”هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ“ ترجمو: منور سراج

“تنهنجو ننڍڙو هن وڳي ۾ ڏاڍو پيو ٺهي” پورٽيئر مرڪندي ماڻس کي چيو ۽ بائو فار ديئر کيس پاڻ ڏي ڇڪيندي سندس پٺيءَ کي ٿڦڪيندي چيو، “صفا اصل هوبهو جهڙي ڇوڪري” ۽ کلندي پڇيائينس “پنهنجو نالو ته ٻڌائي! هان! ڇا اٿئي نالو؟ جيڪولين؟، ليوسيني؟ يا هارگوٽ؟”

ليوسين صفا ڳاڙهو ٿي ويو.

“منهنجو نالو ليوسين آهي” وراڻيائين.

پر کيس ڇوڪري نه هئڻ جي گهڻي پڪ نه هئي.

گهڻن ئي موقعن تي اڪثر ماڻهن کوڙ ڀيرا کيس پاٻوهه مان مٺي ڏيندي “پياري، مادام، گڏي” ٿي ڪوٺيو. هو سڀني ماڻهن کي سندس گهنڊيدار وارن، ننڍڙين اڌ اگهاڙين ٻانهن ۽ ڊگهي سرمئي چوغي ۾ ڇوڪرين وانگر حجابي نازڪ نفيس ۽ سهڻو ٿي ڀاسيو.

کيس اهو ڊپ هو ته ڪٿي ڪنهن ڏينهن ماڻهو مٿس اهو فيصلو نه مڙهي ڇڏين ته هو ڇوڪرو ناهي. جنهن تي احتجاج ڪندي ڪيڏيون به کڻي رڙيون ڪوڪون ڪندي ملڪ مٿي تي کڻندو پر ماڻهن جي مٿي ۾ جونءِ به نه سُرندي. اهي کيس رڳو هنڌ ۾ سمهڻ مهل ڪپڙا لاهڻ جي اجازت ڏيندا. هر روز جنهن مهل هو صبح جو ننڊ مان جاڳندو ته بيڊ جي پاڳي ۾ ٽنگيل ڏسڻا پوندس ۽ باقي ڏينهن جو جنهن مهل به کيس پيشاب ڪرڻو هوندو ته ان مهل ڪپڙا لاهي يا ٿورو مٿي ڪري اوڪڻو ويهڻو پوندو.

ماڻهو لاڏ ڪوڏ مان چوندس، منهنجي ننڍڙي مٺڙي راڻي ٿي سگهي ٿو ايئن هجي به! واقعي به مان ڇوڪري هجان، هن پاڻ کي پنهنجي اندرئين پاسي ايترو نازڪ نفيس محسوس ڪيو جو ان نفاست کيس ڄڻ ٿورو ٿورو ٽاڪئون، بيمار بيمار ڪري وڌو ۽ سندس نڙيءَ مان آواز ايئن اڀرڻ لڳو جهڙو بانسريءَ جو سُر هن پنهنجي آسپاس موجود ماڻهن کي آڏي نگاهه سان ڏسندي گل آڇيا.

پنهنجي نرم نفيس ٻانهن ڇُهڻ چاهيائين.

هن سوچيو اهو سڀ حقيقي ناهي.

کيس غير حقيقي شيون پسند هيون، پر سندس وڌ ۾ وڌ ڀلو وقت مار دي گراس ۾ گذريو هو. انهن کيس پيروٽ (هڪ فرانسيسي ويڙهاڪ ڪردار)  جو ويس پارايو. هن ريري سان گڏ راند روند ڪئي، ڊڪيو، ڊوڙيو، رڙيون، واڪا ڪيائين انهن سان خوب موج مستي ڪيائين. ماڻس پنهنجي چشمي جي ڳن سان ڇُهندي مرڪي چيو، “مون کي پنهنجي ڇوڪري تي ناز آهي” هوءَ سڀني عورتن ۾ وڌيڪ سهڻي، صحتمند، قدآور ۽ پرڪشش عورت هئي. جنهن مهل هو مانيءَ واري ميز جي ڀرسان گذريا ته پڻس جنهن شيپمئن جون سرڪون پئي ڀريون، کيس هنج ۾ کڻي ورتو “منهنجو ننڍڙو همراهه” جنهن تي ليوسين دل ئي دل ۾ رڙيون ڪندي چوڻ چاهيو ”نه“.

هن اورنڊي جي پڇا ڪئي پر کيس اها گهڻي ٿڌي هئڻ ڪري پيئڻ کان منع هئي، پر تنهن هوندي به هڪڙي ننڍڙي گلاس ۾ ٻه ٽي ڍڪ نائي ڏنائونس، ان جو سواد گندرف جهڙو هو، پر ايتري به ٿڌي نه هئي جيتري چيائون پئي. ليوسين اورنڊي بابت سوچڻ لڳو جيڪا کيس زيتون ۾ ملائي تڏهن پياري وئي هئي جڏهن هو بيمار ٿي پيو هو.

ليوسين سڏڪا ڀري روئڻ چاهيو ۽ ڪار ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي وچ تي ويهڻ گهريائين. ماڻس کيس ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪيو. هوءَ ريشمي لباس ۾ ڪوسي ڪوسي ۽ خوشبوءِ ۾ هٻڪاريل هئي. ڪار جو اندريون پاسو رکي رکي چاڪ وانگر سفيد نظر اچڻ ٿي لڳو، ليوسين اکيون ڇنڀيون ماڻس کي جيڪو ريشمي وڳو پاتل هو ان جا گل ڦل پاڇولي مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ليوسين اوچتو انهن جي خوشبو سونگهي ورتي. هو اڃان تائين آهستي آهستي سڏڪا ڀري رهيو هو، پر هن ڪجهه گهم ۽ ڪجهه خارش محسوس ڪئي ۽ ڪجهه گپ جهڙو به! جهڙي اورنڊي.

هن پاڻيءَ جي وڏي ٽب ۾ ويهي وهنجڻ چاهيو. جتي هوند جيڪر ماڻس کيس اسفنج جي نرم صافي سان کيس ڌوئي پوئي رهي هجي ها.

ڇاڪاڻ ته هو ننڍڙو ٻارڙو هو ان ڪري هنن کيس ماءُ پيءُ جي ڪمري ۾ سمهڻ ڏنو: هن ٽهڪ ڏيندي من مستي ڪئي ۽ هنڌ جي چادر گهنجائي ڇڏي. پڻس چيو “ڇوڪرو ڪجهه وڌيڪ ئي مستيءَ ۾ آهي”

هن نارنگيءَ جو ٿورو رس پيتو.

پڻس کي بنا ٻانهن واري گنجي پاتل هئي.

ٻئي ڏينهن ليوسين کي لڳو ته کانئس ڪجهه وسري ويو آهي. کيس خواب ياد اچي ويو: ماڻس پڻس کي فرشتن وارا چوغا پاتل هئا، ليوسين ٿالهه ۾ اگهاڙو ويٺو هو ۽ دهل پئي وڄايائين، ماڻس پڻس چوطرف اڏامي رهيا هئا. اهو هڪڙو ڊيڄاريندڙ خواب هو، پر خواب کان اڳ به ڪجهه نه ڪجهه ٿيو هوندو، ليوسين ضرور جاڳيل هوندو. هن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس هڪ ڊگهي ڪاري سرنگ ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا هڪ ننڍڙي نيري بتيءَ سان نيم روشن رات جي جهيڻي روشني وانگر هئي جيڪا هو هر شام سندس والدين جي ڪمري ڏي موڙي ڇڏيندا هئا. انهيءَ گهري نيري رات جي ڇيڙي تان ڪا شيءِ گذري وئي، ڪا اڇي شيءِ! هو ماءُ جي پيرن ۾ پٽ تي دهل کڻي ويٺو.

ماڻس کانئس پڇيو “تون ايئن ڇو پيو مون ۾ ڏسين منهنجا پيارا؟”

هن اکيون جهڪائي ڇڏيون ۽ دهل وڄائڻ سان گڏ رڙيون ڪرڻ لڳو “بوم بوم تارا بوم”

پر جڏهن هن ٻئي پاسي ڪنڌ ورايو ته هو کيس جاچ پڙتال ڪندڙ نگاهن سان ڏسڻ لڳو. ڄڻ کيس پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هجي! هن گلابي ڇُرَ واري نيري چوغي سان گڏ چهرو به سڃاتو. جيتوڻيڪ اهو چهرو ساڳئي چهري جهڙو نه هو. اوچتو هن سوچيو ته کيس ڪجهه سمجهه اچي رهيو آهي. ۽ اڃان به جي ٿورو وڌيڪ زور ڏيئي سوچيندس ته اهو ڪجهه ڳولي لهندس جنهن جي ڳولا اٿم. سُرنگ هلڪي هيڊي روشنيءَ ۾ ٻرڻ لڳي ۽ هو ڪنهن شيءِ کي حرڪت جي حالت ۾ ڏسي پئي سگهيو. ليوسين ڊنل هو. رڙيون ڪرڻ لڳو. سُرنگ الوپ ٿي وئي. “ڇا مسئلو آهي منهنجا مٺڙا؟” ماڻس گوڏن ڀر هلندي وٽس آئي، بيحد پريشان هئي.

“مان مڙئي ڀوڳ پيو ڪيان” ليوسين چيو.

ماڻس مطمئن ٿي وئي، پر هن کي ڊپ هو ته هوءَ کيس ڇُهي نه. هوءَ کيس تماشي جهڙي پئي لڳي. پڻس به اهڙو پئي ڀاسيس.

ان پل هن فيصلو ڪيو ته هو آئنده سندن ڪمري ۾ نه سمهندو.

ان کانپوءِ ماڻس ٻي ڪا ڳالهه نوٽ نه ڪئي معمول موجب ليوسين هميشه سندس قدمن ۾ هو ۽ ساڻس هڪ حقيقي ننڍڙي ماڻهوءَ وانگر ڳالهيون مهاڙيون ٿي ڪيائين. کيس چيائين ته مون کي “لٽل ريڊ رائڊنگ هُڊ” جي ڳالهه ٻڌائي. ماڻس کيس گوڏن تي ويهاريو ۽ پوءِ ٺهي ٺڪي آڱر اڀي ڪري اداس ڳنڀير آواز ۾ بگهڙ ۽ “لٽل ريڊ رائڊنگ هُڊ” جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي، ليوسين ڏانهس ڏسندي چيو “۽ پوءِ ڇا؟” ۽ ڪنهن ڪنهن مهل هو سندس پٺيءَ تي پيل وارن کي ڇهڻ ٿي لڳو، پر هو ڳالهه نه ٻڌي رهيو هو. هو حيرت مان سوچي رهيو هو ته ڇا هيءَ سندس حقيقي ماءُ آهي! جنهن مهل هن ڪهاڻي ختم ڪئي ته هن چيو “امان مون کي پنهنجي ٻالڪپڻ جي جي ڳالهه ٻڌائي” ۽ ان کيس ٻڌايو، پر شايد ماڻس ڪوڙ پئي ڳالهايو. ممڪن آهي ته هو به اڳ ۾ ننڍڙو ڇوڪرو هجي ۽ کيس به اهي ليوسين جيان ڪپڙا لٽا پارائيندا هجن، جيڪي هوءَ ٻي رات تائين اهي ساڳيا ڪپڙا پايو ڪنهن ننڍڙي ڇوڪري جو سانگ رچايو ويٺي هجي. هن ريشم ۾ ڍڪيل سندس خوبصورت ٿلهين ٻانهن جي مکڻ جهڙي نرماهٽ محسوس ڪئي. جيڪڏهن هو امان جا ڪپڙا ۽ ان جي جاءِ تي هوءَ بابا جا ڪپڙا پائي ته ڇا ٿيندو؟ ممڪن آهي ته ائين ڪرڻ مان امان کي ڪاريون مُڇون به ڦٽي اچن! هن پنهنجي پوري طاقت سان ماءُ جون ٻانهون پنهنجي هٿن ۾ جهليون. کيس هڪ خيال گذريو ته ڏسندي ڏسندي ماڻس ڪنهن خونخوار درندي ۾ بدلجندي پئي وڃي يا شايد ڏاڙهيءَ واري ان عورت جهڙي جيڪا خانا بدوشن جي قافلي ۾ هئي. هوءَ وڏو وات کولي کلڻ لڳي، ليوسين سندس گلابي ڄڀ ۽ ڳلي جو پٺيون پاسو ڏٺو، اهو گدلو هو. هن انهيءَ ۾ ٿڪڻ چاهيو.

“آ ها!” ماڻس چيو “اهو ڪيئن ٿو ڀاڪر پائين ننڍڙا همراهه! مون کي چڱيءَ طرح ڀري ڀاڪر پائي، جيترو مون سان پيار ٿو ڪرين ايترو زور سان ڀاڪر پائي.”

ليوسين چانديءَ جي منڊين وارن هٿن مان هڪڙو پيارو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چمين سان آلو ڪري ڇڏيو.

ٻئي ڏينهن جنهن مهل هوءَ سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليو سندس ڀر ۾ ويٺي هئي ۽ هو ٿالهه ۾ ويٺو هو ۽ کيس چيائين “زور ڏي! ليوسين زور ڏي، ننڍڙا مٺا… پليز!”

ته هن اوچتو زور ڏيڻ بند ڪيو ۽ وڏا وڏا ساهه کڻندي کيس چيائين “پر تون ته منهنجي سڳي ماءُ آهين! ناهين تون؟”

جنهن تي هن چيس “چريا” ان کان وٺي ليوسين کي پڪ ٿي وئي ته هوءَ ساڻس ڀوڳ ڪري رهي هئي ۽ ان کانپوءِ هن ٻيهر ڪڏهن به کيس اهو نه چيو ته هو وڏو ٿيندو ته پوءِ ساڻس شادي ڪندو، پر کيس ان ڳالهه جي پڪي خبر نه هئي ته اهو ڀوڳ ڇا هو. ٿي سگهي ٿو ته هڪ رات ڦورو آيا هجن ۽ بابا امان کي کڻي ويا هجن ۽ انهن جي جاءِ تي هنن ٻنهي کي ڇڏي ويا هجن يا ٿي سگهي ٿو ته اهي واقع به حقيقي بابا امان هجن، پر ڏينهن جو اهي هڪڙو ڪردار ادا ڪندا هجن ۽ رات جو وري ان جي بلڪل ابتڙ. ڪرسمس واري شام ليوسين ان مهل ڏاڍو حيران ٿيو هو جنهن مهل اوچتو ننڊ مان جاڳڻ شرط کين آتشدان جي سامهون رانديڪا کڻندي ڏٺائين. ٻئي ڏينهن انهن ڪرسمس بابت ڳالهايو ۽ ليوسين اهو سوانگ رچايو ته ڄڻ کيس سندن ڳالهين تي اعتبار آهي. هن سوچيو اهو سندن ڪردار آهي. انهن ضرور رانديڪا گم ڪيا هوندا.

فيبروري ۾ کيس انفيڪشن سان بخار ٿي پيو ۽ سندس لاءِ مزا ٿي ويا. بيماريءَ مان اٿڻ کانپوءِ هن ۾ “يتيم يتيم” راند رچائڻ جي عادت پئجي وئي. هو وڻ جي هيٺان لان جي وچ ۾ مُٺين ۾ مٽي ڀري ويٺو ۽ سوچيائين، آئون يتيم آهيان، مان پاڻ کي ليوئس ٿو ڪوٺيان. مون ڇهن ڏينهن کان گرهه به نه کاڌو آهي. نوڪرياڻيءَ جرمائين کيس منجهند واري مانيءَ لاءِ سڏيو ته هو ٽيبل تي آڱريون وڄائڻ لڳو. ماءُ ۽ پيءُ ڪنهن به ڌيان ڪونه ڏنو. هن کي ڦُورو کڻي ويا هئا جن کيس هڪ جيب ڪترو بنائڻ ٿي چاهيو. ماني کائڻ کانپوءِ کيس اتان ڀڄڻو هو ۽ ان جو الزام انهن تي هڻڻو هو. هن بلڪل ٿورو ڪجهه کاڌو پيتو. هن هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته لنگهڻ تي رهندي ماڻهوءَ کي پهرين ماني هميشه هلڪي ڦلڪي کائڻ گهرجي.

اهو سڀ ڏاڍو وندرائيندڙ هو جو هر هڪ ڪا نه ڪا کيڏ کيڏي رهيو هو. امان ۽ بابا، “بابا امان” جو سوانگ رچايو ويٺا هئا. امان ڏک ۽ ڳڻتيءَ جو سُوانگ رچايو ويٺي هئي. ڇو ته سندس دادلو پٽ لنگهڻ تي هو، بابا اخبار پڙهڻ وارو کيڏ کيڏندي ڪنهن ڪنهن مهل ليوسين جي منهن تي آڱر ڦيرائي چوڻ ٿي لڳو “ڊشوم ڊا… ننڍڙا ماڻهو”

۽ ليوسين خود به هڪ کيڏ رچايو ويٺو هو، پر سمجهه ۾ نه پئي آيس ته ڪهڙي؟ يتيم؟ يا ليوسين؟

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments