بلاگخاصسفر نامو

هيءُ به هڪڙو هنڌ…ڪيهر جيءَ جي ڪڇ ۾….!!

احمد شاڪر

“پيراڇ” جي زمين زرخيز ڪانه ٿئي، ها! پر جڏهن وسَ ٿئي ته جابلو ٻوٽا ساوڪَ جو ويس اوڍي ٻهڪندا آهن. جڏهن اسان ان حد “پيراڇ” واري حدَ ۾ پيرَ رکيا ۽ ڳپل هلياسين ته هڪ وسندي نظر آئي. وسندي وري ڇا.! هڪڙو گهر سو به ڇنَ جو ٺهيل نه لوڙهو ۽ نه ئي وري ڪجهه گهر واري شڪل ڏنل هئي ان ڇنَ کي، اسان سمورا وڃي ان گهر جي ڀرَ ۾ بيٺاسين. گهر ڌڻي آيو ۽ گهر پاسي ۾ کٽون رکي ڏنائين. سڀئي ويٺاسين… ٿڪَ ڀڳاسين حال احوال ٿيو، جنهن گهر ڌڻي! اسان کي سليماني چانهه پيياري هئي. سندس چهري تي خوبصورت سُونهاري سُونهين پئي. سندس نالو “بهاڻي” ۽ ذات جو “گائنچو” هو، اُن ٻُڌايو پئي ته هتان جي زمين مٺي آهي، جيڪو پوک ته ٿئي ڪڻڪ، سرنهن هر سبزي ٿئي پر هتي پاڻي جو ڦڙو به نه آهي! هي جيڪا ساوڪ توهان ڏسو ٿا (هُن وسيع ميدان ڏانهن اشارو ڪيو جتي سرسبز ڪڻڪ، سرنهن جي پوک پچيل نظر ٿي آئي) اِها زمين اسان ٽيوب ويل جي وسيلي آباد ڪئي آهي. سندس ڳالهيُون مٺيون مٺيون جهڙوڪ ڳنڍيريون پئي محسوس ٿيون… ڇو جو هُن هِن زمين کي هڪ محبوبي مُکَ پئي سمجهو. هُن هِن زمين کي زيوراتي زمين پئي ظاهر ڪيو.

سنڌ جي هن سهڻي علائقي ۾ اڪثر ڏڪار جا ڏينهن ڏهاڳ بڻجي برسات جيان وسڪار ڪندا آهن. جڏهن برسات پوي ته ٻنا ڀرجي تارون تار وهندا آهن ته ساوڪ سرهاڻ ۽ سُڳنڌ مٽيءُ جي مهڪ ماحول کي معطر بڻايو ڇڏي. مان هن سفر ۾ اهو به ڏٺو ته ڪو ڳتيل ڳوٺ نه ٿي نظر آيو… ڪا وسندي نظر ڪانه ٿي آئي! ڏهن، پندرهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪو هڪ اڌ گهر نظر آيو… گهر وري ڇا ڇنَ جي ڇتي جو گهر هو. هتان جي علائقن جا عجيب و غريب نالا آهن پيراڇ، قاسم لڪ، گروک (سڀني کان اوچين چاڙهين کان اوچي ۾ اوچي هيءَ ئي چاڙهي آهي “گروک” ممڪن آهي ته هن ئي پٽيءَ کي اڳيان “گورک” ٿا سڏين) ۽ ڪئي اهڙا نالا “واڙو” وغيره. هن ٽڪريءَ جي سلسلي جا جبلَ سُنهري سُنهري ڄڻ ڪو ڪنهن گوريءَ کي سون پاتل هجي ۽ پري کان پئي چمڪندي ۽ ٻرندي هجي.! اسان جي منزل اڃان اڳتي هئي فريد آباد ميهڙ کان “گروک” جي ٽڪري ڄڻ اسان جي منزل جو وچ هئي. اسان کي “ڪيهر جي” وڃڻو هو، جتي گهمڻ پئي وياسين. پنهنجن ابن، ڏاڏن جون ٻنيُون ۽ ٻارا ڏسڻ پئي وياسين… جبلن جي جهان کي بلڪل ويجهو پئي ڏسڻ وياسين. “گروکَ” ٽڪريءَ جي اڳيان جڏهن هلڻ لڳاسين ته هڪ اهڙو جبلن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي جبلن جو رنگ ستَ رنگي هو، بلڪل ستَ رنگي ۽ اهي رنگَ انڊلٺ هئا ۽ دلفريب پڻ پئي ڀاسيا اهي رنگَ جبلن جا. انهيءَ رنگين جبلن جي سلسلي کي هتان جا ماڻهو “نيرڙو” ڪري ڪوٺين.! هاڻي اسان جو سفر پيادل هو! ميهڙ کان فريدآباد… فريدآباد کان شاهه گودڙيو… شاهه گودڙيي کان گل شاهه… گل شاهه کان پيراڇ… پيراڇ کان گروک تائين اسان گاڏين وسيلي پهتاسين!

هاڻي اڳتي رستو نالي ماتر هو، جيڪو پٽو لڳل هو ڪنهن مشين جو اُهو به ايڏو ڪنو رستو جو خوف خطري کان تِرَ جيترو به پري نه هو.! اوچين اوچين چاڙهين تان رستو ور وڪڙن وارو رستو جنهن تي صرف فور ويل گاڏيُون هلي ٿي سگهيون. جبلَ جا جوان ڇوڪرا ٻه پيري (موٽرسائيڪل) کي هلائن پيا پر موت کي ساڻ کڻي.! اسان نئين جي ڪناري ڀَرِ وٺيو هلندا هلياسين. نئين جو پاڻي شيشو صفا اجرو اجرو ۽ مٺو… ماني کائي نئين جو پاڻي پي ته ماني ئي هڪدم هضم ٿيو وڃي… نئين جو پاڻي ماکي، مصري صاف شفاف آبِ حيات پاڻي، نئين جو پاڻي مال متاع به پين ۽ هتان جا ماڻهو به واپرائين. جڏهن برسات موجن ۽ مستين جا ويس ڪري وسڪار ڪري وسي ته نئين تکي ۽ اُونهين نديءُ جان ڀاسي… نئين جو وهڪرو ايترو ته تيز ٿيو وڃي جو… ديوَ قامت جبلن جا وڏا وڏا پٿر به پن جيان تاريندي ڊوڙائيندي وڃي! هتان جي وڏي ۾ وڏي نئين “ڪيهرجي” آهي ۽ اُها جڏهن فريد آباد کان اچي ڪاڇڙي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ته اُتي وري “دلان” نئين نالي سان سڏجي.! اُن کان علاوه “مزراڻي” نئين به مشهور ۽ تيز وهڪري واري آهي.! اهي نئيون ئي آهن جن جي پاڻيءَ تي هتان جا ماڻهو آباديون ڪن ٿا.!

هيءَ کيرٿر جي پٽي جيڪا ميهڙ تعلقي جي يوسي فريدآباد جي مٿان کان آهي، اِها پٽي معدنيات سان مالا مال جابلو پٽي آهي!

هتي ڪيئي ڪمپنيون معدنيات جي کوجنا لاءِ موجود آهن.! جيئن جيئن اسان اڳتي هلندا پيا وڃون ته جبلن جا رنگَ رنگين ٿيندا پيا وڃن. سنهري سنهري ڪارَسرا ڪٿي ڪٿي ڪيئي پٿرَ موتيءَ جيان مرڪي ۽ چمڪي رهيا هئا.! ڪٿي ڪٿي ته چٽ چٽيل ٿي نظر آيا. افسوس! رڳو معدنيات جي لُٽ مار کان سواءِ هتان جي قديم جابلو سلسلي تي نه تحقيق ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري هن علائقي تي ڪنهن سياح ۽ آرڪيالاجسٽ جي اک پئي آهي.! جبلن جي وچ مان پنڌ ڪندي گهمندي ڦرندي خوف پئي ٿيو! اوچا اوچا جبلَ ائين پئي محسوس ٿيا ڄڻ ٿا مٿان ڪرن! قافلي جي ڪنهن ڪراڙي ڪاڪي ٻڌايو ٿي ته اڳي هتي واڳون هوندا هئا نئين جي پاڻيءَ ۾! گَڊَ، سرَ، هرڻ، گدڙ ۽ ٻيا جانور جام هوندا هئا! پرَ مارين ماري ڇڏيا! اسان پاڻ ڏٺا… اُهي جانور هرڻ ته نئين جِي ڪنڌيءَ تي ولرَ ڪري لهندا هئا پاڻي پيئڻ لاءِ..! هُن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو بابا! ٻڌائيندو هو ته اسان پنهنجي وڏن کان ٻُڌندا پيا اچون ته هتي شينهن پڻ هئا.!

کيرٿر جي هن خوبصورت خطي ۾ گهمندي گهمندي شين کي شاعراڻي اک سان ڏسندي ۽ ڦلوريندي ڪافي نيون ۽ حيرت جون حدون اورانگهيندڙ ڪيئي ڳالهيون سامهون پڻ آيون! ……هلندڙ……