بلاگخاص

ورلڊ فوڊ ڊي

زاهده ابڙو

1981 کان 16 آڪٽوبر کي “ورلڊ فوڊ ڊي” طور ملهايو پيو وڃي. 2017 لاءِ هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ موضوع آهي “Change the future of migration invest in food security and development” هنن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن قومن کي پيش ايندڙ مسئلن کي اڀاري سامهون آندو وڃي ۽ قومون گڏجي ان جي حل لاءِ ڪوششون ڪن. هن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ ترقي يافته بڻجي کاڌ خوراڪ ۾ پاڻ ڀرا ٿي ويا آهن. جڏهن ته اسان هڪ زرعي ملڪ هوندي به ٽماٽا ۽ بصر به انڊيا ۽ افغانستان کان پيا گهرايون يقينن اها اسان جي فوڊ سيڪيورٽيءَ لاءِ هڪ الارمنگ حالت آهي. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو ڪنهن دور ۾ ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪندو هو هاڻي ان کي پنجن سالن کان ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پوي پئي ان لاءِ اسان جا پاليسي ساز جن کي اسين ووٽ ڏيئي اسيمبلين ۾ ويهاريون ٿا ذميدار آهن. انهن کان پڇڻ گهرجي ته کاڌ خوراڪ جو بنيادي جز اسان وٽ ڇو گهٽجي رهيو آهي ڇو اسان وٽ غريب ماڻهو کاڌي جي ڪمي جو شڪار آهي. اڄوڪي ڏينهن تي ان ڳالهه تي زور ڏنو پيو وڃي ته جيڪي آباديون جتي رهن ٿيون انهن کي اتي ئي کاڌ خوراڪ مهيا ڪيو وڃي ۽ اهي ماڻهو کاڌ خوراڪ ۾ پاڻ ڀرا هجن جو کين لڏپلاڻ نه ڪرڻي پوي ڇا اڄ اسان جا قانون ساز به ان ڳالهه تي ڪجهه ويچار ڪندا يا هميشه وانگر ڪن ٽار ڪندا.