وڻ زندگيءَ جي ضرورت ۽ ڌرتيءَ جو حسن آهن رميش راجا Sep 2020
“وڻ، زندگي جي ضرورت ۽ ڌرتي جو حسن آھن” جي موضوع تي عالمي ويبنار عيد جي ٻئي ڏينھن تي ٿي گذريو. وڻ ۽ ٻيلا به جاگيردارن جا باندي بڻيل آھن ۽ اھي به بي رحمي سان ماريا پيا وڃن، ترت آزاد ٿيڻ کپن. ڌرتي ۽ ماحول جي بچاءُ ۽ سونھن لاءِ ھر باشعور پنھنجي شھر ۾ وڻڪاري لاءِ لاڳاپيل ادارن کان پڇا ڪري. محفوظ ماحولياتي مستقبل لاءِ ڌرتي کي وڻڪاري جي چادر سان ڍڪڻ لاءِ ھر باشعور ھڪ وڻ لڳائي.
راڻيپور: ڪورونا وبا جي سماجي وٿي ۽ چرپر جي پابندي جي مد نظر رميش راجا ۽ منظور اڄڻ جي شروع ڪيل ورچوئل ويھڪن جي سلسلي جي چوڏھين گڏجاڻي “وڻ، ڌرتي جي دلڪشي” جي موضوع تي عالمي ويبنار ٿي گذريو. جنھن ۾ رسمي عيد مبارڪن کانپوءِ ڏيھ ۽ پرڏيھ جي ماحولياتي ماھرن ۽ ساڃاهه وندن وچ ۾ گلوبل وارمنگ، گرين انجنيئرنگ، گرين ٻيلن جي اھميت، ماحولياتي گدلاڻ، موسمي تبديلين ۽ ٻيا ڌرتي جي سونھن ۽ دلڪشي سان لاڳاپيل موضوع زير بحث آيا.
تفصيل موجب ميزبان رميش راجا چيو ته وڻ آڪسيجن جو ذريعو آھن ۽ آڪسيجن انسان جو جياپو آھي. پاڪستان ۾ 1980 تائين %5 زمين جي حصي تي ٻيلا ھئا جيڪي ھينئر %2 وڃي بچيا آھن. بين الاقوامي قانون مطابق ماحولياتي گرمائش، آڪسيجن جي پورائي ۽ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ زمين تي ٻيلا ھجڻ کپن. گلوبل ڪلائيميٽڪ رسڪ انڊيڪس مطابق دنيا اندر تيزي سان موسمي تبديلين جي شڪار ۾ پاڪستان 10 نمبر تي آھي. جيڪا يقينن ڳڻتي جوڳي حالت آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ڪچي، پڪي ۽ سامونڊي ٻيلن کي ملائي ڪل زمين جو % 2.3 ٿين ٿا. گذريل 30 سالن ۾ ٻيلا تيزي سان ڪٽيا ويا آھن. ان ڪري سراسري گرمي پد وڌي ويو آھي. ھتي ٻيلا ۽ وڻ به جاگيردارن جا باندي بڻيل آھن ۽ اھي به بي رحمي سان ماريا پيا وڃن، جيڪي ترت آزاد ٿيڻ کپن. ھن تجويزون ڏيندي وڌيڪ چيو ته ٻيلن کي گھربل تعداد ۾ آڻڻ لاءِ ڪچي ۽ پڪي جي سرڪاري زمينن تي “بلاڪ پلانٽيشن” ڪرڻي پوندي. واھن ۽ روڊن جي ڪنارن سان به وڻڪاري ڪرڻي پوندي.
آمريڪا کان آيل ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي چيو ته ماحول دشمن ولايتي وڻن بدران جٽادار ديسي وڻ جھڙوڪ: ٽالهي، نم، سريل، ڪنڊي، انب، گدامڙي، سهانجڙو، پپل، بڙ، ٻير، زيتون، ليمون، بمباڪس، سنڌي ٻٻر، لئي، توت ۽ گيدوڙي لڳائجن ته گلوبل وارمنگ کي منھن ڏيئي سگھجي ٿو ۽ موسمي تباھين کان بچي سگھجي ٿو. ڪئناڊا کان انجنيئر نديم احمر ميمڻ شھرن اندر وڻڪاري بابت چيو ته گھر جي چو ديواري اندر جيترا ڀاتي آھن گھٽ ۾ گهٽ اوترا وڻ ھجڻ ضروري آھن. دنيا گرين بلڊنگ جي نظريي تحت بلڊنگ جي ڇتين ۽ بال ڪونين ۾ وڻ ۽ ٻوٽا رکڻ کي لازمي قرار ڏيئي ڇڏيو آھي. شھرن جي روڊن ۽ ڳلين ۾ ٻنھي ڪنارن سان وڻن جو ھجڻ ضروري آھي. افسوس سنڌ جا شھر وڻڪاري کان خالي آھن. سنڌ ۾ مڪاني ادارا نين ٺھندڙ رھائشي اسڪيمن جا نقشا بغير وڻڪاري جي پاس نه ڪجن. شھرن ۾ ڦول باغ ۽ راندين جي ميدانن ۾ وڻ لڳائڻا پوندا. قبرستانن ۾ پنھنجي پيارن جي نالي سان وڻ لڳائجن جيڪي جنازي وقت شريڪ ٿيندڙن کي ڇانو ڏيندا.
وڻڪاري سان لاڳاپيل انيس نور ميمڻ چيو ته سنڌ اندر مختلف بهانن جي آڙ ۾ ديسي وڻ وڍائي، ٻيلا کپائي، قيمتي ڪاٺ وڪڻي، سائي سنڌ کي بنجر ۽ ٻسو ڪيو ويو آهي. وڻن ۽ ٻيلن کانسواءِ ته ڌرتي بلڪل ٻسي ٿي وئي آھي، ماحولياتي گرمائش وڌي ويندي، جنگلي جيوت ۽ پکي ختم ٿي ويندا، برسات نه ٿيڻ ڪري پاڻي کٽي ويندو ۽ موسمي تبديليون تباهي آڻينديون. ان لاءِ ديسي وڻ پوکيون، پوکرائڻ لاءِ مهم هلايون.
دبئي مان دودو خان کٽياڻ جو چوڻ ھو ته وڻ زندگي جي نشاني آھن جتي وڻ ناھي اتي جياپو ممڪن ناھي. وڻ ھڪ آس ۽ اميد آھي وڻ پوکيندڙ خودڪشي نٿو ڪري سگھي. شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ليکڪ پنھنجي تخليق کي وڻڪاري جي ذڪر سان سائو ڪن.
آخر ۾ ميزبان منظور اڄڻ چيو ته ھر باشعور شھري کي پنھنجي ھٿن سان ھڪ ديسي وڻ لڳائي ڌرتي جي دلڪشي وڌائڻ جو فرض پورو ڪرڻو پوندو ته جيئن ايندڙ نسل ھن ڌرتي کي ٽوڙي نه، پر وڻن سان ڍڪيل سائي سونھاري ڏسي فخر ڪري. مفت جي آڪسيجن لاءِ وڻ لڳائڻا پوندا. ان لاءِ ڀرپور مھم ھلائڻي پوندي. وڻ پوکي ڌرتي جي خدمت ڪريو جنھن مان اوھين خود وڌي وڻ ٿيا آھيو.
ان کان علاوه آمريڪا مان دارا شاھد پنھور، ھنگري مان جواد حيدر، نيدر لينڊ مان اسلم آرائين، روس مان ذيشان جتوئي، ڪيوبا مان علي حسن رند، جرمني مان ڪاڪا سنگھ، بحرين مان منظور سيٺار، سعودي عرب مان سنتوش کتري ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن مان پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي، ڊاڪٽر شھزاد شيخ، حاجي خان بوزدار، سعيد چنا، رئوف پارس دايو، عبدالواجد انڍڙ، امجد شر، سارنگ ورڙ، شڪيل احمد شيخ، عبدالجبار چانگ، عبدالغفار ابڙو ۽ ٻين آن لائين شرڪت ڪري ان سنجيده موضوع ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ھلندڙ سانوڻي ۽ وسڪاري دوران پنھنجي حصي جا وڻ لڳائڻ جي مھم جو حصو ٿيڻ جو واعدو ڪيو.

