ٽيڪنالاجيخاصدنيانيو‍‍ز

نيٽ فلڪس پاران پاسورڊ شيئر ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

اسٽريمنگ ويب سائيٽ نيٽ فلڪس پاسورڊ شيئر ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيٽ فلڪس جي ڪجهه صارفين کي اسڪرين تي ميسيجز ملندا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هي اڪائونٽ اوهان جو ذاتي نه آهي ته اوهان کي وڊيو ڏسڻ جي لاءِ پنهنجي ذاتي اڪائونٽ جي ضرورت آهي. رپورٽ موجب نيٽ فلڪس جو چوڻ آهي ته هي ٽيسٽ ان لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي ته جيئن اها ڳالهه يقيني بنائي سگهجي ته آيا اهو شخص هي اڪائونٽ استعمال ڪرڻ جو مجاز آهي، پر اڃان به اهو فيصلو ٿيڻ باقي آهي ته ڇا ڪمپني ان ڊزائين کي پنهنجي نيٽ ورڪ جو حصو بڻائيندي. نيٽ فلڪس جي شروعات دوران صارف ان ڳالهه جي تصديق ڪندو آهي ته ان کي ان ڪوڊ جي ذريعي اڪائونٽ تائين پهچ آهي جيڪو ڪمپني جي طرفان کيس ميسج يا اي ميل جي ذريعي موڪليو ويندو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته نيٽ فلڪس پنهنجي پليٽ فارم تي غير مجاز ماڻهن جي خلاف ڪارروائي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هاڻ هينئر تائين اهو غير واضح آهي ته ڪيترا ماڻهو نيٽ فلڪس جي شرطن ۽ ضابطن جي تحت ان کي استعمال ڪري رهيا آهن.