خاص

متحده عرب امارات عرب دنيا جو پهريون مشن چنڊ تي روانو ڪري ڇڏيو

متحده عرب امارات عرب دنيا جو پهريون چنڊ مشن روانو ڪري ڇڏيو آهي، راشد روور کي چنڊ تي موڪلڻ لاءِ فلوريڊا مان اسپيس ايڪس راڪٽ اڏام ڀري. يو اي اِي جي نائب صدر شيخ محمد بن راشد ۽ دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن محمد دبئي ۾ قائم اسپيس سينٽر جي ڪنٽرول روم مان راشد روور جي پرواز جو جائزو ورتو. شيخ حمدان ٽوئٽ ڪندي چيو ته چنڊ تي پهچڻ هن قوم لاءِ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي جنهن جي عزم جي ڪابه حد نه آهي.