”نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون“ ساجد مسڻ
بقول استاد مٺل خان مسڻ“سٺا ڪتاب سالن ۾ لکبا آهن.”
اسان جي هن سماج ۾ ماڻهو جي سڃاڻپ سندس ڪم هوندو آهي، جيڪو هو هتي ڪندو آهي، ساڳئي طريقي سان محترم زرار پيرزادي جي سڃاڻپ به سندس ئي انوکو ڪم “نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون” لکڻ آهي، جيڪو هو گذريل 20 سالن کان باقائده بهترين ۽ منفرد انداز ۾ ڪندو اچي ٿو.
اسان وٽ زرار پيرزادو جي سڃاڻپ هڪ “عوامي ليکڪ” طور مشهور آهي، ان جو وڏو سبب ۽ ثبوت اهوئي آهي ته هو هميشه عوامي مسئلن کي سڀني کان اڳ ۾ ترجيحي بنيادن تي پنهنجي قلم جي طاقت سان اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندو آهي جيڪو هڪ غير معمولي ڪم پڻ آهي.
زرار پيرزادي جنهن به موضوع تي قلم کنيو آهي ته اهو عملي طور تي زير بحث ۽ انصاف ڏيارڻ تائين پهتو آهي، سندس لکڻين ۾ ڪشش آهي، هن جي لکڻ جو ڏانءُ ٻين کان منفرد ۽ بي مثال آهي، هن کي پنهنجي موقف مڃرائڻ جو بهترين ڏانءُ پڻ آهي. ائين کڻي چئجي ته هن پنهنجي قلمي پورهئي جي ذريعي ڪيترن ئي بي پهچ مسڪين ماروئڙن کي انصاف ڏياريو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي.
زرار پيرزادي جي انوکي ڳالھه جيڪا مون نوٽ ڪئي آهي، سو اُها آهي ته هي وقتائتو ڪالم نگار آهي ڪرنٽ اشوز هجن، عالمي ڏينهن هجن، سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي شخصيتن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جا ڏينهن هجن يا سنڌ جي وحدانيت تي وار هجي، هو ٻين سڀني ليکڪن کان اڳ ۾ قلم کڻي انهن مسئلن تي لکندو آهي، اعليٰ شخصيتن کي مناسب ڀيٽا پيش ڪندو آهي، جيڪو پڻ غير روايتي ۽ غير معمولي ڪم آهي.
هن “نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون” واري ڪتاب ۾ اداري پاران پياري امر پيرزادي، زرار پيرزادي جي علمي، ادبي ۽ شعوري پرک ڪندي ڪيڏو نه بهترين لکيو آهي ته “اڄ جي مصروف ترين دور ۾ زندگيءَ جي وڏن موضوعن کي مختصر لفظن ۾ سھيڙڻ ۽ عوام جي نبض تي هٿ رکي ان کي گائيڊ ڪرڻ هڪ وڏو آرٽ آهي.”
هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 141 شارٽ ڪالم ڏنل آهن، جيڪي ليکڪ پاران چونڊ ڪري ڏنا ويا آهن جڏهن ته اڃان ڏهاڪو ڪتابن جيترو مواد رهي ٿو، جيڪو آهستي آهستي ڪتابي شڪل ۾ اچي ويندو.
زرار پيرزادي جي جيڪا مون ڳالھه نوٽ ڪئي آهي، سا اِها آهي ته هن سان جڏهن به ڪير ملندو آهي ته هو ان کان پهريون ئي سوال اهو ڪندو آهي ته توهان جو اسڪول آف ٿاٽ ڪهڙو آهي؟ وڏي دلچسپ ۽ مزي جي ڳالهه ته هن پنهنجي ڪتاب جي شروعات به انهيءَ ڪالم “اسڪول آف ٿاٽ” سان ڪئي آهي، جنهن ۾ هن هڪ پوائنٽ ۾ لکيو آهي ته “انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪو ماڻهو صرف پاڻ لاءِ پنهنجي گهر، ڪٽنب لاءِ جيئندو آهي، پنهنجي لاءِ سوچيندو آهي ۽ پنهنجي لاءِ لوچيندو آهي، مان ۽ انا جو شڪار آهي، پاڻ پڏائڻ ۾ پورو آهي ۽ پاڻ کي پنهنجي ليکي تيس مار خان سمجهندو آهي ۽ ڄاڻائيندو آهي سو عام ماڻهو ئي هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته اڪثريتي ماڻهو ائين ئي هوندا آهن، انهيءَ ڪالم جي آخر ۾ هن نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالھه به ڪمال جي ڪئي آهي، لکي ٿو ته “سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھه اها آهي ته اسڪول آف ٿاٽ” وڻ ڏٺو شهر ڏٺو جي مصداق ماڻهن، پارٽين ۽ نظرين کي پرکڻ جو پهريون تعارف هوندو آهي.”
هن پنهنجي هڪ ٻئي ڪالم ۾ “ثقافت جو عالمي ڏينهن ۽ قومي تشخص جو سوال“، واري ڪالم ۾ لکيو آهي ته “پر پوءِ به اهم ڳالهه اها آهي ته دنيا اندر جيڪي به قديم تهذيبون آهن، تن ۾ سنڌو جي واحد تهذيب آهي، جنهن جو ثقافتي ورثو اڄ به سنڌي سماج جي وجود ۾ رت وانگر موجود آهي، جڏهن ته عراق جي ميسو پوٽيميا واري تهذيب جو اڄ جي عراق ۽ مصر جي تهذيب جو، اڄ جي مصر جي ثقافت سان پري پري تائين ڪوبه واسطو ناهي رهيو.”
پياري زرار پيرزادي سان گهڻو ويجهو رهڻ ڪري مان هن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هن جي اها ڳالهه ڪيڏي نه قدر لائق، تعريف لائق ۽ داد لائق آهي ته هي هميشه نوٽنگ پوائنٽس نه صرف مثبت انداز ۾ رکندو آهي، پر ساڳئي وقت اها اجتماعي طور تي ترجماني ڪندڙ هوندي آهي.
زرار پيرزادي جي هڪ وڏي خوبي حوصلا افزائي، همت افزائي ۽ عزت افزائي ڪرڻ هوندي آهي. هن اڄ تائين ڪيترن ئي نوجوانن کي ليکڪ ٺاهيو آهي، هن خاص طور تي عورت ذات کي اڳتي آندو آهي، جيڪا بهترين روايت پڻ آهي.
هن پنهنجي ڪالم “درست ماڻهو ادارن ۾ آهن ته ڪم به ٿئي ٿو” ۾ لکيو آهي ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ درست ماڻهو جنهن ۾ احمد شاھ، نورالھديٰ شاهه، ڊاڪٽر ايوب شيخ جو هجڻ ڪري اتي ڪيترائي اهم پروگرام ٿيا آهن ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي کي به هفتيوار گڏجاڻيون ڪرڻ لاءِ جاءِ ڏني وئي آهي. هن آصف فرخي، احمد شاھ، نورالھديٰ شاهه، ڊاڪٽر ايوب شيخ جي به درست ڪم ڪرڻ تي حوصلا افزائي ڪئي. انهيءَ ڪالم جي هڪ پوائنٽ ۾ لکي ٿو ته: انهيءَ ٽيم ڪري ئي مارچ مهيني ۾ امداد حسيني، امر سنڌو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، عبدالغفار تبسم ۽ امر پيرزادي جي ڪتابن جي مهورتن ۽ اڀياس جا پروگرام ٿي رهيا آهن. 24 مارچ تي امر جليل سان به رهاڻ رچائڻ جو اهم پروگرام شيڊيول ۾ رکيل آهي، ائين شمشير الحيدري ۽ سراج ميمڻ تي به آرٽس ڪائونسل جي موجوده ٽيم يادگار پروگرام ڪري ڏيکاريا آهن، وري انهيءَ ڪالم جي نوٽنگ پوائنٽ ڪيڏي نه اسان لاءِ فخر جوڳي آهي، جنهن ۾ نوٽ ڪرايو اٿائين ته “سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھه اها آهي ته اهو ڪم انهيءَ احساس وچان ڪرڻو پوندو ته ڪراچي ۾ اسان کي سنڌي ادارا قائم ڪرڻ ۾ ۽ انهيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي هنگامي بنياد تي ضرورت به آهي.”
هن ليکڪ جي مون کي اها به خوبي ڏاڍي وڻندي آهي ته هي جيئري ئي ماڻهن کي مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيڻ جو آدرشي ذهن ۽ نظرياتي سوچ رکندڙ آهي. سندس چوڻ آهي ته انسان جڏهن جيئرو آهي ته ان کي اها خوشي ملڻ کپي، مرڻ کانپوءِ ان کي ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيو؟ اسين مرڻ کانپوءِ ئي ان کي قديم، جديد، آدرشي ۽ نظرياتي ڪري پيش ڪندا آهيون، جنهن عمل ۾ سواءِ ڏيکاءُ جي ٻيو ڪجهه به ناهي هوندو. ساڳي طرح سان هن جو امداد حسيني لاءِ لکيل ڪالم “امداد حسيني لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آ سو اڄ ئي ڪيو” ۾ لکي ٿو ته “اهي سڀ ڪم ضرور ٿيندا، پر اسان وٽ اهي سڀ ڪم ليجنڊ شخصيت جي مرڻ پڄاڻان ئي ٿيڻ جي روايت رهي آهي.” محترم زرار پيرزادو حاضر دماغ ۽ ذهين شخصيت جو مالڪ آهي هن کي جنهن به ڪم جي ذميداري سونپي ويندي هو ان کي مڪمل ڪري پوءِ ٻيو ٽارگيٽ کڻندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان هڪ جڳهه تي ويهي هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪندي ترقيون ماڻيندي هتي اچي پهتو آهي. ڪتابن ۽ مطالعي کان لاتعلقي واري وڌندڙ خوفناڪ لاڙي واري ڪالم ۾ هن جو نظريو ڪيترو واضح ۽ چٽو ٿي سامهون آيو آهي جنهن عمل مان هن جي قدرداني جو پتو پوي ٿو ته پاڻ ڪيترو قدردان آهي، جو پاڻ مفت ۾ مليل ڪتابن واري غير ضروري روايت جي نندا ڪري ٿو ۽ علم ادب دوستن کي ڪتاب خريد ڪرڻ جي تاڪيد ڪري ٿو.
زرار پيزادي جو هر ڪالم وقتائتو، لاڀائتو، مقصد ڀريو، موقعي جي مناسبت سان ٺهڪندڙ ۽ حڪومت ۾ ويٺل عوامي نمائندن جو ڌيان ڇڪائيندڙ هوندو آهي. نه صرف ايترو پر هن جي ٻولي به عام فهم ۽ ڊڪشن به ڪمال جو اٿس. اڄ هر ماڻهو پنهنجو پاڻ پڏائڻ، خود سنائي ۽ پاڻ تي ٻين کان لکرائڻ جو ڄڻ عادي بڻجي ويو آهي، پر زرار پنهنجي ڪتاب “نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون” جو مهاڳ لکڻ لاءِ ڪنهن کي به نه چيو. نه ئي هي پنهنجن دوستن کي پنهنجي جنم ڏينهن جي تاريخ ٻڌائيندو آهي جو متان هو مٿس ڪجهه لکن. هن هميشه پاڻ کي ڪنڊائتو رکيو آهي. سندس هي نئون آيل ڪتاب سنڌي ادب پڙهندڙ شاگردن صحافت جي ميدان ۾ پير پائيندڙن ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو.
هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشر طرفان ڇاپيو ويو آهي، جيڪو 304 صفحن تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي. هي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ پيڪاڪ پبلشر سنڌ وٽان خريد ڪري سگهجي ٿو. رابطي لاءِ 03177117695

