهلڪار انهي سلسلي ۾ نه ڪوئي جواب ڏئي سگهيا ۽ نه ئي ڪي شاهديون پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سامهون پيش ڪري سگهيا. ادارو ڪوڙ تي هلندو رهيو ۽ ڪوڙ سان گڏ خوف هو ۽ مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ سزائون ملنديون رهيون، جن ۾ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جا سڀ نالي وارا اڳواڻ شامل هئا. ڪامورن ۾ فواد حسن فواد ۽ احد چيما جهڙا اهم آفيسر به نيب جي چڪي ۾ پيسبا رهيا ۽ جڏهن چيئرمين نيب طيبه گل جي اسڪينڊل ۾ بليڪ ميل ٿيندو رهيو. اهو تڏهن ٿيو جڏهن هن تحريڪ انصاف جي ڪجهه اهم رهنمائن جي خلاف تحقيقات شروع ڪرڻ جو اشارو ڏنو ته انهي کان ڪجهه وقت پوءِ ئي هڪ مبينه آڊيو ۽ وڊيو منظرعام تي اچي وئي جنهن ۾ هو طيبه گل سان قابل اعتراض گفتگو ڪري رهيو هو. انهي آڊيو ۽ وڊيو جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ حڪمران جماعت جي رهنمائن جون انڪوائريون روڪيون ويون، پر مخالفن کي سزائون ڏنيون ويون. جن ۾ اهم سزائون سابق وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي نياڻي مريم نواز شريف کي مليون. جيئن ته نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو چڱن ارادن سان قائم ٿيل ڪونه هو، انهيءَ ڪري انهي جا نتيجا به سٺا نه نڪتا. ائين به ٿيو جو نيب براڊ شيٽ نالي ڪمپني سان معاهدو ڪيو ته اها ٻاهرين ملڪن ۾ چوري جي پئسي کي واپس ڪرائيندي، ٿيو ائين جو براڊ شيٽ ۽ نيب پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪڙو پئسو به وصول نه ٿيو، ٻئي طرف نيب جي حماقتن ۽ نااهلي جي ڪري پاڪستان جي ٽيڪس ڏيندڙن جا 28 ملين ڊالر ڏنڊ ۾ براڊ شيٽ کي ڏيڻا پئجي ويا. ملڪ جي سياسي، سماجي حلقن جي نظر ۾ نيب هڪ بهتر اداري بدران ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ ادارو آهي. مسلم ليگ نواز جي منشور ۾ نيب جي خاتمي جي اعلان کي ڀليڪار ڪجي ٿي، ۽ اميد آهي ته 8 فيبروري 2024 کانپوءِ وجود ۾ ايندڙ پارليامينٽ پهريون ڪم نيب جي خاتمي جو ڪندي.