وزيراعظم جو افغان عوام لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ڏيڻ جو اعلان

وزيراعظم عمران خان افغانستان جي فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معاشي مدد تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي نمائندن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت تي زور ڏيندي اسلام آباد ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي نمائندن کي مبارڪباد ڏني.  

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments