خاص

نيب جي نوٽيس جي ڪابه قانوني اهميت ناهي، هي پاڻ رشوت وٺندا آهن: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ اسلام(جي يو آءِ ف) ۽ اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان نيب جهڙي احتسابي اداري کي مڃون ئي نٿا ته ان جي نوٽيس جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ته اهڙي احتسابي اداري کي مڃون ئي نٿا ڇو ته هي پاڻ رشوت وٺي رهيا آهن. شهرين جي بنيادي حقن ۽ جمهوري آزادي جو تحفظ ڪرڻ سياسي قيادت جي اولين ذميواري آهي ۽ دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي پنهنجي مشن کي مڪمل ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي.