خاص

هاءِ ڪورٽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي اختيارين کي 1611 پاس ٿيندڙ اميدوارن جا انٽرويو ٻيهر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صوبائي صحت واري کاتي ۾ ويڪسينيٽرن جي تقرري جي عمل ۾ خامين جي نشاندهي ڪندي اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهي لکت ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي انٽرويو جي لاءِ پابند ڪن ۽ باقي پوسٽن تي نئين سر نوڪري ڏيڻ جو عمل شروع ڪن. ٻن ججن تي ٻڌل بينچ جنهن ۾ جسٽس نديم اختر ۽ عدنان الڪريم ميمڻ شامل آهن، پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته پرائمري تقرري سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ سان صلاح مشوري کانسواءِ ڪيا ويا ۽ قابليت کي به نظر انداز ڪيو ويو، جيڪو قانون هيٺ جائز نه هو. اها هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته اين ٽي ايس ٽيسٽ تحت صرف 1611 اميدوار ئي لکت واري ٽيسٽ کي پاس ڪري سگهيا آهن، جن جو انٽرويو ٻيهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.