هاڻ ملڪ کي وڌيڪ تماشو بڻجڻ نه ڏينداسين: نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مون کي سزا ڏيندي ڏيندي ملڪ کي ئي ٻوڙيو ويو آهي. ن ليگ قائد نواز شريف ٽوئيٽر جو سهارو وٺندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت صديقي جي تقرير، معزول ڪيل احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا بيان ۽ مختلف حڪومتي وزيرن جي بيانن تي ٻڌل وڊيو جاري ڪئي آهي. ڪيپشن ۾ اڳوڻي وزيراعظم لکيو آهي ته هيءَ آهي حقيقت ان احتساب جي، جنهن ذريعي توهان جي 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، سزائون ڏياريون ويون ۽ اشتهاري قرار ڏنو ويو. نواز شريف جي شيئر ڪيل وڊيو ٻه سال اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت صديقي جي راولپنڊي بار سان ڪيل تقرير کان شروع ٿئي ٿي، ان تقرير تي سپريم جڊيشل ڪائونسل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ان خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ان تقرير کي ضابطن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي اهو قرار ڏنو هو ته هو پنهنجي عهدي تي رهڻ جو اهل ناهي رهيو. تقرير ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو هو ته ملڪ جي ڳجهي ايجنسي عدالتي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي ۽ خوف ۽ جبر جي فضا جي ذميوار عدليا به آهي، جڏهن ته ميڊيا وارن به گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ۽ سچ نٿا ٻڌائي سگهن، ميڊيا جي آزادي به بندوق جي نوڪَ تي ختم ٿي چڪي آهي. وڊيو ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جو مبينا اعترافي بيان، برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه ۽ جي يو آءِ سينيٽر عبدالغفور حيدري جا انٽرويوز جا ٽڪرا به شامل آهن. ضابطن جي ڀڃڪڙي جي بنياد تي ارشد ملڪ به لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان عهدي تان برطرف ٿي چڪو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وڊيو سان گڏ لکيو آهي ته مون کي سزا ڏيندي ڏيندي ملڪ کي ٻوڙيو ويو، هاڻ هن ملڪ کي وڌيڪ تماشو بڻجڻ نه ڏينداسين.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments