همسري سٿ، ليکڪن ۽ پڙهندڙن جا رايا همسري Birthday June 2021

همسري مئگزين همسري بنجڻ کان اڳ منهنجي تصور ۾ “سمانتا” جي نالي سان بار بار ذهن تي اڀري ايندو هو ۽ ان نالي سان هڪ رومانس پيدا ٿي چڪو هو، پر پوءِ اسان جي تعصب پرست PID جي اعليٰ عملدار جي ذهني پستيءَ سبب اهو همسري ٿي ويو. “سمانتا” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ “همسري” فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، ٻنهي جي معنيٰ هڪ جهڙائي ۽ برابري آهي، پر پي. آءِ. ڊي اسان کي سمانتا نالو صرف ان ڪري نه ڏنو جو اهو هندي اکر آهي. 

هاڻي ته “همسري” به دل ۽ دماغ تي ساڳئي ريت ڇانئجي چڪو آهي. ڇهه سال اڳ ڪجهه ڪرڻ جي تمنا ۽ سماج ۾ ماٺار کي للڪارڻ لاءِ هڪ آواز بلند ڪرڻ چاهيم ته جيئن ان بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪا حرڪت پيدا ڪري سگهجي، ان لاءِ ڪافي پڙهيل لکيل ماڻهن سان رابطا ٿيا، سڀني مون کي ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو ته پڙهڻ ۽ لکڻ جو رجحان ختم ٿي چڪو آهي، “سهڻي”، “سوجهرو”، “اڳتي قدم” جهڙا مئگزين بند ٿي چڪا آهن هاڻي نه ماڻهو لکڻ چاهين ٿا ۽ نه پڙهڻ ٿا گهرن. پهرين جهڙا اديب به ناهن جيڪي لکن. ايتري مايوسيءَ مون کي اڃان وڌيڪ حوصلو ڏنو. جتان جتان به اهڙو جواب مليو ان قسم جي جواب ڄڻ ته مون کي ثابت قدم رهڻ جو حوصلو ٿي ڏنو. پوءِ همسري مئگزين کي باقائده رجسٽر ڪرائي، ABC جي مرحلي مان پار ڪرائي سينٽرل ميڊيا لسٽ تائين آندوسين. هميشه اميد رهندي هئي ته همسري پنهنجن پيرن تي بيهي رهندو ۽ ادارو مضبوط ٿي ويندو. پنج سال لڳاتار بنا ڪنهن هڪ به پرچي جي وقفي ڏيڻ سان هارڊ ڪاپي ۾ شايع ٿيندو رهيو. اسان کي هميشه نون ۽ اڻ واقف ماڻهن پنهنجو تعاون ڏنو. مون کي ياد آهي ته پهريون پرچو جون 2015 ۾ اچڻو هو، اسان وٽ مواد نه هو، هِتان هُتان ڪري مواد ڪٺو ڪيوسين ۽ هڪ پيج تي هڪ غزل لڳايوسين ان سان گڏ هڪ وڏي تصوير لڳائي اسان 48 پيج ڀريا. ننڍن مضمونن سان وڏيون تصويرون سوچي اڄ به کل ايندي آهي، پر سفر هميشه هڪ ننڍي وک سان ئي شروع ٿيندو آهي. جنهن کانپوءِ توهان هزارين ڪوهه پنڌ ڪندي ڪنهن ماڳ تي رسندا آهيو.

اڄ اسان وٽ سٺن ليکڪن جو هڪ سٺو سَٿُ آهي، همسري جي سڄي ٽيم جن جي ٿورائتي آهي، جن همسريءَ کي پنهنجو مئگزين سمجهيو. مان اڄ دعويٰ سان چئي سگهان ٿي ته جڏهن همسري مئگزين کي هر سنڌي ماڻهو پنهنجي ملڪيت ۽ پنهنجو آواز تصور ڪندو ته همسري ڪاميابي ضرور ماڻيندو. اسان وٽ محدود وسيلا هجڻ ڪري ۽ سنڌ انفارميشن کان ۽ پاڪستان انفارميشن کان اشتهار نه ملڻ سبب همسري مئگزين جي ٽيم کي ان وقت اهو مشڪل فيصلو ڪرڻو پئجي ويو، جڏهن سڄي دنيا ڪورونا جهڙي وچڙندڙ وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون طرف هلي وئي هئي، سنڌ حڪومت به لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت محدود وسيلن جو استعمال هڪ سوال بڻجي ويو ته ڇا وسيلا ضايع ڪجن يا اڃان انهن جو استعمال سياڻپ سان ڪرڻ گهرجي. نيٺ پوءِ آن لائين ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اندازو آهي ته آن لائين اِي-مئگزين پڙهڻ وارن جو انگ اڃان تمام گهٽ آهي، پر ان انگ کي وڌائڻ لاءِ محنت جاري آهي. همسري مئگزين هن ٽيڪنالاجيءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن وقت اسان جو نئون پڙهندڙ ۽ لکندڙ اسان سان ڳنڍجي رهيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته اسان انهن قابل نوجوانن کي جاءِ ڏيون جيڪي لکڻ جو هنر ته ڄاڻن ٿا، پر کين ڪوبه پليٽ فارم نٿو ملي. اهڙن نوجوان  شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽  ڪالم نويسن کي همسري مئگزين هميشه جاءِ ڏني آهي ۽ ڏيندو رهندو.

اسان جي ويب سائيٽ موجود آهي جتي اسان روزاني جي بنياد تي علمي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکون ٿا. همسريءَ جي فيس بُڪ آءِ ڊي به آهي جتان اسان ماڻهن سان پاڻ کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان کانسواءِ اسان جو يوٽيوب چينل به آهي، جتي همسريءَ ۾ شامل مواد جو 20 سيڪڙو کان 25 سيڪڙو مواد وائس اوور ٺاهي ان کي فلم جي صورت ۾ رکيو ٿو وڃي، جنهن کي پڙهڻ کان علاوه ٻڌي سگهجي ٿو. ڏسڻو آهي ته اسان جي ڪم ۾ ڪيترا ساٿي اسان جو ساٿ ڏين ٿا. اسان وٽ جڏهن به وسيلا پيدا ٿيندا ته اسين پنهنجن ليکڪن کي اعزازي معاوضو به ڏيڻ جو ارادو رکون ٿا، پر ان لاءِ سڀني کي گڏجي همسريءَ جو ساٿ ڏيڻو پوندو. منهنجو خيال آهي ته اسان کي اڃان ڪافي پنڌ ڪرڻو آهي، همت سلامت آهي ارادا بلند آهن.

***

همسري: هن وقت اِي-مئگزينن جي حيثيت کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟

ارم محبوب: انٽرنيٽ سڄي دنيا کي هٿ جي تري تي آڻي ڇڏيو آهي جنهنڪري هر شيءِ جا ماپا ۽ معيار هڪدم تبديل ٿي رهيا آهن، گهرن ۾ سٿيل ڪتابن سان لائبريريون گهڻي ڀاڱي شوپيس نظر اچڻ لڳيون آهن. هاڻي هڪ ڪلڪ سان سمارٽ فون ۽ انٽرنيٽ جي مدد سان توهان جي سمارٽ فون يا ليپ ٽاپ تي سڄي دنيا ظاهر ٿيو پوي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن دنيا جهان جا مئگزين اِي-مئگزينن جي صورت ۾ اسان جي هٿ ۾ اچيو ٿا وڃن ته اها حقيقت مڃڻي پوندي ته هارڊ ڪاپي ۾ هجن يا اِي-ميگ هجن ٻنهي جو ڪردار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. جتي انٽرنيٽ جي سهولت موجود ناهي اتي يقينن هارڊ ڪاپي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، پر جتي جتي انٽرنيٽ موجود آهي اتي آن لائين مئگزين خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندو؟

ارم محبوب: گذريل ڪورونا وائرس جي وبا واري صورتحال ۾ ڪيترائي ڪاروبار بند ٿي ويا، مارڪيٽون بند هيون ۽ لاڪ ڊائون واري صورتحال ڪٿي نه ڪٿي اڃان به برقرار آهي، ان صورت ۾ همسري ڪم بند ڪرڻ بجاءِ آن لائين ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ ساڳي آب و تاب سان پنهنجو سفر جاري رکندو پيو اچي. گيٽ اپ کان وٺي مواد جي معيار ۾ اڳ کان اڳرو آهي جيڪا اسان جي سڄي ٽيم جي ڪاميابي آهي. فرق صرف ايترو آهي ته اِي-ميگ جي صورت ۾ ماڻهن کي قبول ڪرڻ ۾ ٿورو وقت ضرور لڳندو ڇو ته گهڻائيءَ ۾ اڄ به ماڻهو هارڊ ڪاپي پڙهڻ چاهين ٿا. بهرحال ان هوندي به سوشل ميڊيا تي همسري پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ انشاءَ الله اڳيان وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندو.

همسري: پنهنجي هن ڇهن سالن جي اشاعتي سفر کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟

ارم محبوب: همسريءَ جو ڇهن سالن جو سفر محنت، همت ۽ حوصلي جو سفر آهي. جيڪڏهن ان ۾ محنت، جستجو ۽ حوصلو نه هجي ها ته سڀ ڪجهه هوا ٿي وڃي ها. همسري قدم قدم تي محبتون ۽ منزلون ماڻيون آهن، جيڪو محض ماسين ۽ چاچين جو مئگزين ٿي ناهي اڀريو، پر سنڌي ٻوليءَ جي هڪ عالمي معيار جو مئگزين ٿي پاڻ مڃرايو آهي. هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ توهان وٽ محدود ليکڪ ۽ پڙهندڙ هوندا آهن، پر اِي-مئگزين پاڪستان جون سرحدون پار ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ زاهده ۽ همسري جي سڄي سٿ کانسواءِ انهن سڀني مانائتن تخليقڪارن جو به وڏو حصو آهي جن اسان کي مان ڏنو ۽ هن مئگزين ۾ اسان سان گڏ هميشه شامل رهيا آهن.

همسري: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

ارم محبوب: همسري پڙهو، ان ۾ لکو ۽ پاڻ کي explore ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. همسري انهن سڀني جو مئگزين آهي جيڪي ان کي پنهنجو سمجهي پڙهن ۽ لکن ٿا ۽ يوٽيوب تي ڏسن ۽ ٻڌن ٿا.

***

همسري: توهان جي هن مئگزين سان ڪيتري عرصي کان شناسائي آهي ۽ ان سڄي سفر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

غلام نبي سومرو: سمجهان ٿو ته 2017ع ۾ همسري سان هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ٿي، جيئن ته پڙهندڙ آهيون ۽ شيون سمجهي سگهون ٿا، همسري جيئن پڙهڻ شروع ڪيم ته ان جي مواد کان تمام گهڻو متاثر ٿيس، آئون ٻيا رسالا به پڙهندو هئس ۽ اڃان به پڙهان ٿو. خاص ڪري همسريءَ جي ڪهاڻين وارو حصو، انٽرويو ۽ ڪرنٽ افيئر تي مضمون، اعجاز منگيءَ جو سفر نامون ۽ زاهده ابڙو جو سفر نامون ڏاڍا وڻندڙ هئا. نه رڳو مون پاڻ ان کي پڙهڻ شروع ڪيو، پر پنهنجن دوستن کي به پڙهايم ۽ پاڻ به ساليانو خريدار ٿيس ۽ انهن کي به ساليانو خريدار ڪيم ۽ اهي فيڊ بيڪ به ڏيندا هئا ته ٻوليءَ جو خاص خيال رکيو ٿو وڃي، پروف جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ته ان ۾ ڪابه چُڪ نٿي ملي. پوءِ وري 2020ع جي آڪٽوبر جي مهيني ۾ ايڊيٽر صاحبه کي ولايت وڃڻو هو ته پاڻ مون کي مئگزين سنڀالڻ لاءِ ذميداريون سونپيون، جنهن کانپوءِ همسري ٽيم ۾ شامل ٿي ويس. همسري سنڌي رسالن جي تاريخ ۾ پنهنجي هڪ اوچائي ۽ ڪماليت تي آهي. هن ٽيم سان گڏ ڪم ڪندي مون کي لڳي ايئن ٿو ته آئون به سکي رهيو آهيان. پروف ڪندي ۽ مضمون پڙهندي مون کي تمام گهڻي مسرت ٿي ٿئي ته منهنجي لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته هن وقت آئون همسري جو سب ايڊيٽر آهيان. سچي ڳالهه ته ڪافي شين جي ڄاڻ همسري ٽيم جي ميمبر ٿيڻ کانپوءِ پئي آهي ته همسري جي ايڊيٽر صاحبه هن مئگزين جي تعارف لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. سليم سولنگي جيڪو همسري مئگزين جو ڪمپوزر آهي پئي ٻڌايو ته شروع وارن سالن ۾ ايڊيٽر صاحبه صبح جو اٺين وڳي آفيس ۾ اچي ويندي هئي. جڏهن همسري جي هارڊ ڪاپي ايندي هئي ته همسري مئگزين هڪ ئي ڏينهن ۾ پوري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پهچي ويندو هو. همسري جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک به آهن، جڏهن شروعاتي ڏينهن ۾ ايڊيٽر صاحبه ڪنهن پروگرام ۾ همسريءَ جون ڪاپيون ورهائيندي هئي ته ماڻهو هڪٻئي کي ڏئي جان ڇڏائيندا هئا، پر پوءِ انهن مان ڪيترن جا انٽرويو همسريءَ ۾ ڇپيا. اهو سڀ ايڊيٽر صاحبه جي مستقل مزاجي مقصد ۽ منزل جي تعين ڪرڻ کانپوءِ ئي ممڪن آهي. اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو هو ته اسان جي ٽهيءَ جون ڪچيون ڦڪيون تحريرون سهڻيءَ ۾ ڇپبيون هيون. ان وقت سهڻي ۾ آغا سليم، امداد حسيني، امر جليل پئي ڇپيا ۽ آئون سمجهان ٿو ته اڄ همسريءَ ۾ ڇپجڻ وارا اڳتي هلي وقت جا آغا سليم ۽ امر جليل ئي هوندا. همسري نوجوانن جي ٽئلينٽ جو قدر ڪري انهن کي ڇپي رهي آهي، همسري جي اها ڪوشش آهي ته عورت ليکڪائن ۽ نوجوانن کي جن جون لکڻيون معياري آهن وڌيڪ جڳهه ڏي.

همسري: همسري مئگزين سهڻي رسالي جي معيار تائين ڪيئن پهچي سگهي ٿو؟

غلام نبي سومرو: سهڻي گذريل صديءَ جو پرچو هو ان وقت سهڻيءَ ۾ ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇپبا هئا ۽ خالص ادبي مئگزين هو. پوءِ اڳتي هلي ان ۾ طارق اشرف انٽرويو شامل ڪيا، هو تمام سٺو انٽرويو ڪندڙ هو. ان جا ايڊيٽوريل به سياسي هوندا هئا جن جي قيمت پوءِ اڳتي هلي طارق اشرف کي ادا ڪرڻي پئي. سهڻي پوءِ اڳتي هلي A4 سائيز ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيو. ان ۾ ڪجهه رنگين صفحا به هئا ۽ لي آئوٽ به سٺو هئس سهڻي پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي گرفت ۾ رکڻ لاءِ سڀ شيون ڏيئي رهيو هو ۽ پنهنجو سفر ختم ڪيو، همسري اتان پنهنجو سفر شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو رڳو ادبي پرچو هجي ته شايد پڙهندڙن کي متوجهه نه ڪري سگهي ها. منهنجي هڪ دوست جي گهر ۾ همسري سڄو مهينو ميز تي پيو هوندو هو ۽ هو چوندو هو ته هي هڪ فيملي مئگزين آهي جنهن کي گهر ۾ هر فرد پڙهي سگهي ٿو.

همسري: پرچي کي ايڊٽ ڪرڻ ۽ آن لائين ڪم ڪرڻ ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟

غلام نبي سومرو: مون جڏهن کان همسري ٽيم ۾ حصو ورتو آهي تڏهن کان پرچو آن لائين ئي اچي رهيو آهي ۽ منهنجو تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته نوجوان ليکڪ پرچي کي آن لائين پڙهي رهيو آهي ۽ ان طرف ٻين کي راغب به ڪري رهيو آهي. منور سراج منهنجو دوست آهي ۽ همسريءَ ۾ لکي به رهيو آهي ان چيو ته همسري هڪ جديد لي آئوٽ ۾ خوبصورت آن لائين پرچو آهي ۽ ان مان پوري ٽيم جي محنت ۽ محبت نظر اچي ٿي.

***

تعارف: منهنجو نالو عبدالسليم سولنگي آهي، آئون ضلعي ٺٽي سان تعلق رکان ٿو، جهمپير شهر جو رهائشي آهيان، هن وقت جي. او. آر ڪالوني حيدرآباد ۾ مسواڙ جي جڳهه ۾ رهان ٿو. اسان ڇهه ڀائر هئاسين ٽن ڀائرن جو انتقال ٿي ويو آهي، وڏو ڀاءُ عبدالعزيز سولنگي حيدرآباد ۾ رهندو آهي جيڪو ليڪچررا به هو هاڻي رٽائر آهي ۽ ڪاوش اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو آهي. هڪڙو ڀاءُ ڳوٺ رهندو آهي. تعليم مڊل تائين حاصل ڪري سگهيس، تقريبن 20 سالن کان ڪاوش ايڊورٽائيزنگ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪري رهيو آهيان، همسري ۾ مون کي منهنجو تجربو کڻي آيو، همسري جو جون 2015 وارو پهريون مئگزين منهنجي هٿن مان ئي نڪتو آهي. هڪ ڪمپورز طور مون پنهنجي سٺي ساک پيدا ڪئي آهي. منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪمپوزنگ ۾ ڪابه غلطي نه ٿئي، پر ان جي باوجود به ڪڏهن ڪا غلطي ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ پروف ۾ درست ٿي ويندي آهي.

همسري: هن ٽيم ۾ ڪم ڪندي توهان پنهنجن تجربن کان آگاهه ڪندا؟

سليم سولنگي: آئون همسري جي ٽيم جو پايونيئر ميمبر آهيان. (هه م س ر ي) منهنجي لاءِ همت، مقابلو، ساٿ، ريس ۽ يقين جو نالو آهي. همت ڪئي سين، مقابلو ڪري رهيا آهيون، مصيبتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون، هڪٻئي جو ساٿ ڏيئي رهيا آهيون، ٻين مئگزينن کي پٺيان ڇڏي ريس کٽي آهي، هڪٻئي تي ٽيم ميمبرز جو پورو يقين آهي، جنهن جو نالو همسري آهي.

اڄ همسري مئگزين توهان جي سامهون آهي جنهن پنهنجي اهميت مڃرائي آهي ۽ لکندڙن کي پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي. هاڻ يقين سان چئون ٿا ته دنيا جو نمبر 1 سنڌي ماهوار مئگزين صرف همسري ئي آهي. جون 2015 کان جون 2021 تي همسري ڇهين سال ۾ پير پاتو آهي. آئون سال 2015 کان وٺي همسري سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهيان. هينئر جون 2021 ۾ همسري جي ڇهين سالگره آهي، منهنجو ساٿ همسري سان ئي آهي ۽ انشاءَالله هميشه رهندو. ڪافي ماڻهن جو خيال هو ته مئگزين جلد بند ٿي ويندو، مئگزين هلائڻ سولو ناهي، مئگزين کي وقت کپي، پئسو کپي، ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، پنهنجو سڪون برباد ڪرڻو پوندو، پر ميڊم زاهده ابڙو جي همت کي سلام آهي، جنهن صرف شوق خاطر نه پر ٻوليءَ جي خدمت ۽ سماج ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مئگزين هلايو آهي، ميڊم پنهنجا سڀ شوق ڇڏي ڏنا، پنهنجو گهر، ٻار ٻچا، ڪم ڪار، پنهنجون ننڊون قربان ڪيون، اسان ٽيم ميمبرن کي پنهنجي کيسي مان پگهارون ڏي ٿي، پريشانيون کڻي ٿي، مصيبتن کي منهن ڏئي ٿي، مردن سان مرد ٿي مقابلو ڪري ٿي گهڻي ۾ گهڻو وقت صرف مئگزين کي ئي ڏنو آهي. ميڊم جو خواب پورو ٿي ويو، همسري مئگزين ۾ ميڊم جو ساهه آهي، اڄ همسري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. اسان هڪ سٺي ٽيم جا ميمبر آهيون اسان ايمانداري، سچائي ۽ شوق سان ڪم ڪندا آهيون. ڪمپوزنگ ڪندي ڪندي ظاهري ڳالهه آهي ته جيڪي به مضمون اچن ٿا، خط ۽ رايا اچن ٿا، ڪهاڻيون ۽ شاعري اچي ٿي. ان کان علاوه پروفائل، انٽرويو جيڪي آئون ڪمپوز ڪندي ڪندي پڙهندو به آهيان ۽ مون کي تمام سٺا لڳندا آهن، اهي سڀ منهنجي نظر مان گذرن ٿا. اسان جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته همسري مئگزين پهرين يا ٻئين تاريخ تائين اسان جي پڙهندڙن تائين پهچي وڃي، پر هينئر ملڪي حالتن سبب مئگزين جي شايع ٿيڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ويندي هئي، پر اسين ڪوشش ڪنداسين ته همسري کي وقت سر پڙهندڙن تائين پهچايون. همسري مئگزين هڪ طلب، هڪ گهرج، هڪ نشو آهي. پڙهندڙن کي هر مهيني جي پهرين تاريخ کان بيچينيءَ سان انتظار رهندو آهي ته مئگزين ڪڏهن ٿو اپلوڊ ٿئي. هن وقت هر پڙهندڙ جي خواهش آهي ته همسري مئگزين پبلش ٿئي ۽ سندن هٿن ۾ موجود هجي. پهرين هي مئگزين پرنٽ ٿي ايندو هو ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي بُڪ اسٽال تي موجود هوندو هو پڙهندڙ شوق سان خريد به ڪندا هئا، پنهنجا خط ۽ رايا به لکندا هئا. مارچ 2020 کان ڪورونا ۽ ٻين سببن جي ڪري مئگزين ڇپجي نه پيو سگهي جنهن ۾ وڏو سبب مالي بحران به آهي. ڇو ته هڪ اهڙو مئگزين جيڪو رجسٽرڊ به آهي، ABC به ٿيل آهي ۽ سينٽرل ميڊيا لسٽ تي به آهي، پر بدقسمتي سان صرف سنڌي مئگزين هجڻ ڪري ان کي ايڊورٽائيز نٿيون ملن، جنهن جي ڪري هن مئگزين کي هاڻي پرنٽ ۾ آڻڻ بجاءِ ان کي اِي-مئگزين ۾ تبديل ڪري humsari.com تي آن لائين ڪيو ويو آهي. همسري ۾ سٺو مواد شايع ٿئي ٿو، نوان نوان ليکڪ به لکن پيا ۽ شوق سان پڙهن پيا. همسري مئگزين جو پنهنجو يوٽيوب چئنل به آهي. جنهن تي همسري ۾ شايع ٿيل مواد کي وائيس اوور ۾ تبديل ڪري ان جون وڊيوز ٺاهي رکيون وينديون آهن جنهن ۾ اسان جو ٽيم ميمبر ثاقب ابڙو ۽ فرحان سخيراڻي پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. همسري ٽيم جي محنت رائيگان نه وئي، همسري ٽيم سچائي ۽ دل سان محنت ڪئي، اڄ همسري مئگزينن ۾ هڪ برانڊ آهي. همسري کي ويب سائيٽ تي سڄي دنيا جا ماڻهو شوق سان پڙهن ٿا. پڙهندڙن کي گذارش آهي ته وڌ ۾ وڌ همسري مئگزين پاڻ به پڙهن، دوستن يارن کي شيئر ڪن، ڪمينٽس ڏين، لائيڪ ڪن. اسان جي محنت جاري رهندي، انشاءَ الله هڪ ڏينهن همسري هڪ مضبوط ادارو بڻجندو.

همسري: همسري جي باري ۾ توهان کي ٻاهران ڪهڙو فيڊ بيڪ ملندو آهي؟

سليم سولنگي: اڪثر ماڻهو مون کان همسري جي باري ۾ پڇندا آهن، آئون پهرين صرف عبدالسليم هئس همسري ۾ اچڻ کانپوءِ هاڻي آئون سليم سولنگي ٿي ويو آهيان. تقريبن هاڻي ماڻهو مون کي سڃاڻن ٿا ۽ همسري جي حوالي سان منهنجي سڃاڻڻ وارن جو حلقو به وسيع ٿي ويو آهي. اڪثر ماڻهو پاليسي جي باري ۾ پڇندا آهن، انهن کي ٻڌائيندو آهيان ته اسان جي پاليسي ڇا آهي، ڪوبه شايع ٿيل آرٽيڪل اسان وٽ همسري ۾ پبلش ناهي ٿيندو يا وري فيس بڪ تي رکيل ڪوبه مواد همسري ۾ شايع ناهي ٿيندو، جيڪڏهن ٿيندو به آهي ته ان لاءِ ٽيم ان جي ميرٽ تي فيصلو ڪري پوءِ ان کي شايع ڪندي آهي. همسري جي آفيس ۾ بلڪل گهر جهڙو ماحول آهي سڪون سان ڪم ڪندا آهيون ڪابه پريشاني ناهي هوندي، ڪو پريشر ناهي هوندو بس وقت جي پابندي سان سڀ شيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ سڄي ٽيم جي ڪوشش اها هوندي آهي ته مئگزين ٽائيم تي آن لائين ٿي وڃي.

همسري: توهان همسري جي ڇهين سالگره تي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟

سليم سولنگي: همسري جي ڇهين سالگره تي آئون سڄي ٽيم کي ۽ همسري جي سڀني انهن پڙهندڙن کي جن جو تعلق همسري سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان رهيو آهي انهن سڀني کي مبارڪون ٿو ڏيان ته همسري باقائدگي سان شايع ٿي رهيو آهي ۽ پڙهجي رهيو آهي. ان کان علاوه انهن سڀني پڙهندڙن کي اها گذارش ڪندس ته اسان سڄي ٽيم محنت ڪري سٺو مواد توهان تائين پهچايون ٿا ته جيئن توهان دنيا جي باري ۾ پنهنجي ارد گرد جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهو ۽ توهان جو ساٿ اسان کي اهو گهرجي ته ان کي آن لائين پڙهو، لائيڪ ڪريو، جيڪڏهن ڪو مشورو ڏيڻ چاهيو ٿا ته اسان اڃان به همسري کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهون ٿا اهو به ڏيو، اهوئي منهنجو سڀني پڙهندڙن کي پيغام آهي ۽ گذارش به آهي.

***

همسري: سماج ۾ مئگزينن ۽ اِي-مئگزينن جي هن وقت ڇا اهميت آهي ۽ اهي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن؟

ثاقب ابڙو: ڪنھن به معاشري ۾ معلومات تائين رسائي حاصل ڪرڻ ھن وقت ايترو ضروري ٿي چڪو آھي جيترو زندگيءَ جا ٻيا ننڍا وڏا ڪم ضروري آھن. دنيا جي ڪنھن به خطي کان وٺي ملڪي سطح تائين پوءِ صوبائي سلسلي کان ويندي شھري ۽ ڳوٺاڻي ڍانچي تائين اسان وٽ خبرن توڙي ٻي علمي ادبي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بابت بنھ مختلف معاملا آھن. ماڻھو اڄ به ريڊيو ٻڌن ٿا ۽ اڄ به اخبار رسالي ڪتاب جي اھميت کان واقف آھن. جڏھن ته سمارٽ فون استعمال ڪندڙن جو تعداد اسان جي ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آھي. ڀل ته شرح خواندگي ۾ اسان جا انگ اکر خوش آئند نه به ھجـن، ڀل ته مھانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ھجي، پر سمارٽ فون ۽ انھن جي نيٽ ورڪن پاران پيڪيجز ضرور سندن پھچ ۾ آھـن ۽ اھي ئي برائي ۾ ڀلائي بڻجي اسان کي مقامي ملڪي ۽ بين الاقوامي مواد تائين رسايو ڇڏين. منھنجو مشاھدو آھي ته مئگزين ھجي يا اي-مئگزين ليکڪن کي پبليڪيشنز جي اھميت جي خبر آھي ته سندن قد ڪاٺ توڙي پروفائل کي بين الاقوامي سطح تي پذيرائي ملي ٿي. اسان وٽ انھن سڀني حوالن جا معيار ۽ ماپا باقي دنيا کان نرالا آھن. ان تي ڪنھن ٻئي ڀيري لکبو. ھا باقي جيسين تائين قارئين جو تعلق آھي مان سمجھان ٿو ته اھو ادارتي سٿ تي منحصر آھي ته هو ڪيترو نبض شناس آھي ۽ پڙھندڙن کي متوجهه ڪرڻ، سندن دلچسپي کي برقرار رکڻ ۽ پنھنجي جياپي لاءِ ڪھڙيون پاليسيون جوڙي ٿو.

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين اڳتي هلي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڪا جاءِ ٺاهيندو؟

ثاقب ابڙو: ھمسري مئگزين پنھنجي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مقبوليت سان اھو ثابت ڪيو آھي ته ان کي سوشل ميڊيا تي پڻ مڃتا ۽ موٽ ملندي. ھن وقت تائين شايد ان ڏس ۾ پروفيشنل ايپروچ ۽ منصوبا بندي جو مرحلو جاري آھي، ڇو جو سڄي دنيا وانگر ھمسري کي به ڪووڊ جي صورتحال ڪري مختلف قسمن جا چئلينجز آڏو آھن، جن مان سڀ کان اھم چئلينج اھو ته سوشل/ڊجيٽل ميڊيا تي ھرھڪ اچي چڪو آھي سواءِ اھڙن ادارن جي جيڪي پنھنجي اشتھار وسيلي ميڊيا جي سگھ بڻبا آھن. مون کي يقين جي حد تائين پڪ آھي ته زاھده ابڙو صاحبه پنھنجي قابليت سان اي-ميڊيا جي ميدان ۾ پڻ ھمسريءَ لاءِ اوج ۽ ڪمال ماڻيندي.

همسري: توهان همسريءَ جي ڇهن سالن جي سفر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ثاقب ابڙو: مون کي اڄ به ياد آھي ته گاڏي کاتي جي ھڪ اخبارن ۽ رسالن جي اسٽال تي جڏھن ھمسري ڏٺم ته بي اختيار منھنجا ھٿ ان کي ھٿن ۾ کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا. اھا ھمسري نالي جي مقناطيسيت ته هئي، پر انفراديت پڻ هئي جو ھـن رسالي تي ڪنھن ماڊل جي تصوير بدران ھڪ تصوراتي اسڪيچ سر ورق تي ھو ۽ رنگن جو امتزاج پڻ ٿڌو ۽ پرڪشش ھو. پوءِ رسالي جا عنوان، ليکڪ، ڪوالٽي سڀ ڪجهه ايئن ھو جو مون بنا دير اھو خريد ڪيو ۽ پوءِ ڪيترائي شمارا آن اينڊ آف وٺندو رھيس. اوچتو ھڪ ڀيري ميڊم زاھده ڏانھن پنھنجو ھڪ ليک اي ميل ڪرڻ لاءِ دل اتساھيو، پر اي ميل ميل ڪندي وري رڪجي ويس ته الائي ايئن ڪرڻ ٺيڪ رھندو يا نه. ھمسري جي معيار تي پورو لھندس الائي نه!! اھو ھمسري جو اھو لاشعوري اثر ھو جيڪو اڄ به مون کي ھمسري بابت ھميشه ذھن ۽ دل تي رھيو ئي رھيو آھي. ڇھن سالن جي ھن سفر جي اڻانگن پيچرن جي خبر ته يقينن ھمسري جي ايڊيٽوريل سٿ کي ھوندي، پر جيئن ڏٺو مون تيئن ان سٿ ۾ شمارجڻ مون لاءِ اھڙو خواب ھو جيڪو ساڀيان ٿيڻ جي بيحد خوشي به اٿم ته اھو احساس به ته ھن معيار کي برقرار رکڻ جي ذميواري ھاڻي منھنجي پڻ آھي.

همسري: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

ثاقب ابڙو: منھنجو سمورن پڙھندڙن کي اھو ئي پيغام آھي ته پسند ناپسند جو اظھار ڪرڻ لاءِ ضرور ٻه اکر لکندا ڪريو ته جيئن اھا خبر پئجي سگھي ته ھمسري درست گس تي آھي يا ان کي اڃان بھتر ڪرڻ لاءِ ڪھڙا اپاءُ وٺجن. اوھان جي قبوليت ئي ھمسري کي مقبوليت جي درجي تي پھچايو آھي. سوشل ميڊيا وسيلي اوھان جي پسنديدگي کي پڻ اظھاريو، لائڪ ڪريو، شيئر ڪريو. مهرباني

***

همسري: توهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟

فرحان سخيراڻي: منهنجو نالو محمد فرحان سخيراڻي آهي، مان ڪوٽڙي ۾ رهندو آهيان. مان هن وقت همسري مئگزين ۽ روزاني ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان صبح جو همسري جي آفيس ۾ هوندو آهيان شام جو ڪاوش ۾ ڪم ڪندو آهيان. همسري ۾ آءِ. ٽي شعبي ۾ انچارج طور ڪم ڪندو آهيان.

همسري: پنهنجي هن سڄي ڪم واري عرصي ۾ توهان جو تجربو ڪيئن رهيو آهي؟

فرحان سخيراڻي: مون کي همسريءَ ۾ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ ڏيڍ سال ٿي ويو آهي، همسري ٽيم سان گڏ ڪم ڪندي مون کي ڏاڍو سٺو لڳو آهي ۽ ايمانداري جي ڳالهه اها آهي ته آئون اهو چوندي خوشي محسوس ڪيان ٿو ته هتي ڪم ڪرڻ کانپوءِ مون تمام گهڻو سکيو آهي. ڪافي آئيڊياز تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ۽ اهو ماحول به مليو آهي جنهن ۾ آئون ڪافي نيون شيون سکي سگهيو آهيان ۽ ان تي تجربا به ڪيا آهن ۽ اڃان وڌيڪ سکڻ جي اميد آهي.

همسري: همسري لاءِ ڪو فيڊ بيڪ ملندو آهي؟

فرحان سخيراڻي: ڪافي دوست آهن جيڪي همسري کي مستقل پڙهن ٿا، انهن مون کا پڇو به آهي ڇو ته هو منهنجو همسري ٽيم ۾ نالو ڏسن ٿا ۽ ان باري ۾ به مون کان پڇندا به آهن ۽ هميشه اهو فيڊ بيڪ ملندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هي هڪ تمام سٺو مئگزين آهي جنهن ۾ سٺا ليک ڇپجن ٿا ۽ سٺا سٺا ليکڪ ان ۾ لکن ٿا، لڳ ڀڳ هر شيءِ جي باري ۾ هن مئگزين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي.

همسري: همسري مئگزين کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ڪي تجويزون ڏيئي سگهو ٿا؟

فرحان سخيراڻي: ها بلڪل منهنجي ذهن ۾ ڪجهه تجويزون آهن، جيئن ته هينئر سوشل ميڊيا پنهنجي عروج تي آهي ان جا جيترا به فورمز آهن ۽ جيتريون به ايپليڪيشنز آهن جتي جتي همسري مئگزين ۽ ان سان لاڳاپيل اسان جو يوٽيوب چئنل شيئر ٿي سگهي ٿو شيئر ڪجي، ليکڪن تائين اسان کي پنهنجي ويب سائيٽ کي پهچائڻ گهرجي، نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ لاءِ اسان کي سوشل ميڊيا جو ئي سهارو وٺڻ کپي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسان جو مئگزين تمام سٺو مئگزين آهي ۽ سٺا رائيٽر اسان وٽ لکن ٿا، بس هن کي وڌ ۾ وڌ دوستن تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي.

***

همسري: همسري ٽيم سان ڪم ڪندي توهان جو تجربو ڪيئن رهيو؟

شهزاد منگواڻو: همسري ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ٿئي ٿي. هن ٽيم ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين جڏهن اڃان آئون ٽيم جو حصو نه هئس تڏهن به مئگزين کي مارڪيٽ ۾ اسٽالن تي ڏسندو هئس ته منهنجي دل ۾ هڪڙي خواهش پيدا ٿيندا هئي ته ڪاش آئون به هن ٽيم جو حصو هجان ۽ پوءِ جڏهن مون کي هن ٽيم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته باقائدي مون محنت ڪري ڪم ڪيو ۽ منهنجي هميشه همت افزائي ڪئي وئي ۽ منهنجي ڪنهن به ڪم کي رد نه ڪيو ويو. هڪ لي آئوٽ ڊزائينر جي حيثيت سان واقعي مون کي نون آئيڊياز تي ڪم ڪندي مزو اچي رهيو آهي. اسان وٽ سنڌي مئگزينن ۾ گهڻو ڪري ڪور پيج جي ذريعي ڪو پيغام ڏيڻ جو رجحان نه آهي ۽ ڪيتريون ئي شيون گڏيل لڳائي ڇڏنيدا آهن، اسان وٽ همسري ۾ اهو رجحان ڪونهي. همسري جي ڪور پيج ذريعي هڪڙو پيغام پڙهندڙن تائين پهچايو ويندو آهي جيڪو وڏي معنيٰ رکي ٿو ۽ ان سان گڏ هڪڙي ننڍي ٽيگ لائين هوندي آهي اها تصوير ڏسي همسري جو پيغام پڙهندڙن تائين پهچي ويندو آهي ڇو جو ان جي پنهنجي هڪ طاقت هوندي آهي ۽ اها تصوير ڳالهائيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي خود ائين لڳندو آهي ته توهان جو ڪور پيج سڄي مئگزين کي ليڊ ڪندو آهي. مون هميشه ڪور پيج ٺاهڻ ۾ تخيلقي انداز ۾ ڪم ڪندي ڏاڍو لطف ماڻيو آهي. ڇو جو هڪڙي وڏي ڳالهه کي هڪ تصوير جي ذريعي پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هڪ تخليقي عمل آهي.

همسري: اِي-مئگزين جي مستقبل کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

شهزاد منگواڻو: اِي-مئگزين اسان جي لاءِ ته هڪڙو نئون خيال ۽ تصور آهي جيڪو شايد ڪورونا جي اچڻ کانپوءِ هتي عام ٿي رهيو آهي، پر سڄي دنيا ۾ خاص ڪري ترقي يافته ملڪن ۾ ڪيتريون ئي اخبارون ۽ ڪيترائي مئگزين آن لائين هليا ويا ۽ ان کي ڪيترائي سال ٿي چڪا آهن. ان جو هڪڙو فائدو اهو به آهي ته مئگزين ڊجيٽل هجڻ ڪري جنهن وٽ به ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون آهي اهو ان تائين رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. پرنٽ ميڊيا جا گهڻائي فائدا آهن ته ان جا خفا به الاهي آهن سڀني کان وڏو نقصان ان جو اهو آهي ته توهان پني جو استعمال جڏهن ڪريو ٿا ته توهان ان وقت فطرت سان دشمني ڪري رهيا هوندا آهيو. ڇو جو توهان جو پنو وڻن مان ٺهي ٿو ۽ وڻ جڏهن ڪٽجن ٿا ته اسان جي ماحول کي شديد قسم جو نقصان پهچي ٿو ۽ ڊجيٽل ڪاپي ان نقصان کي روڪي ٿي ۽ توهان جا پڙهندڙ جيڪي هارڊ ڪاپي حاصل ڪري پڙهن ٿا ان کان به وڌيڪ ٿين ٿا ڇو جو اهو سڄي دنيا تائين پهچي وڃي ٿو. ڪجهه وقت پهرين بينڪن ۾ رسيد ڪڍڻ تي ڪي به پئسا نه لڳندا هئا، پر هاڻي رسيد تي به چارجز لڳايا ويا آهن ته جيئن پيپر جي استعمال کي ڪنٽرول ڪري گهٽائي سگهجي. مستقبل آن لائين اخبارن ۽ مئگزينن جو آهي ۽ اسان کي جيترو جلدي هن پاسي وڃي سگهون ٿا وڃڻ گهرجي. نه رڳو ايترو، پر ڪرنسي به ڊجيٽل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪيترن ملڪن پنهنجي ڪرنسي کي اِي-ڪرنسي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي نوٽ نٿا هلن انهن جي جاءِ تي توهان آن لائين خريد و فروخت ڪري سگهو ٿا  ۽ اها ئي وقت جي تبديلي آهي ۽ وقت سان گڏ اسان کي نون لاڙن کي اختيار ڪرڻو پوندو.

همسري: توهان جو ڇا خيال آهي ته اسان جو سماج ان ڊجيٽل لاڙي کي قبول به ڪري پيو يا نه؟

شهزاد منگواڻو: هر نئين شيءِ کي قبول ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت لڳندو آهي ۽ اسان وٽ به ظاهري ڳالهه آهي ڪنهن حد تائين ماڻهو ان طرف وڃي رهيا آهن ۽ ٻين کي قبول ڪرڻو پوندو، سکڻو پوندو، دنيا سان گڏ جيڪڏهن هلڻو آهي ته توهان کي اهي سڀ شيون اختيار ڪرڻيون پونديون. سمارٽ فون تقريبن هاڻي گهڻن ماڻهن وٽ آهي، بهتر آهي ته پاڻ ۾ آن لائين ريڊنگ جي عادت وجهو. هارڊ ڪاپي جي پرنٽنگ کان وٺي ڊسٽريبيوشن تمام مشڪل مرحلو آهي ۽ ان جي باوجود به توهان جي پهچ محدود ٿئي ٿي. ڊجيٽل ۾ توهان جيڪڏهن ڪا شيءِ پڙهڻ چاهيو ٿا ته توهان وٽ وقت ڪونهي ته توهان ان کي محفوظ ڪري رکي ڇڏيو ۽ فارغ وقت ۾ توهان ان کي پڙهي سگهو ٿا.

همسري: اسين پنهنجي ڪم کي اڃان به بهتر ڪري سگهون ٿا؟

شهزاد منگواڻو: منهنجي خيال ۾ ته همسري تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، پر ڪجهه تجويزون به ڏيڻ چاهيندس، پراڻن ليکڪن سان گڏ نون ليکڪن کي به موقعو ڏنو وڃي، پهرين همسري ۾ آرٽ جو پيج هوندو هو جيڪو اڄڪلهه شايع نه پيو ٿئي ان کي وري شروع ڪيو وڃي، هڪ حصو ٻارن جي لاءِ به رکو ته جيئن هر عمر جو ماڻهو ۽ مختلف ذوق رکندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي شوق مطابق همسري مان پنهنجي مطلب جي ڪا نه ڪا شيءِ ڏسي ۽ پڙهي سگهن. جڏهن هڪڙو دفعو ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي مطلب جي شيءِ همسري ۾ نظر ايندي ته هو هر دفعي همسري کي کولي ضرور ڏسندو.

***

همسري جي ڇهين سالگره جي موقعي تي همسري جي سڄي ٽيم ۽ اسان جي ڪامريڊ ساٿي زاهده ابڙو کي مبارڪ ڏيندس ته جنهن جوش ۽ جذبي سان جنهن همت ۽ حوصلي سان هن همسريءَ کي جاري رکيو آهي اهو جذبي کانسواءِ ممڪن ناهي. ڇو ته مئگزين پبلش ڪرڻ ۽ ان کي تسلسل سان شايع ڪرڻ اهي ٻه الڳ الڳ شيون آهن. ٻنهي پاسن کي ڏسجي ته اهي ٻئي پاسا ڏکيا آهن، پر ڪنهن شيءِ کي تسلسل سان جاري رکڻ ۾ تمام گهڻو ذهني پورهيو گهرجي ٿو تڏهن اهي ڪم جاري رهن ٿا. مان خود همسريءَ جو حصو رهي چڪو آهيان ۽ اڄ به ان کي پنهنجو حصو سمجهان ٿو. ڪجهه عرصي تائين آئون، اشوٿاما ۽ ڪامريڊ زاهده ابڙو اسان ڪجهه ماڻهن کان پينل انٽرويو ورتا هئا تڏهن اهو محسوس ڪيم ته ڪوبه مئگزين جڏهن نڪري ٿو ته اهو پنهنجي ماڻهن سان ۽ ڌرتيءَ سان ڪيتري قدر ڳنڍيل آهي ۽ ان جو تعلق ڪيترو گهرو آهي، ڇا مسئلن تي ان جي نظر آهي پوءِ اهي سماجي هجن يا سياسي، ادبي هجن يا ٻيا مسئلا هجن. اسان کي احساس ٿيو ته همسري هميشه انهن مسئلن سان جڙيل رهيو آهي ۽ اسان ان جو حصو بڻجي ويا هئاسين. همسريءَ جو اهو ڪردار اسان کي اڳ کان به وڌيڪ نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ جو اسان اڳ وانگر همسريءَ جو عملي طور تي حصو ناهيون، پر اسين چئي سگهون ٿا ته هن مئگزين جي اهميت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اڳتي هلي اميد آهي ته ان ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو. منهنجي خيال ۾ مئگزين، اخبارون، ناول، ڪهاڻيون اهي سڀ اسان جا اوزار آهن. ڇو ته سماجي ارتقا هڪ ته قدرتي طور ٿيندي آهي ۽ ان جو ٻيو حصو رٿابندي سان ٿيندو آهي. جيئن يورپ کي رٿابنديءَ سان ارتقائي مرحلي مان گذاري صنعتڪاري ڪئي وئي ته سماج کي تيز ترقي وٺرائجي جنهن ۾ اتي هڪ وچون طبقو پيدا ٿيو ۽ انهن جي تنظيم ڪاري پيدا ٿي ۽ سماج اڳتي وڌيو. سڄي دنيا ۾ اهڙي رٿابندي ڪئي ويندي آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ملڪ اڄ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن، اسان جي سماج اندر ٿيو ڇا آهي جو ٻئي شيون تباهيءَ جو شڪار ٿيون آهن. اسان وٽ قدرتي ارتقا به ڀوڳيو آهي ته وري جيڪا ارتقا رٿابنديءَ تحت ٿيڻ گهرجندي هئي، جيئن صنعتڪاري، وڏيرا شاهي جو خاتمو، زرعي سڌارا، وڏيرا شاهي جيڪا ڪالونيل دور جي نشاني آهي اها ختم ٿيڻ گهرجندي هئي، پر ختم نه ٿي سگهي. نتيجي طور سماجي ارتقا يا ته رڪجي وئي يا تمام سست رفتاريءَ جو شڪار آهي. مئگزين يا اخبارون يا جيڪو به لکيو ٿو وڃي ان جو مقصد اهو آهي ته عوام دشمن رياستن اسان جي ارتقا کي رد ڪيو آهي اسان جي شعور ۽ سجاڳي کي وڌڻ نه ڏنو آهي هي اخبارون، مئگزين اهي چاهين ٿيون ته اسان سماج جي اندر سجاڳي پيدا ڪري ارتقا کي تيز ڪريون. همسري به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ۽ ان ڪم ۾ ڀاڱيوار آهي. آخر ۾ چوندس ته هر مئگزين پنهنجو فڪر کي کڻي اڳتي وڌندو آهي. اميد ته همسري به پنهنجي فڪر کي اڃان وڌيڪ واضح ڪندو، همت ۽ جرئت سان پنهنجو موقف کڻي اڳتي وڌندو.

***

همسري: ڇا هن وقت سماج ۾ مئگزينن جي ضرورت آهي؟

انور قاضي: سچي ڳالهه اها آهي ته پڙهندڙن جو انگ تمام تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي ۽ ان جو سبب انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا آهي. اڳ ۾ سهڻي جهڙا تمام خوبصورت رسالا نڪرندا هئا، پر اهي پنهنجن پنهنجن مسئلن جي ڪري بند ٿي ويا. رسالن جي ضرورت پنهنجي جاءِ تي هميشه موجود رهي ٿي پوءِ چاهي اها ٻولي ڪهڙي به هجي. ڇو ته رسالا پنهنجو هڪڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڇو ته ان ۾ شايع ٿيل مواد کي ايڊٽ ڪري پروف ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ معياري ٻولي شايع ٿئي ٿي، وقت ۽ ضرورت جي مطابق مواد کي پيش ڪيو ٿو وڃي، پر هن وقت توهان سوشل ميڊيا تي جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل مواد پڙهندا ته ان ۾ توهان کي ڪافي گرامر جون چڪون نظر اينديون ان کان علاوه غير معياري ٻوليءَ جو استعمال عام آهي ۽ ان مواد جي درست هجڻ جي به ڪا گارنٽي نه هوندي آهي، جنهن جي ڪري نه صرف اسان جي نوجوانن جي ذهني تربيت نه ٿي رهي آهي بلڪه ايئن چئي سگهجي ٿو ته اهڙين غير معياري پوسٽن جي ڪري انهن کي غير اخلاقي ۽ غير معياري ٻولي سيکاري پئي وڃي. ڇو ته اهو medium توهان جي ٻوليءَ جي سڌاري جي ڪابه ذميداري نٿو کڻي ۽ ان جي نسبت رسالا، اخبارون ذميداري سان اهو ڪم سرانجام ڏين ٿا. جيڪي ٻار انگريزي ميڊيم ۾ پڙهي رهيا آهن اهي ته سنڌي پڙهڻ جي اهل ئي ڪونه آهن. ان تناظر ۾ سنڌي رسالن جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن نوجوان پنهنجي ٻولي لکي، پڙهي ۽ سمجهي سگهن. اردو رسالا ڪافي نڪري رهيا آهن. ڇو جو گهڻو ڪري اهي رسالا اخبارن سان ڳنڍيل آهن انهن کي هڪڙو بيڪ اپ مليل آهي ۽ اهي پنهنجو سفر جاري رکندا اچن. سنڌي رسالن کي بيڪ اپ ناهي تمام گهٽ رسالا آهن جيڪي اخبارن جي ڪري نڪرن ٿا ۽ انهن جون پنهنجون ڪمرشل ضرورتون هونديون آهن.

همسري: همسري جي ڇهن سالن جي سفر کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

انور قاضي: همسري پنهنجي ٻوليءَ جي تمام وڏي خدمت ڪري رهيو آهي. پهرين همسري هارڊ ڪاپي ۾ پنجن سالن تائين ايندو رهيو ۽ پوءِ ڪورونا جي ڪري اچڻ بند ٿي ويو، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته توهان ان کي پنهنجي ويب سائيٽ تي مسلسل آن لائين جاري رکيو آهي ۽ اهو پڙهندڙن لاءِ آن لائين موجود آهي، ان جو سڄو ڪريڊٽ يقينن همسري مئگزين جي ايڊيٽر زاهده ابڙو کي ڏيڻو پوندو. ڪجهه رسالا هن وقت سنڌيءَ ۾ نڪرن پيا، پر ڳالهه اها آهي ته جيڪو معيار سهڻي جو هو ان جي ڪجهه مهڪ همسري مان آئي پئي، پر هن وقت جيڪي سنڌي رسالا اچي رهيا آهن اهي گهڻو ڪري يا ته سرڪاري آهن جيئن مهراڻ، پر انهن جو پنهنجو هڪڙو مخصوص رنگ آهي جنهن جي ڪري اهي عوام ۾ اها پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيا آهن.

همسري: ڇا همسري آن لائين پڙهندڙن جي توجهه حاصل ڪري رهيو آهي يا اسان کي ٻي ڪا پلاننگ ڪرڻ گهرجي؟

انور قاضي: ان جا ٻه پهلو نڪري سگهن ٿا هڪڙو يقينن فائدي وارو هوندو ۽ ٻيو جنهن ۾ توهان کي ڪجهه نقصان به نظر اچي سگهن ٿا. پهرين اسان جنهن ۾ فائدا نظر اچن ٿا ان پهلو تي نظر وجهون ٿا. اسان همسري کي هڪ مثال طور کڻون ٿا هن کان پهرين توهان همسري کي هارڊ  ڪاپي جي طور تي پوري دنيا ۾ موڪلڻ جي نه سگهه رکي ٿي ۽ نه پهچ، پر هن وقت آن لائين هجڻ جي ڪري توهان پوري دنيا جي سنڌي پڙهندڙ ماڻهن تائين پنهنجي همسري مئگزين کي پهچائڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي. اهي چاهي آمريڪا، انڊيا، آفريقا يا ڪئناڊا ۾ هجن مقصد آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجن، هاڻي انهن کي همسري پبلش ٿيڻ وقت پڙهڻ لاءِ پهچ حاصل ٿي وئي آهي. ان تناظر ۾ ڏسجي ته واقعي مئگزين کي آن لائين ئي ٿيڻ گهرجي. هاڻي وري اسان اچون ٿا ٻئي پاسي ته نقصان ڪهڙا آهن، جڏهن هارڊ ڪاپي توهان جي هٿ ۾ هوندي آهي ته پڙهندڙ کي تمام گهڻو اطمينان ملندو آهي ۽ پڙهڻ ۾ مزو ايندو آهي. اڃان تائين به اسان جي ملڪ ۾ سڀني ماڻهن جي انٽرنيٽ تائين رسائي ڪونهي ۽ اڃان اسان هارڊ ڪاپي مان ئي مزو ماڻيون ٿا، باقي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته توهان جي ريڊر شپ آن لائين يقينن وڌيڪ آهي.

همسري: هڪ ليکڪ ۽ پڙهندڙ جي حيثيت سان ٻڌايو ته همسري کي ڪهڙي پاسي وڌيڪ فوڪس ڪرڻ گهرجي؟

انور قاضي: توهان وٽ مئگزين ۾ ادبي حساب سان تمام سٺو مواد ڇپجي ٿو. توهان ڪرنٽ افيئر تي به پنهنجي پهچ جي مطابق آرٽيڪل شايع ڪريو ٿا. منهنجي تجويز اها آهي ته همسري ۾ هر مهيني هڪ تفتيشي رپورٽ اچڻ گهرجي. ڇو ته اسان جي ارد گرد هر وقت ڪو نه ڪو مسئلو موجود آهي ڪهاڻيون پکڙيل آهن انهن تي هڪ سٺي تفتيشي رپورٽ همسري ۾ شايع ٿيڻ گهرجي جنهن سان انهن مسئلن جي نشاندهي ٿي سگهندي جيڪي شايد ڪنهن سبب جي ڪري منظر عام تي نه اچي سگهندا هجن.

***

همسري: اِي-مئگزينن جي اهميت ڪيتري آهي؟

اعجاز منگي: اِي-مئگزينن جي خوبصورتي اها آهي ته ڪنهن به بارڊر جا پابند نه آهن. اوهان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکو ۽ پوري دنيا ويهي پڙهي ٿي. هڪڙو ماڻهو آمري ۾ ويٺو آهي اهو به پڙهي ويٺو ۽ هڪڙو ماڻهو آمريڪا ۾ آهي اهو به ان مان فائدو وٺي سگهي ٿو. اِي-مئگزين لاءِ اوهان کي ڊسٽريبيوٽر جي ضرورت نٿي پوي، توهان جي ويب سائيٽ اوهان جي ڊسٽريبيوٽر آهي. جيڪي ماڻهو مئگزين نٿا وٺي سگهن اهي آسانيءَ سان ان مئگزين کي پڙهي سگهن ٿا ۽ اِي-ڪاپي ڇپيل ڪاپي کان وڌيڪ محفوظ آهي.

همسري: همسري مئگزين جي ڇهن سالن جي سفر کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟

اعجاز منگي: منهنجي نظر ۾ همسري جي به هن وقت سوشل ميڊيا ۾ مڃتا آهي، رسالي جو هڪ مقام آهي، ان جو سبب هڪ ته رسالي جو معيار آهي ۽ ٻيو پابندي سان پنهنجي ٽائيم لائين تي پبلش ٿيڻ آهي. همسري جي ٽيم پنهنجي ڪم سان مخلص آهي ان لاءِ هي مئگزين سنڌي سماج ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو. مئگزين جيڪڏهن ان پاليسيءَ تي عمل پيرا رهيو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌيءَ جو ٽائيم مئگزين هوندو. همسري پهرين جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو ته ان وقت گهڻن ماڻهن جون نظرون مٿس نه پونديون هيون، پر ڪجهه وقت کانپوءِ جنهن طريقي سان مئگزين ۾ وڏي ڇنڊ ڇاڻ بعد مواد شامل ڪيو ويو ۽ معيار کي بلند ڪيو ويو ته رسالي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. هي مئگزين هاڻي سماج جي سوچ جي ڌارا مٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هاڻ همسري مئگزين وٽ ايتري صلاحيت آهي ته بي بي سي، سي اين اين يا ٻين خابرو ادارن جيان پنهنجي هڪ ويب سائيٽ شروع ڪري جتي دنيا جهان جون خبرون هجن، ان لاءِ همسري شروعات سنڌ کان ڪري ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ پنهنجا نمائندا مقرر ڪري، انهن کي همسري نيوز جا ڪارڊ اشو ڪري ته جيئن هو همسري ٽيم جو حصو بڻجي وڃن. ان لاءِ هڪ مضبوط پاليسي جوڙي وڃي ته جيئن خبرن جي معيار کي بهترين رکيو وڃي. همسري نيوز کي پنهنجو هڪ vision ۽ mission جوڙي ان کي ويب سائيٽ تي رکيو وڃي ۽ هر اداري جو ميمبر انهن اصولن تحت ڪم ڪري ۽ منهنجي نظر ۾ اهو ڪم جلد شروع ٿيڻ گهرجي.

***

همسري: سماج ۾ هن وقت مئگزينن جي يا اِي-مئگزينن جي ڪهڙي اهميت آهي ۽ اهي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن؟

مزمل سائر: ٻنهي اندر اهميت ان ليک جي آهي، ان اخبار يا ڪتاب جيان جيڪو سالن کان لکيو پيو هجي. مئگزين جيئن ته هڪ مخصوص فارميٽ آهي ڪنهن ليک جو. جيئن ته مئگزين اخبار ناهي ان ڪري ان تي محدود فوڪس رکي سگهجي ٿو. ڇو ته اهو ڪو ڪتاب ناهي، پر مئگزين اخبار وانگر آهي ڇو ته ان ۾ شاعري به آهي، آرٽ به آهي، ڪلچر به آهي، مضمون آهن، ڪهاڻيون آهن. ان ذريعي سماج سان لاڳاپو رکي سگهجي ٿو، مئگزين سماج جي لاءِ هڪ آئيني وانگر آهي، سماج ان ۾ پنهنجو عڪس ڏسي سگهي ٿو. مئگزين پنهنجي شايع ڪندڙ اداري ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪري ٿو انهن کي ڳنڍي ٿو. ان جو سماج تي اثر به آهي جيڪڏهن توهان ان کي Art for life sake جي طور تي پيش ڪندا ته اهو توهان جي زندگيءَ ۾ انقلاب يا تبديلي يا توهان کي زندگيءَ کي نئين انداز سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو رنگ ڏيکاري ٿو. جيڪڏهن Art for art آهي ته اهو توهان کي جمالياتي حِس ۽ esthetic sense ۽ خوبصورتيءَ جو نئون جهان مهيا ڪري ٿو. اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ Edition based جيڪي به مئگزين رهيا آهن سڀني جو زوال آهي، جيئن Paris Review ۽ ٻيا ڪيترائي مئگزين آهن انهن جي وڪري ۾ ڪمي آئي آهي. ڇو ته اهي ڪنهن به هڪ theme کي کڻي ان تي مضمون، شاعري ۽ ٻيون شيون شايع ڪندا هئا. انهن سڀني کي ملائي هڪ مئگزين ڪڍندا هئا يا ڪڍندا آهن. ان قسم جو مئگزين شايع ڪرڻ ڪجهه مهانگو ٿيو پوي. اڄڪلهه جي دور ۾ گهڻا ڊگها ليک به پسند نٿا ڪيا وڃن. ان جي جاءِ تي اڄڪلهه مسلسل پبلشنگ جو تصور اڀري آيو آهي ۽ اهو تصور ئي E-publishing آهي جنهن کي ڊجيٽل پبلشنگ چئون ٿا. اها اصل ۾ ان پراڻي پبليڪيشن واري تصور جي Digitization آهي، هاڻي مستقبل اِي پبلشنگ جو آهي يا ڊجيٽل پبلشنگ جو آهي جنهن ۾ مسلسل هڪ تسلسل سان پبلشنگ آهي. ايئن ناهي ته توهان هڪ ٿيم جي لاءِ هڪ يا ٻه مهينا ويهي انتظار ڪريو. جنهن وقت به جيڪو آرٽيڪل لڳل آهي ان کي اوڏيءَ مهل پنهنجي آن لائين مئگزين تي ڇاپي ڇڏيو. ان ۾ هڪ ڳالهه ته ماڻهن کي انتظار نٿو ڪرڻو پوي بلڪه جلدي معلومات جي فراهمي ٿئي ٿي. جيئن توهان وٽ گوگل ۽ ياهو سرچ آهن يا ٻيا سرچ انجن آهن اهي توهان جي مواد کي جلد ئي کڻي ٿا وٺن ۽ ڪلاڪن جي اندر توهان جو مواد سڄي دنيا تائين پهچائين ٿا ته پوءِ ايڊيشن بيسڊ مواد جو انتظار ڇو ڪجي. ٻنهي طرح جي مئگزينن جو ڪردار ته ساڳيو ئي آهي، پر ان جا انداز (dynamics) مختلف ٿي ويا آهن. شيون مختصر صورت ۾ ملن ٿيون، Varity آهي. توهان هڪ ٻوليءَ جو استعمال ڪري محدود نٿا رهو، مختلف Automated ايپس جي ذريعي ان مواد کي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ڪري سگهو ٿا. توهان پنهنجي پڙهندڙن جو دائرو وڌائي سگهو ٿا. توهان جيڪو چوڻ چاهيو ٿا ان کي ٻڌڻ وارن جو انگ وڏو آهي ان کي اڃان وڌائي سگهو ٿا. انهن پڙهندڙن تائين پهچڻ لاءِ مختلف حڪمتِ عمليون جوڙي اهو ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. هن وقت به دنيا ۾ اِي-مئگزينن جي تمام گهڻي اهميت آهي. جيڪڏهن توهان Watch Tower ايڊيشن پبلشنگ ۾ ڏسو ته دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ مئگزين آهي جنهن جون چار ڪروڙ ڪاپيون اڃان به هر مهيني پرنٽ ۾ اچن ٿيون، مان average جي ڳالهه ٿو ڪريان، پر اها صورتحال تمام rare آهي. ان جي باوجود به اِي-پبليڪيشن اِي-مارڪيٽنگ خاص طور مئگزينن جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته ان جو اسڪوپ تمام وڌندو پيو وڃي ۽ اهو توهان جي موبائل بيسڊ ٽيڪنالاجيءَ تي پيو هلي. توهان وٽ آئي پيڊ هجي يا سٺو موبائل هجي ته توهان آن لائين مئگزينن تائين رسائي حاصل ڪري سگهو ٿا.

همسري: ڇا اڳتي هلي همسري مئگزين سوشل ميڊيا تي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندو؟

مزمل سائر: بلڪل ٺاهيندو، هينئر به ٺهيل آهي، پر ٿوري گهٽ آهي، پر اڳتي هلي وڌي ويندي. ڪجهه عرصي تائين ماڻهو اهو سمجهندا رهيا ته توهان جيڪڏهن پرنٽ Version کي PDF جي فارميٽ ۾ ٺاهي رکو ٿا ته اهو به اِي-پبلشنگ آهي، پر ان تصور کي اسٽينڊرڊ مئگزين رد ڪن ٿا. انهن جي چوڻ مطابق اها ڊجيٽل يا اِي-پبلشنگ ناهي. اِي-پبلشنگ interactive هوندي آهي. پڙهندڙ کي ان ڳالهه جو موقعو مليل هوندو آهي ته اهو پنهنجا رايا ڏيئي سگهي، ڪو ڪمينٽ ڪري سگهي يا وري ڪا وڊيو، ٽيڪسٽ، پڪچر، گراف ان باڪس ۾ اماڻي سگهي ۽ محسوس  ڪري ته اهو پڙهندڙ به ان شيءِ جو حصو آهي. همسريءَ ۾ مون کي interactive element نظر اچي ٿو ۽ ان جو اثر به اهم آهي، پر جيئن ته ان کي وڌائڻ لاءِ توهان وٽ اڃان به Space آهي ان کي اڃان وڌيڪ ڊائينامڪ ۽ انٽر ايڪٽو ٺاهي سگهجي ٿو. 2007 ۾ مون هڪ ڪتاب پڙهيو هو جنهن جو نالو ياد نه پيو اچي ان ۾ لکيل هو ته 2022 ۾ آن لائين پبليڪيشن انڊسٽري جو سراسي حصو 30 سيڪڙو هوندو، 2032 ۾ اهو 75 سيڪڙو کان به مٿي هليو ويندو اڃان 2021 پيو هلي، پر توهان ڏسو ته اِي-پبليڪيشن وڌي پئي. جيڪڏهن توهان همسريءَ کي به ڏسو ته اهو ان Upward Trend جو حصو آهي. همسريءَ جا ڪافي فالوور آهن. توهان سوشل ميڊيا تي آهيو ماڻهو توهان کي سڃاڻن ٿا. اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪجهه سالن اندر توهان جي مئگزين جو گراف مٿي ويندو ڇو ته توهان PDF تي همسري جي ڪاپي نٿا رکو بلڪه توهان ان کي انٽر ايڪٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پيا ۽ سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تان توهان مئگزين کي ماڻهن تائين پهچائي سگهو ٿا. ٻين سوشل ميڊيا گروپن ۽ پيجز سان جڏهن توهان همسري کي لنڪ ڪندا ته ان جو اسڪوپ اڃان وڌندو. مستقبل ۾ همسري جي نالي سان ڪا ايپ به ٺاهي سگهو ٿا. يوٽيوب تي توهان جا وائس اوور جي صورت ۾ جيڪي پروگرام هلن ٿا توهان جا پنهنجا اسپيڪر به اهو ڪم ڪري سگهن ٿا بلڪه منهنجو خيال آهي ته توهان پنهنجي audience کي به آفر ڪريو ته ڪو شاعر توهان کي پنهنجي آواز ۾ پنهنجي وڊيو ٺاهي موڪلي ۽ توهان ان کي پنهنجي چينل تي شايع ڪريو جيڪو Cost effective رهندو. مستقبل ۾ توهان کي آئي پيڊ جا جيڪي E-apps آهن يا فارميٽ آهن ۽ گلوبل آن لائين ايپس جي ذريعي توهان انهن جو به استعمال ڪريو توهان جو مئگزين Upward momentum وٺندو ۽ يقينن وڌندو ويجهندو. همسريءَ جي ٽيم خاص ڪري ٽيم جي اڳواڻ زاهده ابڙو تمام گهڻي مستقل مزاج آهي، شين تان هٿ کڻڻ واري ناهي ۽ حقيقي منظم انداز سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ تمام گهڻي محنت سان اڳتي وڌي رهي آهي، مون کي يقين آهي ته سندس سرواڻيءَ ۾ هي مئگزين اڳتي نڪرڻ وارو آهي.

همسري: همسريءَ جي ڇهن سالن جي سفر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

مزمل سائر: مون کي پهرين خبر نه هئي ته همسريءَ کي ڇهه سال ٿي چڪا آهن، پر منهنجي شناسائي همسريءَ سان ڏيڍ سال کان ٿي آهي ۽ سچ ته ان جواب ڏيڻ لاءِ مون آن لائين مختلف مئگزينن کي آرڪائيوز ۾ وڃي ڏٺو. انهن کي ڏسڻ سان اهو اندازو ٿيو ته جيستائين همسري پرنٽ ٿي هارڊ ڪاپي ۾ اچي رهيو هو تيستائين آن لائين Space کي صرف توهان Average اسپيڊ سان استعمال ٿي ڪيو. ان وقت ۾ توهان جي ويب سائيٽ ايتري انٽر ايڪٽو به نه هئي هاڻي باقائده انٽر ايڪٽو آهي. ان ۾ اڃان به اضافو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو room موجود آهي. وقت سان گڏوگڏ مئگزين جي مواد جي معيار ۾ به اضافو ٿيو آهي. شايد شروع واري حصي ۾ توهان مئگزين کي اوپن ڪرڻ لاءِ هر ماڻهو کي موقعو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، جنهن ۾ مختلف ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر توهان کي مواد ڏيندا رهيا ۽ توهان انهن کي جاءِ ڏني ۽ شايد ڪنهن کي رد نه ڪيو ۽ ڪنهن جي دل ٽوڙڻ نٿي چاهي. هاڻي لڳي ٿو ته توهان مواد جي چونڊ ۾ ٿورا Selective ٿيا آهيو، پهرين جي مقابلي ۾ هن وقت مواد بهتر آهي.  جيئن توهان جو آن لائين پبلشنگ تي Focus وڌيو آهي ته ان ۾ توهان interactive به آهيو، جمالياتي طرف کي به نظر ۾ رکو ٿا ۽ وڌيڪ تخليقي سگهه کي استعمال ڪريو ٿا. ٻيون شيون جيڪي توهان مئگزين ۾ ڪريو پيا اهي تمام بهترين آهن. توهان جو آن لائين پيج انٽر ايڪٽو لڳي ٿو، پر توهان جي مئگزين واري پاسي کي ڏسجي ته اهو اڃان ايترو انٽر ايڪٽو ڪونهي. مثال طور: ڪا ڪهاڻي آهي يا ڪو انٽرويو آهي ته ان کي جڏهن کولجي ٿو ته اهو PDF واري فارميٽ ۾ کلي ٿو، اهو ايئن نه هجڻ گهرجي اهو باقائده هڪ ڌار حيثيت ۾ کلڻ گهرجي جنهن ۾ هيٺ سوال هجن ماڻهو ان جا جواب ڏيئي سگهن. توهان جو پيج انٽر ايڪٽو آهي ۽ جيڪا سٺي ڳالهه آهي، توهان ويب سائيٽ کي اڃان به وڌيڪ بهتر ڪري سگهو ٿا. مان سمجهان ٿو ته توهان جي همسري جو آن لائين ارتقائي سفر اڳتي وڌي پيو جيڪو شايد ڪورونا جي ڪري شروع ٿيو آهي. ڇو ته توهان سڄو فوڪس ان تي ئي رکيو آهي ۽ ان ۾ بهتري آئي آهي، پر وري به ايئن چوندس ته اڃان به توهان جي مئگزين کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ تمام گهڻو ميدان مليل آهي ۽ ان کي توهان کي والارڻو آهي.

همسري: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

مزمل سائر: رابندر ناٿ ٽئگور چيو تهWorld is one but different for everyone سو جڏهن توهان ڪو جملو چئو ٿا ته ان جون هزارين معنائون نڪرن ٿيون، سو اهو پڙهندڙن لاءِ پيغام ڪونهي. اهو هڪ پيغام آهي جنهن کي پنهنجي ڪا راءِ چئو يا خيال پيش ڪريون ٿا پوءِ دنيا ان کي پنهنجي ڪنهن نظم يا ڪنهن تصوير يا ڪا صورت يا ڪو پرتوو ٺاهي ٿي وٺي ته ڏاڍو سٺو. همسري مئگزين جي حوالي سان ذاتي طور چوندس ته مون کي سنڌيءَ ۾ هن وقت ٻيو ڪوبه مئگزين ايترو Prominent نظر نٿو اچي، جنهن کي معمول مطابق ڏسندو هجان يا منهنجي نظر مان روزاني جي بنياد تي گذرندو هجي. ممڪن آهي انهن جي مارڪيٽنگ صحيح نه هجي، پر همسري روز اکين اڳيان ايندو ٿو رهي ۽ ٻيو ته ان ۾ Variety آهي ان ۾ سياسي سماجي آرٽيڪل آهن ته انٽرويو آهن، ان ۾ ڪهاڻيون به آهن، ان ۾ سماجي مسئلن تي لکيو ٿو وڃي، ان جا ايڊيٽوريل به ڏاڍا وقتائتن موضوعن تي لکيل هوندا آهن. جيڪڏهن هڪ اهڙو سٺو مئگزين جيڪو آن لائين پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪو آهي ان کي پڙهندڙن کي بلڪل به miss نه ڪرڻ گهرجي، سنڌي مئگزينن ۾ سڀني کان منفرد ۽ پاڻ ڏانهن توجهه ڇڪرائيندڙ آهي. جنهن ۾ تمام سٺو مواد موجود آهي، جنهن ۾ مختلف لکندڙ پنهنجو حصو وجهن ٿا. باقي جڏهن توهان پڙهندڙ پنهنجي هن مئگزين کي اهميت ڏيندا ته مقابلي واري فضا قائم ٿيندي ۽ ٻيا به اِي-مئگزين سامهون ايندا.

***

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين جي حيثيت ۾ مڃتا ماڻيندو؟

شوڪت اڄڻ: ڪنهن به مئگزين جو بنيادي مقصد، ڪم ۽ ڪارج، اهو آهي ته اهو مئگزين پڙهندڙ ۽ لکندڙ پيدا ڪري، سماج ۽ قومن وچ ۾ تاريخ، تنقيد، سماجيات، سائنس، وندر، ادب ۽ ماڻهو وديا کان آگاهه ۽ روشناس ڪري. تحقيق ۽ تنقيد کي ترويج ڏئي. اهڙي آگاهي جي ضرورت تاريخ جي هر دور ۾ رهندي پئي آئي آهي ۽ هر دور ۾ رهندي، پوءِ اهو دور ڊجيٽل هجي يا نان ڊجيٽل هجي. جيئن ته مٿي بيان ڪيل مئگزين جا بنيادي ڪارج ئي اهم مقصد آهن، جيڪي هن وقت به سماج جي اڻٽر ضرورت آهن. پبلشڊ مئگزين هجي يا اِي-مئگزين، جيڪڏهن اهي مٿي بيان ڪيل مقصد ادا ڪن ٿا ته پوءِ انهن جي انتهائي وڏي ۽ اڻٽر اهميت آھي. مٿي بيان ڪيل مقصدن سان سينگاريل مئگزين ۽ اِي-مئگزين، ٻنهي جي هن وقت به تمام گهڻي اهميت آهي، انهن کي سماج کي اڪيلو ۽ اڻپڙهيل نه ڇڏڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اسان جو سماج، تقريبن، ڄاڻ جي سڀني مضمونن ۾ اڃا بانبڙا پائڻ به شروع نه ڪيا آهن. کوڙ سارا مضمون ته اڃان وقت جي ڪک ۾ پيا آهن، جن جو وياء اڃان ٿيڻو آهي. باقي هن وقت اڪثر مئگزين ۽ اِي-مئگزين، بي مقصد ۽ غير ضروري پيا ڇپجن ۽ شايع ٿين، جن کي با مقصد ٿيڻ جي بنا دير سخت ضرورت آهي.

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو؟

شوڪت اڄڻ: بلڪل همسري، اِي-مئگزين طور سوشل ميڊيا تي پنهنجي مخصوص جاءِ ٺاهي پيو ۽ ضرور ٺاهيندو. اڄڪلھ ان جي سخت ضرورت به هئي ۽ آهي به. ڇو ته تمام گهڻي تيزيءَ سان سماج سوشل ميڊيا ڏانهن وڌي رهيو آهي. همسري معياري ڄاڻ ۽ ادب کي ترجيح ڏئي رهيو آهي ۽ اڃان وڌيڪ ڏيندو ته ضرور سوشل ميڊيا تي پنهنجي انفرادي جڳهه ٺاهيندو. همسري پڙهندڙ جيڪڏهن ان معياري مئگزين طرف ڌيان ڏيندا ۽ پڙهڻ جو لاڙو برقرار رکندا ته ڪيترائي ٻيا اِي-مئگزين به انهن کي ملي سگهن ٿا.

***

همسري: ايندڙ وقت ۾ اِي-مئگزينن جي حيثيت ڪهڙي هوندي؟

آفتاب لاشاري: ايندڙ وقت ۾ حقيقي اهميت اِي-مگئزينن جي ئي هوندي. هن وقت دنيا ۾ فيس بُڪ، ٽوئيٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ويب سائيٽن تي اچي ويون آهن. هر وڏي ننڍي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جو فيس بُڪ اڪائونٽ ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽ موجود آهي.

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين طور پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندو؟

آفتاب لاشاري: همسري جديديت ۽ قدامت جو حسين امتزاج آهي، جيڪو سنڌ جي بنيادي مسئلن، حالات حاضره ۽ ٻين موضوئن بابت پنهنجن پڙهندڙن کي آگاهه ڪري رهيو آهي. مون کي پورو يقين آهي ته بهترين طريقي سان همسري ڪم ڪري رهيو آهي، يقينن هڪ ڏينهن همسري سوشل ميڊيا ۾ پنهنجو مثبت مقام حاصل ڪندو.

همسري: همسري جي ڇهن سالن جي سفر کي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان ڪيئن ٿا ڏسو؟

آفتاب لاشاري: همسري اهڙين ڏکين حالتن ۾ به پنهنجو سفر جاري رکيو. ڏينهن هجي يا رات، طوفان هجي يا برسات، مشڪل کان مشڪل حالتن ۾ به بغير ڪنهن مالي مدد جي مئگزين هلندو رهيو آهي، مئگزين هلائڻ ايترو سولو ڪم ناهي، پر ان جي باوجود به پنهنجي مدد پاڻ تحت همسري مئگزين ۽ اداري کي دليري سان اهو ڪم ڪرڻ تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. باشعور قومون، بين الاقوامي ۽ ملڪي حالتن تي نظر رکنديون آهن، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان محبت رکنديون آهن ۽ انهن کي زنده رکڻ لاءِ جتن به ڪنديون آهن. همسري مئگزين به ان قسم جي تقريبن سڀني سٺن مضمونن کي جاءِ ڏيندو رهي ٿو. پڙهندڙن جي لاءِ هي مئگزين ڏاڍو ڪارائتو آهي انهن کي اها گذارش آهي ته هو هن مئگزين کي پنهنجو سمجهي مڪمل تعاون ڪندا رهن، چاهي اهو عملي هجي يا فڪري. همسري پاڻ به پڙهن ۽ پنهنجن دوستن کي به پڙهڻ لاءِ رغبت ڏيارين.

***

همسري: همسري کي اِي-مئگزينن جي حيثيت ۾ توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

راج راڄپر: لِکت جي تاريخ اوائلي دور ۾ پٿرن، پنن، چمڙي ۽ ٺِڪرن تي ملي ٿي. ڪِلڪ ۽ قلم جو اھو پنڌ انيڪ مرحلن مان ٿيندو پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ جديد سوشل ميڊيا تائين پھتو آھي. اِي-مئگزين جدت جو با ڪمال روپ آھي. ھمسري منھنجي خيال ۾ سڀ کان پھريون سنڌي اِي- مئگزين آھي، جيڪا ڳالھ اتساھيندڙ ۽ ساراھ جوڳي پڻ آھي. لڳاتار جاکوڙ ۽ اڏولتا ھڪ ڏينھن اَوس مڃتا جو ماڳ ماڻي وٺنديون. ماھوار ھمسري جو ھر مھيني مقرر وقت تي پڌرو ٿيڻ ئي سندس ڪاميابيءَ جو جيئرو جاڳندو اھڃاڻ آھي. آئون ڪافي وقت کان ھمسري سان لکڻ ۽ پڙهڻ آڌار لاڳاپيل رھيو آھيان. ھمسري جي ايڊيٽر زاھده ابڙو ۽ سندس سڄي سٿ جس لھڻي. اِي- مئگزين ھمسري ھڪ نئون تجربو آھي، ھڪ شاندار ولولو آھي. ساڳي اڻٿڪ جاکوڙ جاري رھي ته اِي- مئگزين ھڪ ڏينھن زبردست مقبوليت ماڻيندو.

***

ھمسري رسالو ھر لحاظ کان تعريف جوڳو آهي. ھيءُ رسالو ڇهن سالن کان پنهنجي معيار کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندي ڪم ڪندو پيو اچي، پوءِ ڀلي ڇو نه حالتون ڪهڙيون به ھجن. ٻي سڀ کان بھترين ڳالهه آها آهي جو ھن رسالي ھميشه پنهنجن پڙھندڙن کي سٺو ۽ جاندار مواد ميسر ڪري ڏنو آهي ۽ اميد آهي ته اڳتي به اھو سلسلو جاري رھندو. جون مھيني ۾ ھمسري رسالي جي سالگره آهي سو ھتي آئون اها ڳالهه اعلانيه چوان ٿو ته جيڪر ھمسري رسالو نه ھجي ته آئون سانگي شبير ڪڏهن به ھڪ ليکڪ جي طور تي سڄي سنڌ ۾ نه سڃاتو وڃان ھا، اھو ته ھمسري رسالو آهي جنهن مون غريبڙي کي سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڏني ان ۾ آئون بيحد ٿورائتو آھيان ھمسري رسالي جي ايڊيٽر جيجي زاھده ابڙو جو جنهن مون کي تخليقي ڪم لاءِ ھمٿايو. ھمسري جي سموري سٿ سٺي نموني سان ڪم ڪري رهي آهي، ھن وقت ھمسري رسالو پنهنجي منزل طرف تيزيءَ سان سفر ڪري رهيو آهي. ھمسري جي سڄي سٿ کي ھمسري جي سالگره جون کوڙ ساريون واڌايون ھجن.