خاص

وزيراعظم جي پارٽي کي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور تياري سان گڏ ميدان ۾ لهڻ جي هدايت

وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پارٽي کي ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم بلدياتي چونڊن لاءِ مضبوط پارٽي اميدوار ڳولڻ لاءِ ڪميٽي پڻ ٺاهي ڇڏي، جنهن ۾ چيف آرگنائيزر پي ٽي آءِ سيف الله خان نيازي، عامر ڪياني ۽ مڪاني ادارن وارو وزير ميان محمود رشيد شامل آهن. ڪميٽي بلدياتي چونڊن بابت سمورن علائقن جي صدرن سان به مشاورت ڪندي.