نيو ورلڊ آرڊر طرف روس جو غلط قدم | # مارچ 2022

24 فيبروري 2022 کان روس ولاديمير پيوٽن جي اڳواڻي ۾ يوڪرين جي خلاف جنگ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت دنيا کي ٽئين مها ڀاري جنگ جو خطرو آهي. جڏهن کان انسان جي ارتقا ۾ اهم موڙ آيو آهي، جڏهن قومن ۽ ملڪن وجود ورتو تڏهن کان جنگين ۽ امن جا هزارين سلسلا آهن دنيا جي تاريخ ان جي شاهد آهي.

24 فيبروري 2022ع جي ڏکوئيندڙ گهڙين ۾ جڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو. انهيءَ حملي کي هڪ صديءَ جو پسمنظر آهي. سبب انهي جو روس ۽ آمريڪا جي پراڻي ڇڪتاڻ آهي. جڏهن گذريل صديءَ ۾ سرمائيداري ۽ اشتراڪي نظام جي نظرياتي ڪشمڪش عروج تي هئي، دنيا ٻن طاقتور بلاڪن ۾ ورهائجي وئي ۽ اهي ٻئي طاقتون دنيا ۾ جنگ ۽ امن جو فيصلو ڪري رهيون هيون، تڏهن هڪ تاريخي واقعو ٿيو جڏهن ڊسمبر 1991ع تي روس ڊهي پيو. جنهن جو وڏو سبب معاشي هو ۽ ان جو اثر نه صرف روس پر مشرقي يورپ ۽ بالٽڪ رياستن تي به پيو. ڪميونسٽ آمريت معيشيت جي زبون حالي، مخالف حالتن ۽ سازشن جو شڪار ٿي وئي ۽ آمريڪا دنيا جو واحد سپر پاور بڻجي اڀري آيو. طاقت کي پنهنجو رستو ٿيندو آهي ۽ اهو رستو آهي ڪمزور تي حڪمراني ۽ زورآوري. سڀ عالمي معاملا آمريڪا ۽ ان جا اتحادي طئي ڪري رهيا هئا، انهن جو حڪم هو جو سڄي دنيا تي هلي رهيو هو نيو ورلڊ آرڊر جي صورت ۾، جمهوريت ۽ لبرل ازم انهن جو نعرو هو. يقينن جمهوريت ۽ انساني آزادين لاءِ رجحان ۽ عمل سڄي انسان ذات جي اولين خواهش رهي آهي، پر هٿيارن ۽ طاقت جي زور تي مسلط ڪيل انساني آزادين جي ڪا معني ٰ نه آهي جا آمريڪا ۽ ان جا اتحادي آڇي رهيا هئا ۽ هوڏنهن روس ۽ انهيءَ کان آزاد ٿيل رياستون پنهنجن زخمن مان وهندڙ رت کان خوفزده هيون، ڪمزور ٿيل معيشتن ۽ عالمي سازشن انهن جي عوام تي بند لڳائي ڇڏيا هئا. روس ڄڻ بي توقير ٿي رهيو هو ۽ انهيءَ کان آزاد ٿيل رياستن جا پنهنجا مسئلا هئا ۽ اهي پنهنجي سرحد سان لڳو لڳ ترقي يافته يورپ کي حيرت ۽ حسرت مان تڪي رهيا هئا ۽ انهن سان ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر اهي جمهوري قدر، لبرل ازم ۽ انساني آزاديون جيڪي يورپي ملڪن جو فخر آهن اهڙو ڪوبه جمهوري تجربو انساني آزادين لاءِ احترام ڀريو سماج، نه روس ۾ نه ئي ان کان آزاد ٿيل رياستن ۾ عمل پذير ٿيو. انهيءَ ڪري گهڻين رياستن پنهنجين محرومين کان ڇوٽڪاري لاءِ يورپي يونين، NATO، آمريڪا ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو تازو مثال يوڪرين آهي. ملڪن لاءِ جاگرافيائي بيهڪ ۾ جتي نعمتون آهن اتي تاريخ المين سان به ڀري پئي آهي. انهيءَ سڄي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ سياسي ڀڃ ڊاهه ۾ هڪ نئين حيران ڪندڙ پيش رفت ٿي جو روس ۾ هڪ ڪرشماتي اڳواڻ ولاديمير پيوٽن اقتدار ۾ آيو ۽ ان نئين سرمائيداري نظام، هٿيارن جي طاقت ۽ بهترين سفارتڪاري سان روس جي زوال کي هڪ دفعو وري ڪمال عطا ڪيو. بين الاقوامي برادريءَ ۾ روس جو ڪردار اڀري سامهون آيو ۽ انهيءَ پراڻي آمريڪي ورلڊ آرڊر کي چئلينج ڪري ڇڏيو. روس ۽ ان جي اتحادين جي اهميت هڪ دفعو وري دنيا جي سياست ۽ معيشت ۾ نروار ٿي نه صرف اهو، پر ان پنهنجي پراڻي سپر پاور فوجي طاقت کي نئين سر منظم ڪيو ۽ مغربي دنيا کي هر ميدان تي چئلينج ڪيو. روس ۽ ان سان لاڳاپيل رياستون اناج، کاڌي، معدنيات ۽ دنيا جي تيل ۽ گئس جي وڏن ذخيرن جون مالڪ آهن، پر روس جو مسئلو اهو آهي ته ماضيءَ جيان اهي USSR جو حصو ناهن. سڀني آزاد رياستن جون پنهنجون پاليسيون ۽ سياسي نقطهءِ نظر آهن، اهي پاليسيون ۽ آزاد نقطهءِ نظر روس لاءِ برداشت کان ٻاهر آهن. روس پنهنجي بقا ۽ بين الاقوامي برادري ۾ پنهنجي حيثيت لاءِ حساس آهي تڏهن ان آزاد رياست يوڪرين تي حملو ڪري هلندڙ صديءَ ۾ طاقت ۽ زورآوري جو هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي. يوڪرين جنهن جي ايراضي 223677 چورس ميل آهي جو پکيڙ جي لحاظ کان هڪ وڏو ملڪ آهي، پر روس ان کان ڪيترائي ڀيرا پکيڙ ۾ وڏو آهي. يوڪرين جي آبادي 4 ڪروڙ 40 لک ۽ روس جي آبادي 144 ملين آهي. يوڪرين جي جاگرافي ان لاءِ وڏو مسئلو آهي، انهيءَ جي سرحد جو وڏو حصو روس سان ملي ٿو، جڏهن ته پولينڊ، اسٽونيا، بيلارس، هنگري ۽ ٻين ملڪن سان به يوڪرين جي سرحد ملي ٿي. ان جو ڏوهه اصل ۾ اهو آهي ته اهو پاڻ کي روس جي اثر کان آزاد رکڻ ٿو گهري، اهو يورپي يونين ۽ دفاعي اتحاد نيٽو جو ميمبر ٿيڻ چاهي ٿو جيڪا ڳالهه روس کي قبول ناهي. ڇاڪاڻ جو يوڪرين اهڙو ملڪ آهي جنهن جي سرحدن جو وڏو حصو روس سان ملي ٿو. روس لاءِ اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي انهيءَ ڪري هن پنهنجي پاڙيسري ملڪ يوڪرين جي سرحدن جي الانگهه ڪئي ۽ انهيءَ جي گادي واري شهر ڪيف تائين جنگ کي وڌائي ڇڏيو. روس هڪ ائٽمي طاقت آهي ان ائٽمي هٿيارن سان يوڪرين تي حملي جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي. لازمي طور اهو يوڪرين جي موجوده حڪومت کي ڊاهي روس جي حامي سرڪار کي اقتدار ۾ آڻڻ چاهي ٿو. آمريڪا، برطانيه، يورپي يونين روس تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون آهن جيڪي اڳتي هلي روس جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسائينديون. USSR جو 1991ع وارو زوال به سندس ڪمزور معيشت، جنگيون ۽ ماڻهن کي اظهار راءِ جي آزادي کان محروم رکڻ جي ڪري ٿيو.

هن وقت نه رڳو سڄي دنيا ۾ پر روس جي اندر به ساڃاهه وند ۽ باشعور طبقو اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته روس پنهنجو نيو ورلڊ آرڊر نافذ ڪرڻ بند ڪري ۽ بهتر اهو آهي ته جنگ بند ڪري مذاڪرات سان مسئلا حل ڪيا وڃن. اها حقيقت آهي ته طاقت کي پنهنجي زبان هوندي آهي، پر اسين اهو چونداسين ته روس کي ياد رکڻ گهرجي ته جنگ ۽ ڏاڍ قابل نفرت عمل آهن ۽ اسين اهو به سمجهون ٿا ته آمريڪا برطانيه يورپي يونين کي به محتاط رهڻ گهرجي. دنيا ٽئين عالمي جنگ جو بار برداشت نٿي ڪري سگهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا جا سڀ ملڪ ۽ انهن جون قيادتون ڪنهن نئين پڌر نامي تي متفق ٿين جيئن ڌرتيءَ تي وسندڙ ست ارب کان مٿي ماڻهو امن جي حالت ۾ رهن ۽ دنيا انسان جي بهتري لاءِ امن ۽ استحڪام جي طرف وڌندي رهي. وقت اچي ويو آهي ته روس کي جنگ بند ڪري عالمي امن ڏانهن وک وڌائڻ گهرجي. ڇو ته جنگ مسئلن جو حل ناهي ويٽنام، افغانستان ۽ شام ان جو مثال آهن. هن وقت دنيا جي سموري قيادت کي انساني ڀلائي لاءِ امن ۽ معاشي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments