بلاگخاص

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر قسط-4

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-4

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر

الطاف شيخ

طلال پنهنجو ننڍپڻ لاهور، سرينگر ۽ دهليءَ ۾ گذاريو. ابتدائي تعليم جو گهڻو حصو لاهور ۾ حاصل ڪيو. اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ۾ رهيو. طلال ائنٿروپالاجي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ نيو يارڪ جي سٽي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آف انٿروپولاجي جي حيثيت سان وڏو نالو پيدا ڪيائين. اڄڪلهه هو نيو يارڪ ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. 2008ع ۾ آسٽريليا جي هڪ فلمساز ڪمپنيءَ اتي جي حڪومت جي مالي تعاون سان اسد تي جيڪا دستاويزي فلم ٺاهي، ان جي پريمئر ۾ طلال مهمان خصوصي هو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، پر انهن ڪتابن ۾ پنهنجي پيءُ بابت تمام گهٽ لکيو آهي. سندس تازو ڪتاب On Suicide Bombing، نيو يارڪ مان 2007ع ۾ شايع ٿيو هو. طلال سان 2005 ۾ نيو يارڪ ۾ پنهنجي ملاقات جو احوال آمريڪا واري سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان.

اسد جي ٽين زال پولا به سندس پهرين زال ايلسا (عزيزه) وانگر پهرين کان شادي شده هئي ۽ هن کي مسلمان ٿئي ٿورو وقت ٿيو هو جو سندس اسد سان شادي ٿي، سندس اسلامي نالو حميده هو. اسد هن سان 40 سال گذاريا، پر بي اولاد رهيو.

اسد پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پولا بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ شادي اسد جي اڌڙوٽ عمر جي سخت جذباتي وابستگي جو نتيجو هئي. ان وقت هو پنجاهه جي پيٽي ۾ هو جڏهن ته پولا جي عمر ذري گهٽ اڌ جيتري هئي. هن “عشق” ته هنن کي شادي جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيو، پر ان لاءِ پولا کي نه فقط پنهنجي پهرين مڙس کان طلاق وٺڻي پئي، پر اسد کي به پنهنجي نوڪري ڇڏڻي پئي. اسد جڏهن پولا سان شادي جو ارادو ظاهر ڪيو، ته هن کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته پولا جي شهريت پاڪستاني ناهي، ان ڪري هن کي شاديءَ لاءِ پنهنجي وزرات خارجه جي معرفت وزيراعظم کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي. اسد ڪوماڻيل دل سان ان تي عمل ڪيو، پر پاڪستان جي سفير پطرس بُخاري سان هن جا خراب تعلقات هجڻ ڪري هن جي درخواست رد ڪئي وئي. بهرحال اسد پنهنجي هن اهم ۽ اعليٰ عهدي جي به پرواهه نه ڪئي ۽ هن استعيفيٰ ڏيئي پولا سان شادي ڪئي.

پولا جي اچڻ سان اسد کي زندگيءَ ۾ ذهني سڪون ۽ جذباتي آسودگي حاصل ٿي وئي، جنهن جو پهرين ثمر “دي روڊ ٽو ميڪا” هو. شادي بعد اسد هڪ سال اندر هي ڪتاب مڪمل ڪري پولا (حميده) نالي منسوب ڪيو. هن ڪتاب ۾ اسد پنهنجي زندگيءَ جو 1932ع تائين جو احوال ڏنو آهي. ان بعد زندگيءَ جو احوال هن ٻئي ڪتاب ۾ لکڻ شروع ڪيو، پر مڪمل ڪرڻ کان اڳ هو گذاري ويو. پوءِ سندس زال پولا (حميده) هن کي مڪمل ڪيو ۽ ڪتاب جو نالو “محمد اسد مئن آف دي ڊيزرٽ” رکيو.

ان ڏينهن اردو بازار ۾ “ويلڪم بُڪ پورٽ” نالي ڪتابن جي دڪان تي پنهنجا اردو ڪتاب ڏسڻ ويس ته ڪهڙا ڇپيا آهن ته دروازي وٽ ئي محمد اسد جو “محمد اسد بنده صحرائي” ڪتاب نظر آيو، جيڪو “A man of the Desert-Muhammad Asad” ڪتاب جو اردو ترجمو آهي، جيڪو جرمن زبان جي ماهر پاڪستان محمد اڪرم چغتائيءَ ڪيو آهي.

اسد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان هي ڪتاب ۽ “شاهراهه مڪا” سندس آتم ڪٿائون ۽ سفر نامون آهن. ان کان علاوه سندس قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير “The Message of the Quran” پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. ان کان علاوه محمد اسد “صحيح بخاري” حديثن جي ڪتاب جو پڻ انگريزي ترجمو ڪيو آهي. اسد جي لکڻين ۾ منهنجي پڙهندڙن مان ڪنهن جي دلچسپي آهي ته هن کي اسد جا هي ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏيندس.

This Law of Ours

Islam at the Crossroads

The Encounter of Islam and West

Islam and Politics

What do we mean by Pakistan

The Spirit of Islam

وغيره وغيره. ٿي سگهي ٿو ته مٿين ٻن ڪتابن (سوانح عمرين) وانگر سندس ٻيا ڪتاب به اردو ۾ ترجمو ٿي چڪا هجن، پر انگريزي ۾ عام آهن.

هي مضمون لکڻ دوران مون کي پنهنجي سفير دوست خيرپور ميرس جي ظفر الله شيخ کان خبر پئي ته اسد جي پهرين آتم ڪهاڻي The Road to Mecca تي فلم به ٺهي چڪي آهي جيڪا هن فرئنڪفرٽ (جرمني) ۾ ڏٺي جڏهن هو اتي جو سفير هو.

محمد اسد ويهين صديءَ جو هڪ اسلامي مفڪر مڃيو وڃي ٿو. هن ننڍي هوندي کان وٺي تمام گهڻو سفر ڪيو. هو جرنلسٽ به هو ترجمو ڪندڙ به کيس مشرق ۽ مغرب جون ڪيتريون ئي زبانون آيون ٿي. جيئن: عربي، اردو، هيبريو، آرميني، جرمن، انگريزي، هسپانوي وغيره. هو سفارتڪار (Diplomat) سياسي سائنسدان، سماجي نقاد، ريفارمسٽ ۽ مذهبي عالم (Theologian) به ٿي رهيو. پاڻ 1900ع ۾ مشرقي يورپ جي شهر لمبرگ ۾ ڄائو ۽ وفات به يورپ جي شهر اندلس (اسپين) ۾ 1992ع ۾ ڪيائين. کيس اسپين جي شهر غرناتا ۾ دفن ڪيو ويو. ڪٽر يهودي خاندان مان هجڻ جي باوجود هن کي اسلام لاءِ چاهت هئي ۽ مرڻ تائين اسلام جي خدمت ڪندو رهيو. چوندو هو ته مسلمانن جو اسلام تي ٿورو ناهي، پر اسلام جو مسلمانن تي آهي، جيڪو ملڪ يا قوم اسلام جي صحيح پيروي ڪري ٿو ان کي خوشحال نصيب ٿئي ٿي. پاڪستان قائم ٿيڻ تي هن پاڪستان جي آئين کي اسلامي طرز جو رکڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي، پر پوءِ ڪجهه مجبورين ڪري (جنهن جو مختصر احوال مٿي بيان ٿي چڪو آهي) اهو ٻين ملڪن ۾ وڃي رهيو. جنرل ضياءُ پنهنجي طرز جو اسلامي آئين ۽ حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ محمد اسد کي ڪيترائي دفعا خط و ڪتابت ۽ سفير ذريعي پاڻ وٽ گهرايو. انهن ڏينهن ۾ اسد پنهنجي زال پولا حميده سان پورچوگال ۾ رهيل هو. هو هڪ دفعو اسلام آباد آيو به پر پوءِ جلدي موٽي ويو جو هن پنهنجي خيال موجب ضياءُ صاحب جون ڪجهه ڳالهيون معتبر نٿي سمجهيون. جيئن: عورت کي حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه هجي وغيره.

 

اسد ننڍپڻ ۾ جڏهن يروشلم ۽ وچ اوڀر جي دوري تي نڪتو، ته هڪ ماڻهو سان هن جي ملاقات ٿي، جنهن اسد جي دل ۾ اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو پيدا ڪئي. قاهره (مصر) ۾ اسد سان ملڻ وارو هي ماڻهو شيخ مصطفيٰ الماراغي (1945ع-1881ع) هو. هي هڪ روشن خيال ريفارمسٽ اسلام جو ڄاڻو ۽ عالم هو جيڪو پوءِ مصر جي الاظهر يونيورسٽيءَ جو ريڪٽر ٿي رهيو. شيخ مصطفيٰ جي خيالن جو اثر اسد تي تمام گهڻو رهيو. …(هلندڙ)…