خاص

هاڻ والدين يو ٽيوب تي ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکي سگهندا

گذريل سال ڪورونا وبا جي دوران سموري دنيا ۾ خاص طور تي ٻارن جي وڏي انگ يوٽيوب جو رخ ڪري ورتو هو جتي هنن تعليمي، تفريحي ۽ ٻين وڊيوز مان فائدو ورتو، پر ان سان گڏ ئي والدين اها به شڪايت ڪئي آهي ته انهن جا ٻار اهڙيون وڊيوز به ڏسندا آهن جيڪي هنن جي لاءِ مناسب نه هونديون آهن. ٻارن جي حوالي سان يوٽيوب ڪڊز جي ايپ به موجود آهي، پر ٻار وڏا ٿيندي ئي پاڻ يوٽيوبر بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جي دلچسپي جو دائرو وڌي ويندو آهي. هاڻ ان حوالي سان به هر وڊيو انهن جي لاءِ مناسب ناهي هوندي ان ڪمي کي نظر ۾ رکندي يو ٽيوب انتظاميه نوان آپشن پيش ڪيا آهن. ان نئين آپشن جي بدولت پاڻ والدين به پنهنجي ٻارن جي يوٽيوب سرگرمين سان جڙي انهن تي نظر رکي سگهن ٿا. انهن آپشنن ۾ ايڪسپلو، ايڪسپلو مور ۽ موسٽ آف يو ٽيوب شامل آهن. ايڪسپلو: هن آپشن ۾ يو ٽيوب ڪڊز مان مٿانهيون وڊيوز موجود آهن جيڪي 9 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ٻارن جي لاءِ آهن. ايڪسپلو مور: هن ۾ عمر جي حد 13 سال يا ان کان ڪجهه وڌيڪ آهي جن ۾ لائيو اسٽريمز به شامل آهن. موسٽ آف يو ٽيوب: هن جي بدولت اوهان سموريون وڊيوز ڏسي سگهو ٿا، پر صرف اهي نٿا ڏسي سگهو جنهن تي 18 سالن جي حد لاڳو هوندي آهي انهن ۾ حساس موضوع به شامل آهن.