وزير اعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني وچ ۾ ملاقات

وزير اعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ- افغان ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ افغانستان جي تازي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم ۽ ازبڪ صدر وچ ۾ ملاقات دوران افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ نئون گروپ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بلاڪ ۾ پاڪستان، ازبڪستان، تاجڪستان، ايران ۽ ترڪي شامل هوندا.