وزيراعظم، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار جي پاسپورٽ جي نواڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي پاسپورٽ جي نواڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. نواز شريف ۽ اسحاق ڊار جي پاسپورٽ جو مدو پورو ٿي ويو هو ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت پاسپورٽ جي نواڻ واري عمل کي روڪيو هو، پر هاڻي وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي پاسپورٽ جي نواڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. ذريعن موجب وزيراعظم پاسپورٽ جي نواڻ جا حڪم گھرو وزارت کي جاري ڪيا آهن. ذريعن ٻڌايو ته لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي به پاسپورٽ جي نواڻ لاءِ چيو ويو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments