خاص

نيب گورننس سان خطرناڪ طريقي سان کيڏي رهي آهي، اهڙو ڪم ته اينٽي ڪرپشن وارا ناهن ڪندا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته نيب گورننس سان خطرناڪ طريقي سان کيڏي رهي آهي، اهڙو ڪم ته اينٽي ڪرپشن وارا به ناهن ڪندا، نيب کي خبر هجڻ گهرجي ته ان جي هر ايڪشن سان گورننس تي ڪهڙو اثر پوي ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ نندي پور ريفرنس ۾ اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ ۽ جسٽس (ر) رياض ڪياني جي بريت خلاف نيب اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته نيب اهڙن ماڻهن کي به جوابدار ٺاهي ڇڏيو آهي، جن کي جوابدار هجڻ ئي نه گهرجي ها، ماڻهن جون معاشري ۾ عزتون خراب ٿي وينديون آهن، نيب گورننس سان خطرناڪ طريقي سان کيڏي رهي آهي، اها نيب جي سطح نه آهي، ائين ته اينٽي ڪرپشن وارا به ناهن ڪندا. چيف جسٽس چيو ته نيب ڪنهن به جاچ رپورٽ سان متاثر ٿيڻ نه گهرجي، اهڙي طرح ته فيئر ٽرائل ختم ٿي ويو، پوءِ ته ڪنهن به ڪيس ۾ جاچ آفيسر مقرر ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ائين ڪري جاچ آفيسر سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي، رولز آف بزنس موجب وزارت جو سيڪريٽري انچارج هوندو آهي، نيب جي سڀني ڪيسن ۾ وزيرن کي جوابدار ٺاهيو ويو آهي، ڇا نيب کي خبر آهي ته ريفرنس ڇا آهي، ريفرنس نيب جو چالان هوندو آهي ۽ اها الزامن جي سمري هوندي آهي، قانون جو اڳوڻو سيڪريٽري لاهور مان اچي ٿو ۽ احتساب عدالت مان تاريخ وٺي هليو وڃي ٿو، کيس ڪهڙو شوق هو سيڪريٽري بڻجڻ جو پتو نه آهي باقي بيوروڪريٽن جو ڪم ڪيئن پيو هلي، ان بابت ڪا ڄاڻ نه آهي، نيب جو ڪم ڪرپشن جهلڻ آهي، پر اهي ان کان هٽي ڪري ٻين معاملن ۾ گهڙي پيا آهن، جيڪڏهن راءِ ڏني وڃي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته راءِ ڇو ڏني. ان لاءِ ته اڄ گورننس رڪجي وئي آهي، جيڪڏهن ائين ئي نيب جي مداخلت رهي ته پوءِ گورننس نه هلندي، اهڙي طرح جي ماحول ۾ ته ڪو به بيورو ڪريٽ پنهنجي راءِ نه ڏيندو.