وفاقي ڪابينا گھرو وزارت کي 41 ڪروڙ رپيا فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف جي امڪاني لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ 41 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي طرفان جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ جي مذمت ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. شرڪت ڪندڙن کي لانگ مارچ بابت گهرو وزير طرفان بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 41 ڪروڙ رپيا فنڊز جي منظوري ڏيئي ڇڏي. فنڊز امڪاني لانگ مارچ ۽ ڌرڻي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ گهريا ويا آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments