هڪ آمريڪي پاڪستاني شهري جا پاڪستانين کان ڪجهه سوال

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

هڪ آمريڪي پاڪستاني شهري جا پاڪستانين کان ڪجهه سوال

الطاف شيخ

نه فقط انگلينڊ ۾ پر فرانس، جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا. انهن ۾ نوي سيڪڙو اهڙا آهن جن کي يورپ يا آمريڪا جهڙيون حالتون پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ ملن ته اڄ ئي پنهنجي ملڪ موٽي اچن، ويندي اُهي پاڪستاني جن جون زالون يورپي آهن.

۽ اهي حالتون يا ماحول Conditions) سهولتون) جن جو مٿي اشارو ڪيو اٿم ڪي خاص Extraordinary به نه آهن. بس اهي نارمل قسم جون جيڪي اسلامي معاشري ۾ هجڻ کپن: حق حلال جي روزي ڪمائڻ جو بندوبست، انصاف، جان ۽ مال جي سلامتي، عزت جي رهائش وغيره.

اسان جا ڪيترائي هم وطن ولايت ۾ خوش هوندي به، پنهنجي وطن کي ساريندا رهن ٿا. پنهنجي ملڪ جي معمولي ترقي به هنن لاءِ وڏي خوشي آهي ۽ وطن بابت غلط ڳالهه ٻڌڻ تي اداس ۽ غمگين ٿيو وڃن.

“پاڪستان ۾ ڌنڌي ڌاڙيءَ جون پر امن حالتون هجن ته آئون جيڪر هتي سڄو بزنس Windup  ڪري هليو وڃان.” سوئيڊن ۾ پنجويهه سالن کان رهندڙ مسعود ضيغم هڪ ڏينهن پنهنجي اندر جو حال مون سان اوريندي چيو جيتوڻيڪ سندس زال سوئيڊن جي آهي. اسان پاڪستان جهڙي “اسلامي” ماحول ۾ رهي نماز نٿا پڙهون پر هوءَ سوئيڊن جهڙي يورپي ملڪ ۾ رهي پنج وقت نماز باقاعدگيءَ سان پڙهي ٿي. پنهنجي مادري زبان سوئيڊش کان سواءِ انگريزي ۽ پنجابي لس ئي لس (Fluent) ڳالهائي ٿي. شلوار ۽ چولو پائي فخر محسوس ڪري ٿي.

“مون ۽ منهنجي ڌيءَ سڄي عمر ڪراچيءَ ۾ ٻارن کي پاڙهيو”. ڪئناڊا جي اتراهين شهر سينٽ جان ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ڪرسچن ماسترياڻيءَ مون کي ٻڌايو. “مون ڪراچي نٿي ڇڏڻ چاهي، پر گذريل سال جي مذهبي هنگامن ۾ عيسائين کي ايڏو تنگ ڪيو ويو جو مجبور ٿي اسان کي ملڪ ڇڏڻو پيو.”

مئٿلڊا جهڙيون محنتي، هوشيار ۽ ايمانداري سان پڙهائڻ واريون سادگيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ واريون ماسترياڻيون،  اسان جي ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن گھٽبيون وڃن. هن کي اڄ به پنهنجو وطن ۽ پنهنجا شاگرد، جن ۾ گھڻائي مسلمانن جي آهي، ياد ٿا اچن.

لنڊن جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ وڪڻي گذر ڪرڻ واري مجتبيٰ حسين جي پڻ ساڳي ڪهاڻي آهي. هو غربت ۽ ڏکن ۾ به پنهنجي اباڻي وطن ۾ خوش هو. ٻه سال اڳ پنجاب جي ان شهر ۾ جتي هي سالن کان رهيل هو، سندس پٽ ۽ ڀاءُ کي ڪجھه ڪٽر سني ماري ويا. ”ڇا اسلام اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته هڪ ٻئي کي قتل ڪريون؟” هن ڏک مان مون کان سوال ڪيو. ”سعودي عرب، ملائيشيا، ڪوويت، بنگلاديش پڻ مسلمان ملڪ آهن. اتي ته ڪير به مذهب جي نالي ۾ قتل نٿو ڪري. سني شيعا ته ڇا، پر عيسائي، ٻڌ، سک ۽ هندو به امن سان رهيا پيا آهن. مڪي ۽ مديني کي ڇڏي سعودي عرب جي باقي وڏن شهرن ۾ انيڪ هندو، سري لنڪا جا ٻڌ ۽ فلپين جا ڪرسچن رهيا پيا آهن اتي ته ڪوبه عرب اسلام جي نالي ۾ انهن کي نٿو ماري پوءِ پاڪستان ۾اها ويڌن ڇو آهي؟ “هن غم ۽ غصي مان مون کان وري پڇيو.

Akunet نالي ڪراچي جي آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي گريجوئيٽ انهن پاڪستاني ڊاڪٽرن جو انٽرنيٽ تي Network آهي جيڪي هتي آمريڪا ۾ بيحد سٺين نوڪرين تي آهن ۽ خوشحال زندگي گذارين ٿا. اڄ ڪلهه اهي Internet  تي پنهنجا مسئلا هڪٻئي کي ٻڌائين ٿا ۽ انهن مان هڪ اهو به آهي ته آيا آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهي پئجي يا پنهنجي وطن موٽي هلجي. هو اڄ جي حالتن جي روشني ۾ پنهنجا پنهنجا خيال ۽ معلوماتي رايا هڪٻئي تائين پهچائي رهيا آهن.

”پاڪستان موٽي هلڻ يا آمريڪا ۾ ئي رهي پوڻ “جي سوال تي هڪ جو خيال پڙهي پنهنجي ملڪ جي افسوسناڪ تصوير سامهون اچي ٿي. هن آمريڪا ۾ رهي پوڻ جي حق ۾ دليل ڏنا آهن.

“آئون آمريڪا ۾ ان ڪري رهڻ چاهيان ٿو جو آمريڪا جو ماحول ۽ سوسائٽي اسان جي پاڪستاني سوسائٽي کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ وڌيڪ اسلامي آهي.”

آمريڪا ۾ رهندڙ هن پاڪستاني ڊاڪٽر ان بابت هن ريت وضاحت ڪئي آهي:

*          آمريڪا ۾ ماڻهو گھڻو ڪري سچ ڳالهائين ٿا.

*          هو ان تي ئي يقين رکن ٿا ته ٻيو به سچ چئي رهيو آهي.

*          ماڻهن کي قانون لاءِ عزت آهي ۽ ملڪ جو قانون غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو آهي.

*          قانون کي قائم رکندڙ ايجنسيون پنهنجن شهرن جي حفاظت ڪن ٿيون.

*          واپار وڙي ۾ ٺڳي يا دولاب ناهي. هڪ ٻئي سان مقابلو صاف ۽ کليل نموني جو هلي ٿو.

*          ٻارن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ هنن جي بنيادي تعليم لاءِ حڪومت طرفان خاطري مليل آهي.

*          انصاف نه فقط ملي ٿو، پر جھٽ پٽ ملي ٿو.

*          ملڪ ۾ ڊيمو ڪريسي آهي. مذهبي اقليتن جو به خيال رکيو وڃي ٿو ۽ کين مڪمل آزادي مليل آهي.

*          هتي جي حڪمران طبقي پنهنجي ٻارن لاءِ خاص ڪوٽا نه رکي آهي. غريب توڙي امير جو ٻار برابر آهي. جيڪو محنت ڪري ٿو ان کي ڪاليج ۾ داخلا ملي ٿي ۽ جيڪو پاڻ کي قابل ثابت ڪري ٿو ان کي نوڪري ملي ٿي.

*          محنتي ۽ ايماندار ماڻهوءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

*          هتي آمريڪا ۾ محنت ۽ پورهيو ڪري توهان به امير ٿي سگھو ٿا ۽ اهڙا ڪئين مثال نظر اچن ٿا جن ۾ غريب به وڏا ماڻهو ٿي ويا ۽ کين پنهنجي اصليت تي به فخر قائم آهي.

*          آمريڪا ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي اجازت آهي. هر ماڻهو آزاد آهي ته هو پنهنجي دين ڌرم تي هلي ۽ هن کي ڪنهن به ڳالهه جو اجايو خوف خطرو نٿو رهي….

“آمريڪا ۾ اهڙين سٺين ڳالهين جي لسٽ تمام وڏي آهي. توهان کي انهن مان ڪا ڳالهه ڇا پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ نظر اچي ٿي…؟”

آخر وارو اهو سوال هن پاڪستان ۾ رهندڙ اسان کان ڪيو آهي.

 ڪاش مون وٽ يا ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ وٽ ان جو ڪو جواب هجي!

ڪراچي_1995

***

آمريڪا ۾ ڪير آهي

اڄ ڪلهه پاڪستاني اخبارن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني واپاريءَ جي ڳالهه هلي رهي آهي ته هن وٽ اسان جا ڪيترائي وڏا سياستدان مهمان ٿي وڃن ٿا ۽ هن جو پاڪستاني سياست تي وڏو اثر آهي. هن جي آمريڪا جي وڏن ماڻهن سان اٿڻي وهڻي آهي، ڇو جو هو آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي. سندس شاهوڪار هجڻ لاءِ، شايد ثبوت طور ان ڳالهه تي زور ڏنو پيو وڃي ته هو هر وقت نئين ماڊل جي ڪارن ۾ گھمندو نظر اچي ٿو.

اسان جي ماڻهن جي ڪن ڳالهين مان، سندن بيوقوفي جي حد تائين، گھٽ ڄاڻ ظاهر ٿئي ٿي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جن تي اڪثر ڌاريان ماڻهو کلن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اسين عجيب ٺڙڪو ڳالهين مان به متاثر ٿيو وڃون. مٿي ذڪر ڪيل همراهه کي آئون به سڃاڻان ٿو. هو اسان غريبن لاءِ کڻي امير هجي جو هو آمريڪا ۾ رهي ٿو جتي سندس سٺو ڌنڌو هلي ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هن وٽ اڌ درجن نئين ماڊل جون ڪارون آهن، پر يارو سچ پڇو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اهڙي ماڻهوءَ کي ته ڪير کنگھي به ڪونه ٿو.

آمريڪا (USA) ته اهو ملڪ آهي جتي ان ماڻهوءَ کي به امير نٿو چئي سگھجي جنهن کي پنهنجو هوائي جهاز هجي. آمريڪا ۾ البته ان ماڻهوءَ کي امير چئي سگھون ٿا، جنهن کي هوائي جهاز سان گڏ پنهنجو ذاتي هوائي اڏو به هجي. يقين ڪريو آمريڪا ۾ اهڙا به امير، ڪارخانيدار ۽ جاگيردار آهن، جن کي پنهنجي ڪارخاني يا جاگير سان لڳ جيٽي آهي… يعني بندرگاهه آهي، جتي اسان جو جهاز وڃي لنگر انداز ٿئي ٿو ۽ فقط ان ڪارخاني جو تيار ٿيل مال يا ان زميندار جو پيدا ٿيل اناج جهاز تي چاڙهڻو پيو ٿي. هيوسٽن ۽ ٽيڪساس رياست جي ته ٻين به ڪيترن علائقن ۾ اسان کي اهڙن پرائيويٽ بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻو پيو.

مالمو، سوئيڊن

1992