ڪهاڻيون

هوءَ عورت امرتا پريتم سنڌيڪار: منصور شيخ

مون  جڏهن هن کي پهريون ڀيرو ڏٺو ته هن کي ابرق جا رنگين ڪپڙا پهريل هئا، پر هن کي ڏسڻ کان پهريون منهنجو خيال هو ته هن کي ڪوئي ڪپڙو ناهي پهريل.

منهنجو هن سان روزانو جو واسطو هو، جنهن ايڊورٽائزنگ ڪمپنيءَ ۾ مان فوٽوگرافر هئس، ان ڪمپنيءَ وارن هن کي بطور ماڊل ڇوڪري طور سائن ڪري رکيو هو ۽ جنهن مل جو بزنس ڪمپني کي مليو هو ان جي لاءِ تصويرون مون کي ٺاهڻ لاءِ مليون هيون، هوءَ ننڍن ننڍن گلن واري ساڙهي، لائينن وارا پاجاما ۽ ڪڏهن وڏن وڏن گلن واري ميڪسي يا رنگ برنگي ڪپڙن ۾ آفيس ايندي هئي، پر منهنجون اکيون پهرين ڏينهن واري ابرق لڳل ڪپڙن ۾ ئي جڪڙيل هيون.

مون کي انهن تصويرن جي ڪري ڪڏهن دهليءَ جي ڦوهارن واري ڪيفي ۾ وڃڻو پوندو هو ته وري ڪڏهن شاهي قلعن جي سنگ مرمر جي ڀتين وٽ، ڪڏهن ڪنهن مقبري جي پٿر جي اوٽ ۾ ته وري ڪڏهن قديمي کنڊرن ۾، پر هميشه ڪجھ قدمن جو فاصلو هر جڳھ تي اسان جي وچ ۾ رهندو هو. هڪ ڳالھ ٻي به هئي هوءَ جتي به ويهي ۽ اٿندي هئي ته منهنجون اکيون ان خالي جڳھ کي ڏسنديون رهنديون هيون. ڄڻ هاڻي ڪجھ ابرق ڇڻي ڪري ڪِري پيا هجن.

هن جون ڳالهيون شهر جي هوا ۾ اهڙي طرح سمايل هيون ڄڻ جيئن پاڻيءَ کي ڇهڻ کانپوءِ هوا ۾ نمي اچي ويندي آهي. کنڊرن جي پاسي مان ايندڙ هوا ۾ ڪجھ ويرانيءَ وانگر، جيئن شهر جي اندرين گهٽين مان ايندڙ هوا ۾ ٻوسٽ ڪجھ اهڙيون ئي ملندڙ جلندڙ ڳالهيون هيون.

سوچيندو رهندو هئس ڪڏهن هوءَ هن دونهين کي هڪ ئي ڦوڪ ۾ اڏائي ڇڏيندي. مون کي خبر هئي ته هوءَ جتي رهندي آهي ۽ اهو به ته هوءَ اڪيلي رهندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شام ڌاري جڏهن منهنجي بدن جو دونهون باھ بڻجي پوندو هو ته مان هن کي ان ڏينهن واري تصوير کڻي ڪري هن کي ڏيکارڻ لاءِ هن جي گهر هليو ويندو هئس. هوءَ منهنجي هٿان تصوير کي ايئن پڪڙيندي هئي ڄڻ بجلي يا پاڻيءَ جو بل وٺندي هجي ۽ ان کانپوءِ بل ڏيڻ واري جو ڪم ختم ٿي ويو هجي.

مون کي اها به خبر هئي ته هوءَ هڪ اخبار ۾ هفتيوار ڪالم به لکندي هئي شايد ڪجھ پئسن خاطر يا ايئن ئي شوق خاطر، پر اها پڪ نه هئي.

آفيس مان هوءَ هر سٽنگ جو سئو رپيو وٺندي هئي، جن ڏينهن جي مان ڳالھ ڪري رهيو آهيان تڏهن سئو کي وڏو معاوضو سمجهيو ويندو هو.

هن جي گهر جي طور طريقي مان ته ڪابه ڪمي نظر نه ايندي هئي. هڪ ڏينهن اوچتو مون کي اها خبر پئي ته هوءَ هڪ اخبار طرفان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهي آهي ته بجلي ۽ پاڻيءَ جي بل وانگر هن جي گهر وڃي ان ڏينهن واري تصوير ڏيکاري پڇيومانس ته ڇا تنهنجي ٻاهر وڃڻ واري خبر صحيح آهي؟

”شايد“

هن کي منهنجو آواز عام لفظن کان وڌيڪ ڳنڀير محسوس ٿيو، هوءَ کلي پئي.

اڃان سوچي رهي آهيان…

ڇو؟ منهنجي وات مان نڪتو ۽ اهو چوندي مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ منهجي بدن جي رت منهنجي رڳن مان نڪري هن جي رڳن ۾ گردش ڪندي هجي. هن جي چهري تي گلابي جهلڪ آئي چوڻ لڳي ڪجھ  ته ڪرڻو پوندو.

هي جيڪو ڪجھ آهي ڇا ڪافي ناهي؟

هوءَ وري کلي ۽ چوڻ لڳي، پر ڪيتري دير ٻه چار سال يا شايد ڇھ ست سال، پوءِ؟؟ هٿ ۾ پڪڙيل تصوير مون کي ڏيکاريندي چوڻ لڳي، هيءَ گلن واري ساڙهي ڪنهن ٻئي لاءِ هوندي ان جي عمر منهنجي عمر کان ڪيترا سال ننڍي هوندي، هن ٽيبل ليمپ جي ڀرسان پيل سگريٽ جو پيڪيٽ کنيو ان کي کولي ان مان هڪڙو سگريٽ ڪڍي دکائڻ لڳي. تمام پري تائين ڏسڻ جي عادت ٿي وئي آهي، ايئن چئي هوءَ اٿي بيهي رهي اهو اشارو هو ته مان هاڻي وڃي سگهان ٿو. مان به اٿي بيٺس، پر دروازي طرف نه وڌيس، محسوس ڪري رهيو هئس ته جنهن جرئت کي مان دير تائين ٽاري رهيو هئس جيڪڏهن اڄ به نه ڪري سگهيس ته هميشه هميشه لاءِ حسرت بڻجي ويندي، يڪدم منهنجي ٻانهن ۾ منهنجي سموري وجود جي بيوسي گڏ ٿي وئي، مون هن جي ڪلهن جي چوداري دائرو بڻائي ڇڏيو. هوءَ وڏين سرد اکين سان ڪجھ دير تائين مون کي ڏسڻ لڳي، پوءِ هن پنهنجي ساڄي هٿ سان منهنجي ٻانهن کي پنهنجي ڪلهن تان ايئن آهستگيءَ سان هٽايو جيئن پيچيده ڳنڍ ڪو سليقي سان کولي ڇڏي. هن وات سان ڪجھ نه چيو، پر مون کي ڀرسان پيل صوفي تي ويهڻ جو اشارو ڪيو، پاڻ به اتي ئي ويهي رهي جتان هينئر ئي اٿي هئي، ڪجھ دير چپ چاپ سگريٽ پيئندي رهي پوءِ چوڻ لڳي جيڪي ڪجھ تنهنجي سامهون آهي هن سگريٽ سميت بس اهو ئي ڏٺو اٿئي؟

ڇا هي ڪافي ناهي؟

سوچي رهيو هئس ته شايد هيءَ سوچ منهنجي آواز جهڙي هئي جنهن کي هن ٻڌي ورتو آهي هوءَ پهريون سگريٽ وسائي وري ٻيو سگريٽ دکائيندي چوڻ لڳي سڀني اهو ئي ڏٺو آهي ان کان وڌيڪ ڪجھ به نه. جنهن سان شادي ڪئي هيم ۽ تون به چلتن.

مان به ڪيترن نالن ۾ شامل هئس ڪنهن ٻئي جي وات مان اها ڳالھ ٻڌي هجي ها ته شايد منهنجي لاءِ تمام وڏي ڳالھ هجي ها، پر هن جي واتان ٻڌي تمام ننڍڙي لڳي ۽ هاڻي ان ۾ شامل ٿي مان به تمام ننڍڙو ٿي ويو هئس. هن مرڪي ڏنو هن طلاق وٺي ڇڏي هئي. هن ماڻهوءَ لاءِ مان صرف بدن هئس. منهنجي اندر ڪجھ ٽٽڻ لڳو ته هي سڀ ڇا هو جيڪو مون کي معلوم هو. ڪافي ڏينهن کان ڏسي رهي هئس هن اڳتي وڌي منهنجي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکي ڄڻ منهنجي بدن جي نبض تلاش ڪندي هجي، چوڻ لڳي مون کي اڳ ۾ ئي پتو هو، پر چاهيان پئي ته اهڙو ڪجھ نه ٿئي ها.

توکي خبر ناهي، مان هر روز تنهنجي تصور ۾…

باھ جهڙا لفظ چڻنگن جي صورت ۾ منهنجي هٿن تي ڄڻ هن رکيا هجن. هوءَ چوڻ لڳي، چيتن جسم جي به هڪ باھ هوندي آهي، پر اها جسم سان ٽڪرائجي وسامي ويندي آهي. بعد ۾ سڀ ڪجھ ٿڌي خاڪ بڻجي رهجي ويندو آهي. هوءَ سگريٽ جي خاڪ ڇنڊي خاموش ٿي وئي، وري سگريٽ جي نئين ڪش سان گڏ سگريٽ جي باھ وانگر چوڻ لڳي. ڪپڙن وانگر بدن لاهي سگهجي ٿو، پر ڪپڙي جا بٽڻ کوليندي سڀني جا هٿ رڪجي ويا صرف جسم تائين رهجي ويندا آهن ۽ جيڪي ڪجھ ان کان اڳتي ٿيندو آهي ان کان پري.

ايئن محسوس ٿيندو هو ان جو آواز تمام پري کان ايندو هجي شايد اتان کان جتان کان هوءَ پاڻ کان به پري ٿي وئي هئي. چوڻ لڳي، چيتن توکي هڪ اکين ڏٺل ڳالھ ٻڌايان، ممبئي ۾ معصوم ۽ سادي حسين ڇوڪري کي سڃاڻان ٿي، منهنجا سڀ حواس منهنجي ڪنن ۾ اچي ويا ان ڇوڪريءَ کي هڪ وڏي فلمي هيرو سان محبت ٿي وئي، خيالي محبت، پوءِ ايئن ٿيو جو هوءَ سچ پچ هڪ رات لاءِ هن وٽ پهچي وئي، اتي اهو سڀ ڪجھ ٿيندو رهندو آهي، ڇوڪريءَ جي لاءِ اها رات سهاڳ رات هئي اهڙي رات جنهن ۾ هر ايندڙ رات جي اونداهي شامل هئي. ان رات هوءَ ڪڪرن ۾ ايئن اڏي جو وري ڌرتيءَ تي هلي نه سگهي. ڪجھ مهينن ۾ ئي پاڳل ٿي وئي ان جو ان رات وارو ٻار مون اکين سان ڏٺو هو. يقين ڪندين چيتن اهو ٻار انسان جو ٻار نه پئي لڳو، عجيب بدشڪل لٻاڙيل گوشت جو ٽڪرو (جيڪو ڪڏهن روح کان هٽي ڪري سڙندو آهي ۽ ان جي خاڪ مان اهو ئي ڪجھ پيدا ٿيندو آهي پوءِ اهو ٻار هجي، چاهي محبت هجي يا چاهي ڪميونزم.)

مان پنهنجي ۽ هن جي جسم جي هڪ ڪناري تي بيٺو هئس ۽ هوءَ جسم جي هن پار ٻئي ڪناري تي، مان ان کي پري کان ڏسي رهيو هئس، ٻڌي رهيو هئس، هوءَ چئي رهي هئي، جڏهن ڪو جسم جي پار هليو ويندو آهي ته جسم دشمن نه دوست بڻجي ويندو آهي.

هاڻي هن کي ملڪ کان ويندي ڪافي سال ٿيا آهن. عمر جي ضرورت آهي ۽ ڪي ئي جسم سامهون آهن سوچيندو آهيان جيڪڏهن مان ڪڏهن ڪنهن سان شادي ڪندس ته ان جو جسم به اهڙن ئي جسمن ۾ شامل ٿيندو.

ته ڇا سامهون سڪل زمين ۽ ريتيلي زمين هوندي ۽ ٻيو ڪجھ نه. ڇا هڪ جسم جي باھ ٻئي جسم سان ٽڪرائجي ختم ٿي ويندي؟ ۽ هي سڀ ڪجھ ٿڌي باھ وانگر ٿي ويندو؟ ڇا ڪيان. تمام پري تائين ڏسڻ جي عادت ٿي وئي آهي. هن پار ڪافي عورتون آهن، پر هوءَ عورت ڪٿي ناهي جنهن ابرق پهري رکيو هو ۽ نه ئي اها جڳھ آهي جتان جيڪڏهن ڪو اٿي وڃي ته اتي ڪجھ ڇڻي ڪري پوي.