هِن شاعريءَ جا پنهنجا پيرَ ۽ پَر آهن! انور ابڙو اپريل 2022

1032 Shares

ڪجهه ڏينهن اڳ قربان منگي صاحب پنهنجي اداري پوپٽ پبليڪيشن پاران نياز پنهور صاحب جو تازو شايع ڪيل پهريون شعري مجموعو ”ناوَ هلندي رهي“ قرب ڪري موڪليو. اهو جڏهن پڙهڻ ويٺس ته، پڙهندو ويس. مان شاعريءَ ۾گم ٿي ويندو آهيان، نثر ۾ پاڻ کي ڳولي لهي، ان مان نڪري جاڳ جي ڏيهه ۾ ايندو آهيان، آرٽ کي روح جو راڳ ۽ رقص سمجهندو آهيان ۽ سٺا ڊراما ۽ فلمون ڏسي نئين پراڻي انساني سماج کي سمجهڻ لڳندو آهيان. شاعري مون لاءِ جوڳي روح جي مُرليءَ جو مڌر آواز آهي، پازيب جي جهيڻي جهڻڪار آهي، رات جي سانت ۾ ڪو ٽانڊاڻو آهي، چانڊوڪي رات ۾ ڪو عاشق پاڇو آهي، درياهه جي سيني تي ڪنهن مست لهر جو نانءُ آهي، فطرت جو اصلي آواز آهي… انساني دل جي زبان آهي ۽ ڪو لاڏو سهرو، جنگي گيت ۽ مرثيو آهي، ان ڪري هن شاعر سميت جيڪو به شاعري ڪري ٿو، سو لک لهي ٿو.

هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ سموري شاعري پنهنجيءَ سونهن سان موجود آهي، پر ڪي سِٽون ته ڇرڪائي ويون، مثال طور:

* مون سان دوست وڃن پيا رسندا ننڍڙن ننڍڙن ٻارن وانگي،

پاڻ کي يار! اڪيلو ڀانيان گورن ۾ ٿو ڪارن وانگي. (ص. 114)

* هوندا کوڙ سوال صدين جا،

* ملندءِ ڪين جواب اکين ۾.

* هن مون کي به وساريو آ،

منهنجي ڪنهن احسان جيان.

هي ويچارَ، شاعر جي اندر جي ٽِڙڪيل آئيني جا عڪس، سچيون ڪيفيتون، خيال جي گهرائي… ۽ ميارون آهن. ڪابه مصنوعيت نه خيالن ۾ ڪو مونجهارو نه لفاظي، ٻولي به سادي- عام ماڻهو به آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ته ڪو دانشور به. نياز پنهور صاحب پنهنجي هِن؛ ڪلهه ۽ اڄ واري شاعريءَ ۾ پيار، محبت، ڌرتي، دوستن، جنگين ۽ امن جي ڳالهه ڪري ٿو. هن شاعر جي تخليقي طاقت اُهي خيال کڻي اچي ٿي، جيڪي هلندڙ يا ايندڙ وقت جي اسٽيج جي هر پردي تي پيش ٿي سگهن ٿا.

ساري جڳ جو امن دٻيل آ، تلوارن جي طاقت هيٺان،

روز ٿا لڻجن سر ماڻهن جا ڪڻڪ جي ڄڻ لابارن وانگي. (ص. 114)

هي ته ڪلهه وارين جنگين جو به بيان آهي ته اڄوڪي دور جو به. ڇا اڄ جو دور اڃان جنگين ۽ ”سِرن جي لاباري“ کان محفوظ ٿيو آهي؟ روس- يوڪرين جنگ، فسلطين- اسرائيل ويڙهه ۽ يمن جي جنگ ۾ به ته انساني زندگيون بارود جي نشاني تي آهن ۽ انهن ڌرتين تان امن الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي، ڪنهن ڊنل هرڻيءَ جيان؟ سماجي تقسيم کي به هيءُ شاعر پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي ٿو. جيستائين اڻبرابريءَ وارا سماج قائم هوندا ۽ ’انساني حيثيتن‘ ۾ فرق هوندو… ڪو امير، ڪو غريب هوندو، تيستائين هن قسم جون سِٽون ڳائبيون رهبيون:

”ڪِن جو جيون بسنت برکا،

ڪن جو جيون پن ڇڻ پاڇا.“

هينئن به هيءُ شاعر چوي ٿو:

”ڪارڊ سڃاڻپ وارو ڪونهي

منهنجو تعارف منهنجي ڪوتا.

واقعاتي يا ڪنهن خاص دور جي پسمنظر ۾ ڪيل شاعري به ان دور جي ادب جو عڪس هوندي آهي. اُن جا پنا ڦاڙي ڦِٽي ناهن ڪري سگهبا. ان سان ئي ته مختلف دورن جي ادبي، فني ۽ فڪري لاڙن جا رجحان طئي ٿين ٿا، تنهنڪري نياز پنهور صاحب جي هِن شاعريءَ جي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي خيالَن جا مسافر سوار آهن، تن کي ناکئي (شاعر)؛ پنهنجي پڙهندڙن جي دل جي پتڻ تائين پهچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته جيستائين انسان مڪمل طور روبوٽ نٿو بڻجي، ۽ ’قدرتي طور ڄاول انسان‘موجود آهي، تيستائين هن جي دل ۽ دماغ انهن احساسن جا آکيرا بڻيل رهندا، جيڪي پيار، محبت، ڀائيچاري، امن دوستي، قوم دوستي، انسان دوستي ۽ ناانصافيءَ کان نفرت وارا آهن. 

ڇا ڪِن معاشرن مان، ڪِن دورن ۾ شاعري يا سنگيت عارضي طور غائب ٿي ويندي آهي؟ جڏهن مون اهڙي ڳالهه ايڇ ٽي سورلي جي ”ڀٽ جو شاهه“ ڪتاب جي مهاڳ ۾، 31 مارچ 1938 تي لکيل پڙهي ته حيران ٿي ويس. هن لکيو: ”مغرب جي شاعري هن عملي دور ۾ پنهنجي موسيقي ۽ تاثر وڃائي ويٺي آهي، پر شاهه جي شاعري اصلوڪي بي ساخته موسيقي ۽ فطري گائڪي کان ڌار نه آهي.“ (حوالو: عطا محمد ڀنڀري صاحب جو ترجمو ۽ سنڌيڪا پاران شايع ڪرايل).

ڀل سورلي کي ان دور ۾ مغرب مان شاعريءَ جو تاثر وڃايل محسوس ٿيو هجي، پر شاعري جيئن ته انساني فطرت جو حصو آهي، تنهنڪري اها ڪمزو يا سٺي، ڪلهه وانگر اڄ به دنيا ۾ ٿئي پئي، اڄ به موسيقي موجود آهي، رقص آهي ۽ جيستائين هن ڪائنات ۾ انسان موجود آهي، تيستائين شاعريءَ جي ناوَ کي ڪا لهر نڪي لوڏو هوندو.

”وَسَڻُاَکَڙِيُنِ جِئَن، جي ھُوند سِکئِين، مِينھَن!

ته ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بسِ بُوندَيَنئُون نه ڪَرِين.“ (ڀٽائي)

ڪير ٻڌائيندو ته هن شاعريءَ کي ڪهڙي خاص دور ۾ قيد ڪري سگهجي ٿو؟

سٺي شاعري ڪهڙي آهي، رومانوي يا وطن دوستيءَ واري؟ واقعاتي يا سياسي؟ ان بابت هر ماڻهوءَ جي پسند پنهنجي آهي. ڪنهن کي شيخ اياز وڻندو ته ڪنهن کي ڪو ٻيو شاعر وڻندو. ايئن ڪنهن کي غزل پسند هوندو ته ڪنهن کي ڪافي يا وائي. ڪنهن کي نظم سٺا لڳندا ته ڪنهن کي ڪا ٻي صنف، تنهنڪري شاعري يا شاعر لاءِ ووٽنگ ناهي ٿيندي. وقت ۽ عام پڙهندڙ هڪ وڏو ووٽ هوندو آهي، جيڪو يا ته ان شاعر ۽ سندس شاعريءَ کي سلامت رکندو آهي يا ان کي ڪٻٽ جي ڪنهن اهڙي خاني ۾ اڇلائي ڇڏيندو آهي، جيڏانهن ڪنهن جي ڪا تڪڙي نظر ناهي ويندي.

پر نياز پنهور صاحب پنهنجي اڳ واري توڙي تازي شاعريءَ کي جنهن صندوق ۾ بند ڪري رکيو هو، ان جو تالو کولي، ان مان شاعري ڪڍي اسان کي پڙهائي آهي، جيڪا سنڌي ادب جو هاڻي هڪ حصو بڻجي چڪي آهي. اسان جي ٻين؛ پراڻي توڙي نئين ٽهيءَ جي به شاعرن کي، جن جا هن وقت تائين ڪتاب شايع ناهن ٿيا، پنهنجون تخليقون شايع ڪرائڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو هر ليکڪ جي لکڻي عام پڙهندڙن لاءِ ئي هوندي آهي نه ڪي ڪنهن نقاد يا عالم اڪابر لاءِ. نياز پنهور صاحب کي سماجي زندگيءَ جي هر ترڪيب، تڪرار ۽ انفرادي توڙي اجتماعي احساسن جو ان ڪري به گهرو مشاهدو آهي، جو هو صحافت سان به لاڳاپيل آهي. اهڙي جاءِ تي ويٺل شخص عام ماڻهوءَ سان جڙيل هوندو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي تخليقن ۾ حقيقي فڪري گهرائي توڙي درد، خوشي، ارمان، احساس، ڏوراپا، ڏک ۽ احتجاج ڪاميابيءَ سان آڻي سگهندو آهي.

شاعري هر ماڻهو ٻُڌي ٿو ۽ لڳ ڀڳ هر پڙهيل لکيل ماڻهو اها پڙهي ٿو. سنگيت هن سنسار جي اُها ٻولي آهي، جيڪا پنهنجي رڌم سان هر ماڻهو توڙي ٻين ساهه وارن کي وجد ۾ آڻي ٿي. ان طرح جڏهن نياز پنهور صاحب جو هيءُ مشهور گيت ”ناوَ هلي آ“ استاد يوسف جي آواز ۾ ٻڌون ٿا ته ڪيئن چونداسين ته ناوَ سڀاڻي نه هوندي. اها سنڌوءَ ۾ نه ترندي؟ ناوَ جو وجود سنڌوءَ سان آهي ۽ اسان جو وجود به سنڌوءَ سان، ان ڪري سنڌو هوندو ته ناوَ به هلندي ۽ اسان به هونداسين ۽ هيءَ شاعري به هوندي ۽ ههڙي شاعري به ٿيندي رهندي:

”گيت سڏڪن منجهان روز اڀري پون،

ڀل ته بادل هجن ڀل ته بوندون وسن،

ڀل ته مهڪي مٽي، هير گهلندي رهي،

ناوَ هلندي رهي،

ناوَ هلندي رهي.“

سو هي شاعر ڪنهن کان خيالَ اڌارا نٿو وٺي، پرائي ڪوٽ جي کيسي ۾ پنهنجو هٿ وجهي گرم نٿو ڪري، پر پنهنجي پيرَن سان پنڌ ڪري ۽ پنهنجي خيالن جي پَرن سان اُڏام ڪري ٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments