خاص

وزيراعظم ڪوئيٽا ڌماڪي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس پاران چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڪوئيٽا ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ وزيراعظم گهرو وزارت کي هر پاسي کان ان ڌماڪي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم رات دير تائين پاڻ انهن معاملن جي نگراني به ڪندو رهيو، گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي سرينا هوٽل جي پارڪنگ ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 15 زخمي ٿي پيا هئا. زخمين ۾ ٻه اسسٽنٽ ڪمشنر به شامل آهن.