ولي رام ولڀ کان (آڪٽوبر 2017) ۾ ورتل انٽرويو

پئنل انٽرويو

ولي رام ولڀ کان (آڪٽوبر 2017) ۾ ورتل انٽرويو

منظور ٿهيم، ڊاڪٽر اشوٿاما، زاهده ابڙو

 

ڊاڪٽر اشوٿاما: سائين توهان پنهنجي ٻالڪپڻي، ڳوٺاڻي زندگي، شروعاتي استادن ۽ تعليم جي باري ۾ اسان جي پڙهندڙن کي ڪجهه ٻڌايو جنهن توهان کي اڳتي هلي علم ۽ ادب سان سلهاڙيو؟

ولي رام ولڀ: سائين توهان جي وڏي مهرباني جو توهان مون کي اهو موقعو ڏنو ته آئون پنهنجن پڙهندڙن کي پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي سگهان، اها منهنجي خوش قسمتي آهي جو زندگي مون کي هڪ اهڙو موقعو ڏنو جو ان اڳتي هلي منهنجي زندگيءَ جا رخ طئي ڪيا. منهنجو پيءُ پوليس ۾ نوڪري ڪندو هو. مٺي ۽ عمرڪوٽ جي وچ تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ چيلهار جي نالي سان هو ان ۾ منهنجو رهڻ ٿيو اتي آئون ٻئين درجي ۾ داخل ٿيس، پهريون درجو مون ڪنري ۾ پڙهيو. چيلهار ۾ ٻه سال رهياسين. 1951ع ۾ چيلهار ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيس. ٻار جي لاءِ اسڪول جي زندگي ۽ استاد جي شخصيت تمام گهڻي اهم هوندي آهي. جڏهن منهنجي پيءُ جي بدلي چيلهار ڳوٺ ٿي جتي اسان ٻه سال رهياسين ۽ اتي ٽئين ۽ چوٿين ڪلاس ۾ منهنجو استاد رائچند هريجن هو، جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته هو ڪاليجي پاس آهي. هو ٽريننگ ڪاليج مان ٻه سال پڙهي پوءِ اتي اچي استاد ٿيو هو. سندس پٽ به منهنجو ڪلاس فيلو هو، اسان ٻئي سندس شاگرد هئاسين، سندس پٽ به ڏاڍو هوشيار هوندو هو. اسان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڄڻ مقابلو هوندو هو. منهنجي هينڊ رائيٽنگ سٺي ڪونه هوندي هئي پر استاد رائچند جي هينڊ رائيٽنگ تمام خوبصورت هوندي هئي. جڏهن لکندو هو ته لڳندو هو ڪا شيءِ ڇپيل هجي. انهيءَ اتساهه ۾ مون پنهنجي هينڊ رائيٽنگ به تمام گهڻي سڌاري. سندس پٽ مون کي هڪ دفعو پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ ان ئي ڪمري ۾ وٺي ويو جيڪو سائين رائچند جو هو، ان زماني ۾ ڪمري کي کُڏ يا ڪوٺي چوندا هئا. سندس کٽ جي پاسي ۾ هڪ ڪٻٽ رکيل هو، جنهن ۾ سندس پسند جا ڪتاب تمام ترتيب سان رکيل هئا. مون کي ان وقت ڪتابن سان گهڻي ڪا دلچسپي ڪونه هئي پر سندس پٽ جواهر انهن ڪتابن مان هڪ تصويرن وارو ڪتاب مون کي ڪڍي ڏنو ۽ هڪ ڊائري ڪڍي ڏني جيڪا هن جي پنهنجي هينڊ رائيٽنگ ۾ لکيل هئي. انهيءَ هينڊ رائيٽنگ کي ڏسندي مون کي اُتساهه مليو ۽ مون هينڊ رائيٽنگ سڌاري ۽ ان تصويرن واري ڪتاب جي ڪري مون کي تصويرن ۾ به دلچسپي پيدا ٿي ۽ پوءِ هڪڙو ٻيو ڪتاب جيڪو ٿورو ڊگهو هو پنهنجي سائيز ۾ اهو به مون کي ڏنائين، جنهن جا پنا بادامي رنگ جا ڳريل هئا، اهو اڳيان پويان ڦاٽل هو. اهو ڪتاب مون کي دلچسپ لڳو ۽ مون جواهر کي چيو ته اهو ڪتاب جيڪڏهن تون مون کي ڏين ته آئون کڻي وڃان ۽ وڃي ان کي پڙهان. ڇو ته ان وقت ۾ شاگردن جي استادن سان گهڻي حجت نه هوندي هئي. جواهر مون کي اهو ڪتاب ڏنو ۽ آئون ور ۾ هڻي گهر کڻي آيس. جڏهن ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ته ڪتاب ڪافي جيئن ته پراڻو ڇپيل هو، منهنجي پيءُ جڏهن مون کان پڇيو ته تون ڇا ٿو پڙهين، ڇو ته رات جو ويهي آئون بتي ٻاري ان کي پڙهندو هئس، جڏهن منهنجي پيءُ اهو ڪتاب ڏٺو ان جا ڪردار ڏٺائين ته چيائين اهو ته “رامائڻ” آهي، ايڏو وڏو ڪتاب تون ڪيئن پڙهي سگهندين. تڏهن ابتدائي درجن ۾ هئاسين، پوءِ اهو ڪتاب مون وٽ ئي رهيو. هاڻي توهان کي ٻڌايان ته چيلهار ۾ وڃڻ کانپوءِ اسان کي رهڻ لاءِ گهر ئي نه پئي مليو اتي گهڻي جيڪا ڪميونٽي هئي اها مهيشوري هئي، جن ۾ ڇوت ڇات گهڻي حد تائين موجود هو ۽ پنهنجن برتن ۾ به ڪنهن کي ڪونه کارائيندا هئا. اسان به ڪاسٽ هندو هئاسين پر جيئن ته هو ويشنو هئا ۽ اسان گوشت واپرائيندا هئاسين، ان ڪري اهو پهرين ئي طئي ٿيل هو ته ويشنو گوشت کائڻ وارن کي پنهنجي برتن ۾ ڪونه کارائيندو. جيئن ته منهنجو پيءُ پوليس ۾ هوندو هو ان ڪري مون کي اتي ماڻهو چانديءَ جي برتن ۾ کائڻ لاءِ ڏيندا هئا. پوءِ منهنجي ذهن ۾ ان ڇوت ڇات جو ڪافي اثر رهيو، منهنجي پيءُ جڏهن جاءِ ڳولهڻ شروع ڪئي ته اسان کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ڪو تيار نه هجي، پوءِ بابا ٿورو کين ڌمڪايو ته هو پنهنجي چڱي مڙس کي وٺي آيا جنهن کي بابا چڱي دير ويهاري ڇڏيو ۽ پوءِ ان ڊپ کان شهر جي مکي اهو فيصلو ڪيو ته “بابا هن کي جاءِ ڏيو نه ته معاملو خراب ٿي ويندو”، پوءِ نيٺ رات تائين اسان کي هڪڙي جاءِ ڏنائون پر چيائون ته اها جاءِ رهڻ جي قابل ڪونهي. رهڻ لائق ان ڪري ڪونه هئي ڇو ته اسان جي وڃڻ کان پهرين انهن ان جاءِ جون ڇتيون ڊاهي ڇڏيون هيون، ان ڪري اها رهڻ لائق نه رهي، پوءِ بابا پوليس جي ماڻهن کي ونگار تي گهرايو جن ڪنڊن جون واڙون ڏيئي مڙئي جاءِ کي رهڻ لائق ٺاهيو ۽ پوءِ اسان ان ۾ رهڻ  شروع ڪيو. اسان جڏهن اتي رهڻ شروع ڪيوسين ته پوءِ اتان جا مهيشوري پهرين واسطي ۾ آيا، پوءِ مالهي، پوءِ سوٽهڙ ۽ حجام ڀرسان رهندا هئا پوءِ انهن اسان جو ٺيڪ ٺاڪ ساٿ ڏنو ۽ اهي مهيشوري واڻيا منهنجا ويجها ساٿي بڻجي ويا. اتي رهڻ جو رواج ائين هو جو هر گهر جي پاڻيءَ جي کوهي ڌار ڌار هوندي هئي ۽ پاڻي گهڻي اوناهي تي ڪونه هوندو هو ٿوري کوٽائيءَ سان پاڻي نڪري ايندو هو. پوءِ اسان به پنهنجي کوهي کوٽرائي ۽ ان جو ئي پاڻي واپرائڻ لڳاسين ۽ ايئن اسان ٻه سال اتي رهياسين. جيڪو توهان جو سوال آهي ته ادبي لاڙي جو پيدا ٿيڻ اهو هو هريچند جو پٽ جواهر ۽ سندس ڏنل اهو ڪتاب، اهي پهريان

محرڪ هئا جن جي ڪري ادب ڏانهن مائل ٿيس.

ڊاڪٽر اشوٿاما: اسان کي پنهنجي باقاعدي پرائمري کان وٺي هائر سيڪنڊري جي تعليم تائين ٿورو ٻڌائيندا؟

ولي رام ولڀ: چيلهار مان منهنجي پيءُ جي بدلي سانگهڙ ٿي وئي ۽ پوءِ اسان وري پنهنجي ڳوٺ مٺي هليا آياسين. ڪجهه خانداني مجبورين جي ڪري مٺي کان ٿورو پر ڀرو وڃي رهياسين. پنجين درجي کان ستين درجي تائين آئون اتي پڙهيس. پڙهائي ۾ آئون سٺو هئس ۽ هميشه سٺيون مارڪون کڻي پهرين نمبرن ۾ پاس ٿيندو هئس. جڏهن آئون چوٿين درجي ۾ پڙهندو هئس ته ڪلاس ۾ منهنجو نمبر ٻئين مان يارهين نمبر تي وڃي پهتو. ڇو ته ان سال منهنجي شادي ڪرائي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو ٿيو جو آئون رات جو بتي ٻاري پنهنجي هڪ ٻئي ڪلاس فيلو پرشوتم جي گهر وڃي پڙهندو هئس. هو مهيشوري هو آلجبرا ۾ ڏاڍو سٺو هوندو هو، اسڪول ۾ پنج ڇهه سئو شاگرد پڙهندا هئا. انهن جي وچ ۾ استادن کي منهنجو نالو ياد هوندو هو ڪي مون کي نالي سان سڏيندا هئا اها منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه آهي. اسڪول ۾ تقريرن جي مقابلن ۾ حصو وٺندو هئس، چوٿين ڪلاس ۾ آئون تقريري مقابلي ۾ پهريون نمبر آيس. 54-1953ع ڌاري مون کي اسڪول ۾ هڪ رپيو انعام مليو، جيڪو اسڪول لاءِ وڏي ڳالهه هو ڇو ته ان وقت ۾ ڪتابن پڙهڻ جو رجحان تمام گهٽ هو. ان هوندي به مون کي ڪتابن پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو. جنهن جي نتيجي ۾ جڏهن ميٽرڪ ۾ سائنس ۽ آرٽس گروپ چونڊڻ جو وقت آيو ته مائٽن کان پڇڻ بنا مون آرٽس گروپ چونڊيو جنهن تي مون کي منهنجي هيڊ ماستر چيو ته تو پنهنجي پيءُ کان صلاح نه ڪئي آهي، پوءِ هن منهنجي پيءُ کي گهرايو ۽ چيائينس ته هي ڇوڪرو پڙهڻ وارو آهي توهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي، پوءِ مون ضد ڪيو ته آرٽس ۾ ئي پڙهندس ڇو ته سائنس ۾ مون کي ڪابه دلچسپي نه هئي. پڙهائي دوران پاٺ شالا ۾ هندي ۽ سنسڪرت به سکيم جيئن ته ٻنهي ٻولين جو اسڪرپٽ ساڳيو آهي ان ڪري سکڻ ۾ ڏکيائي نه لڳي. سنسڪرت سکڻ دوران هڪڙي درويش صفت ماڻهو سان ملاقات ٿي جيڪو روز گردواري ۾ اسان جون ڌرمي ڪلاس به وٺندو هو، پوءِ طبيعت ۾ ڪجهه اهڙو لاڙو پيدا ٿيو جو ان وقت ۾ هڪ شيوا منڊلي جو چيئرمين چونڊجي ويس. جنهن جا اسي کن ميمبر هوندا هئا. ان ماڻهو اسان جي تربيت ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو. اسڪول ۾ پڙهائي سان گڏوگڏ ان قسم جون سرگرميون به اسان جو ڪردار ٺاهينديون رهيون.

ڊاڪٽر اشوٿاما: پرائمري اسڪول ۾ توهان جو ڇوت ڇات وارو تجربو رهيو ان کانپوءِ وري توهان ڌرمي ڪلاسز کان متاثر ٿي هڪ شيوا منڊلي جو حصو بڻجي ويا انهن سڀني شين کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو.

ولي رام ولڀ: ان وقت ۾ جيڪو ماحول هو ان ۾ سوچڻ لاءِ ٻي ڪا ڳالهه هئي ئي ڪانه تنهنڪري جيڪي شيون انسان جي اڳيان هونديون ان ڏانهن ئي ڇڪبو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪي شاگرد هڪ ڪلين سليٽ وانگر يونيورسٽين تائين پهچي ويندا آهن انهن لاءِ به اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ته هو ڇا ڪن. ڪهڙي پارٽي ۾ وڃن، پوءِ انهن کي جيڪو ماڻهو پهرين ملندو آهي ان جي اثر ۾ اچي ويندا آهن. ان وقت ۾ مٺي ۾ سواءِ مندر ۾ وڃڻ ۽ پوڄا پاٺ ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه هئي ڪانه. البته اسڪول ۾ مختلف موضوعن تي تقريري مقابلن لاءِ تياري ڪرائي ويندي هئي، ان لاءِ به گهڻو ڪري اسين پاڻ شاگرد موضوع ڳوليندا هئاسين. اسڪول کان گهر، گهر کان اسڪول هوندو هو. حيدرآباد ۾ اچي سچل سرمست ڪاليج ۾ داخلا ورتم، اهو به ايئن سمجهو ته غيرحاضر رهي پڙهياسين. ان وقت ۾ ميرپورخاص ۾ نوڪري به ڪندو هئس ۽ گڏوگڏ پڙهائي به هلندي هئي. امتحان ڏيڻ لاءِ بي. اي پارٽ-II ۾ تمام گهٽ ڪلاس اٽينڊ ڪيم، بس گهڻو ڪري امتحان ڏيڻ ايندو هئس. البته جڏهن مون ايم. اي سنڌي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ته ان وقت ۾ ميرپورخاص کان ريل ۾ روز شام جو اچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪندا هئاسين جنهن ۾ ڪجهه ڪلاس نڪري ويندا هئا ته ڪجهه اٽينڊ ڪندا هئاسين. جڏهن فارم جمع ڪرائڻ جو وقت آيو ته الانا صاحب منهنجو فارم رد ڪري ڇڏيو، جنهن تي مون کيس منٿ ميڙ ڪرڻ چاهي ۽ چيومانس ته منهنجو سال ضايع ٿي ويندو جنهن تي وراڻيائين “سال ضايع ٿي وڃي ته اڳئين سال اچجين” ۽ منهنجو سال ضايع ٿي ويو ۽ آئون ڏاڍو بد دل ٿي ويس. گريجوئيشن جي دوران مون اردو سبجيڪٽ به کنيو هو. منهنجو خيال هو ته مون کي اردو ڏاڍي سٺي ٿي اچي، اردو ڪتاب ڏاڍا پڙهندو هئس. ان وقت ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان اردو ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هو، جڏهن ان سان امتحان ۾ ويهڻ لاءِ ڳالهه ڪيم ته هن به اهو اچيو ته اڳئين سال اچجين. سليبس جي لسٽ ڏٺم جنهن ۾ ڏيڍ سئو کن ڪتاب شامل هئا، جيڪي سڀ پڙهڻ جا هئا پر مون وٽ ته ڪتاب ئي ڪونه هئا. ان وقت منهنجو دوست سروپ چندر شاد جيڪو سانگهڙ ۾ انگلش جو پروفيسر هو، ان سان ملاقات ٿي مون کي سڄي ڳالهه ٻڌائي هن مون کي سندس ڪاليج ۾ اچڻ لاءِ چيو ۽ دل وڏي ڪري هن مون کي 108 ڪتاب ٿيلهي ۾ وجهي ڏنا جيڪي آئون کڻي آيس ۽ اچي پڙهڻ شروع ڪيم. انهيءَ دوران منهنجي واقفيت پروفيسر ڪريم الدين احمد سان ٿي جيڪو سچل ڪاليج ۾ اردو پڙهائيندو هو. ان منهنجي تمام گهڻي همت وڌرائي ۽ سندس معرفت منهنجو واسطو ڊاڪٽر غلامصطفيٰ خان سان به ٿيو. بهرحال پوءِ مون امتحان ته ڏنو پر منهنجو رزلٽ سٺو نه اچي سگهيو ۽ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيم. ان جو اثر اهو ٿيو ته مون کي ڪا چڱي نوڪري نه ملي سگهي، ان وقت ۾ آئون ٻيلي کاتي ۾ چيف ڪنزرويٽو آفيسر جي عهدي تي ڪم ڪندو هئس. ان وقت ۾ مون تمام گهڻا ڪتاب پڙهيا ۽ اديب دوستن سان ملاقاتون ٿيون.

منظور ٿهيم: سائين توهان جو چيلهار کان وٺي مٺي تائين جيڪو سفر رهيو ان ۾ ڪهڙا ماڻهو توهان سان مليا ۽ جن جو توهان جي زندگي تي اثر رهيو ۽ انهن سان گفتگو جا ڪهڙا موضوع هئا.

ولي رام ولڀ: اسڪول ۾ سواءِ درسي ڪتابن جي ڪي خاص ڪتاب ڪونه پڙهيم انهن درسي موضوعن تي تقريرن لاءِ ۽ مضمون لکڻ لاءِ تياري جو موقعو ملندو هو. جڏهن آئون مٺي ۾ پڙهندو هئس ته ضياءُالحق چوڌري نالي لاهور جي اسلاميه ڪاليج مان پڙهيل هڪ استاد اتي مقرر ٿيو. جيڪو اسان کي اردو سان گڏوگڏ انگريزي لٽريچر به پڙهائيندو هو ۽ مختلف ڪتاب پڙهڻ جي ترغيب ڏنائين. اسان جي لاءِ پاڻ ڪتاب وٺي ايندو هو اسان کي ڏيندو هو پر ڪنهن قسم جي خيالن جي ڏي وٺ جو سلسلو ڪونه هوندو هو، اسڪول ۾ اسان دوستن جو هڪ خاص ٽولو هوندو هو جيڪي ڪتاب پڙهندا هئاسين هڪٻيئ سان ان جي ڏي وٺ ڪندا هئاسين. جنهن ۾ گهڻو ڪري جاسوسي ناولن جا ترجما هوندا هئا اهي شوق سان پڙهندا هئاسين. جيئن راءِ مرڪيو، ايملا ڪارٽر جيڪي جاسوسي ناولن جا مکيه ڪردار هوندا هئا، ڪتابن جا نالا هوندا هئا قاتل حسينه، انهن ۾ وري پٺيان قتل جو ذڪر لکيل هوندو هو تمام شوق سان پڙهندا هئاسين. باقي لائبريرين ۾ اسان جي عمر جي حساب سان ڪي گهڻا ڪتاب موجود نه هئا، وڏا وڏا ڪتاب اهڙا هئا جو انهن ۾ هٿ وجهڻ جي ست نه ساري سگهندا هئاسين.

منظور ٿهيم: ان وقت ۾ هن سڄي خطي جي اندر انگريزن جي خلاف جيڪي سياسي تحريڪون هليون انهن کي توهان اسٽڊي ڪيو پئي ڏٺو پئي يا انهن جو حصو به بڻجا؟

ولي رام ولڀ: اسان ان وقت ۾ جنرل ڪتاب پڙهندا هئاسين ان ۾ خاص ڪري انگريزي آئوٽ لُڪ ڪونه هوندو هو، هڪڙا محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جا لکيل ڪتاب هوندا هئا اهي گهڻو ڪري اسلامي موضوعن تي لکيل هئا جيڪي ٻيا ڪتاب اسان پنهنجي ڪوششن سان هٿ ڪري پڙهندا هئاسين، اهي هئا هندن جي پٺڀرائي ڪرڻ وارا ڪتاب اهي ڪافي ڪتاب پڙهيم. اهو به توهان کي ٻڌايان ته ان وقت ۾ ٽئگور سنڌي ۾ مڪمل طور تي ترجمو ٿي ڇپجي چڪو هو. شرف چندر پڙهيوسين، گجراتي ڪتابن جا ٿيل ترجما پڙهياسين، شارٽ اسٽوريز پڙهيوسين پر انهن سڀني ڪتابن کي پڙهڻ کانپوءِ به اسان جي سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ڪا گهڻي ٿي نه سگهي. سنڌي ادب ۾ ان وقت ۾ رتن ساهتهءِ مالها جيڪو مون کي هن وقت ياد آهي ڇپجندو هو، ٻيا به ڪيترائي سلسلا ڇپجندا هئا.

منظور ٿهيم: ان وقت ٻه شخصيتون حشو ڪيول راماڻي ۽ گوبند مالهي سنڌ جون ٻه ڏاڍيون متحرڪ هستيون هيون ڇا توهان جي انهن سان ان وقت ۾ ملاقات ٿي هئي.

ولي رام ولڀ: نه ان وقت ۾ ته نه ٿي پر پوءِ جڏهن هو هندستان کان هتي آيا ته پوءِ ٿي هئي. حشو ڪيول راماڻي ته پوءِ غائب ٿي ويو، گوبند جا ٻه ڪتاب ورهاڱي کانپوءِ جا ڇپيل آهن، جنهن ۾ وطن کان وڇڙي وڃڻ جو درد هن جي ناولن ۾ موجود آهي.

منظور ٿهيم: ورهاڱي واري صورتحال ۾ توهان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ڏٺو؟

ولي رام ولڀ: اصل ڳالهه اها آهي ته ان وقت ۾ آئون ايترو پختا ذهن ئي ڪونه هئس. اسان جي رهائش شهرن کان دور دراز هئي، ڪتاب شهرن ۾ ڇپجندا ۽ پڙهبا هئا. اسان جي ذهني سطح اها هئي جو اسان ڪابه سياسي راءِ قائم ڪرڻ جهڙا نه هئاسين.

منظور ٿهيم: ڇا اهو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو دور آهي؟

ولي رام ولڀ: ڪامريڊ اسان کان ٿورو سينئر هو، هو بنگال کان هتي آيو ۽ انڊر گرائونڊ ٿي ويو. حڪومت ساڻس ٺاهه ۾ نه هئي. منهنجي ساڻس ملاقات ڪافي عرصي کانپوءِ ٿي، هو اڪثر هتي ايندو هو مون وٽ اچي ترسندو هو. اسان به وڃي وٽس ترسندا هئاسين.

ڊاڪٽر اشوٿاما: سائين توهان گريجوئيشن ڪري ان کانپوءِ لاڳيتيون ٽي، ايم. اي ڪيون ۽ ان کانپوءِ قانون جي ڊگري به حاصل ڪئي ان جي باوجود به سياسي يا سماجي تحريڪون توهان کي گهڻو متاثر نه ڪري سگهيون ان ايڏي ڊگهي عرصي تائين پنهنجو پاڻ کي توهان انهن سڀني شين کان ڪيئن پري رکيو.

ولي رام ولڀ: ها توهان ڏاڍو تُز سوال پڇيو آهي، مٺيءَ ۾ اسڪول اهڙي ريموٽ ايريا ۾ هو جو اتي ڪا تنظيم يا اهڙي ڪا تحريڪ هئي ڪونه. اصل ۾ مون 1964ع ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. گريجوئيشن کانپوءِ جلدي حيدرآباد اچي ويس ۽ منهنجو واسطو سنڌي ادبي حلڪي سان جڙي ويو، سهڻي رسالي ۽ طارق اشرف سان به منهنجو واسطو رهيو ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن جو محرڪ به رهيس. منهنجي ان وقت جي شايد اها مجبوري هئي جو آئون هڪ اهڙي نوڪري ۾ هئس جو چوويهه ڪلاڪ ان کي ڏسڻو پوندو هو ۽ منهنجا جيڪي ساٿي اتي هئا اهي ڪي گهڻا پڙهيل لکيل ڪونه هئا ۽ نه ئي ان کاتي ۾ گهڻين وڏين ڊگرين جي ضرورت هئي. مون کي ان وقت ۾ جيڪو گهڻو فڪر هو پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جو رهندو هو. مون پنهنجن ٽنهي ٻارن کي ماڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو، منهنجي هڪ ڌيءَ ڊاڪٽر آهي، ٻي ڌيءَ فزڪس ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ منهنجي پٽ سوشل سائنسز ۾ آسٽريليا مان پي ايڇ ڊي ڪئي.

منظور ٿهيم: سائين توهان جو پروگريسو ادب طرف رجحان ڪيئن پيدا ٿيو جو توهان اينا ڪرينا (ليو ٽالسٽاءِ) کان وٺي سيتا هرڻ (قرت العين حيدر) ۽ ڪرشن چندر جو “غدار” ترجمو ڪيا.

ولي رام ولڀ: جيئن ته ترقي پسند اديبن سان اٿهه ويهه هئي. ان سان گڏوگڏ جيڪو مواد مون پڙهيو ان ۾ هندي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي جيڪي پڙهيم طبيعتن مون کي اهو ئي پسند آيو ۽ مون ان کي ئي ترجمو ڪيو. مون 1963ع ۾ ڪرشن چندر جو لکيل ناول “غدار” پڙهيم جيڪو ورهاڱي جي موضوع تي لکيو آهي. جنهن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ مون ان کي بروقت ترجمو ڪيو. ان وقت ۾ آئون کپري ۾ رهندو هئس، اتي ڇپائي جا به گهڻا انتظام ڪونه هئا. پوءِ جڏهن حيدرآباد بدلي ٿي آيس ته طارق اشرف سان ملاقات ٿي. اسان جا گهر ويجها هوندا هئا، امر جليل به پاڙيسري هو. ڪتاب جو مهاڳ امر جليل کي لکڻ لاءِ چيم ۽ امر جليل مهاڳ لکي ڏنو. منهنجي خواهش ٿي ته آئون اهو ڪتاب شيخ اياز کي ارپنا ڪريان، اها صلاح وري مون طارق اشرف سان ڪئي، طارق اشرف جو ان زماني ۾ شيخ اياز ۽ امر جليل ٻنهي سان ٺاهه ڪونه هو. مون اهو ڪتاب طارق اشرف کي ڇپجڻ لاءِ ڏنو ۽ طارق اشرف اهو مهاڳ ڇاپڻ لاءِ بنهه تيار ڪونه هو. پوءِ مون هڪڙو خط سنئون سڌو رشيد ڀٽي کي لکيو، جنهن ۾ مون کيس ٻڌايو ته هي ڪتاب آئون شيخ اياز کي ارپنا ڪرڻ ٿو چاهيان، جنهن جو ڪوبه جواب ئي نه آيو. اسان جي ذهن ۾ طارق اشرف به هڪڙي ڳالهه وڌي هئي ۽ عام طور تي به چيو ويندو هو ته شيخ اياز جهڙي تهڙي ماڻهو کي جواب ئي ڪونه ڏيندو آهي، پوءِ منهنجي به ذهن مان اها ڳالهه نڪري وئي. پوءِ گهڻي عرصي کانپوءِ هڪڙي ڏينهن طارق اشرف مون کي هڪ پنو آڻي ڏنو جيڪو رشيد ڀٽي جو لکيل هو ۽ ان ۾ جواب ڏنل هو ته مون شيخ اياز کان پڇيو آهي ته کيس ان ارپنا تي ڪوبه اعتراض ڪونهي، جيڪو ٻارهن سالن کانپوءِ طارق اشرف مون کي ڪاغذن مان ڪڍي ڏنو. مون کي خبر آهي ته ايڊيٽر ڪيئن اهڙا پنا لڪائي به ڇڏيندا آهن ته وري وقت تي پڌرو به ڪندا آهن. بس پوءِ اهو ڪتاب ته رهجي ويو پر پوءِ ان ڪتاب جا چار ايڊيشن ڇپجا پوءِ به وري ڪيترن دوستن ان کي ترجمو ڪري مارڪيٽ ۾ آندو ۽ اڃان به الائي ڪيترا دفعا آڻيندا. منهنجو ترجمو ٿيل ته پنهنجي جاءِ تي پر جيئن ته امر جليل ان تي مهاڳ لکيو هو ان ڪري هن پنهنجي مارڪيٽ ٺاهي. توهان سمجهو ٿا ته چار ڇاپا ان ڪتاب جا اچي چڪا آهن جيڪا معمولي ڳالهه نه آهي.

منظور ٿهيم: لڏپلاڻ جي وقت ڇا توهان کي محسوس ٿيو ته آئون به هتان لڏي وڃان؟

ولي رام ولڀ: لڏپلاڻ وقت ته آئون بلڪل ننڍو هئس پر 70-1965ع وارين جنگين جي دوران مون کي ڪيترائي دفعا خيال آيو ته لڏي وڃجي ها. پر جيئن ته منهنجا ٻار، منهنجي فيملي اهي سڀ هتي مطمئن هئا ۽ منهنجو سڄو زندگي جو پسمنظر دوست، احباب، ادبي حلقو، هتان جو ڪلچر جنهن سان منهنجو گهرو لاڳاپو آهي انهن کي ڇڏي وڃڻ آسان ڪونه هو، اتي وڃي آئون ڇا ڪريان ها.

ڊاڪٽر اشوٿاما: جيڪو توهان جو ادبي دور رهيو جنهن ۾ توهان رسالن ۾ لکيو، ايڊٽ ڪيو ان وقت ۾ سنڌ ۾ تنقيد يا موضوعاتي حوالي سان ڪهڙي قسم جا بحث هلندا هئا؟

ولي رام ولڀ: سنڌ جي ادبي حلقن ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جا مسئلا ۽ انهن مسئلن کي سامهون رکي سنڌي لٽريچر ڪيئن لکيو وڃي عام بحث هو. ان قسم جا موضوع مختلف ليکڪن پنهنجين ڪهاڻين ۽ ليکن ذريعي ڪنهن مخصوص فريم ورڪ ۾ رکي لکيون پئي. هتان جيڪي هندو ليکڪ لڏي ويا سندن ڪهاڻين ۽ لکڻين ۾ سندن تڪليفن جو عڪس نظر آيو پئي. گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ هاڻي اهو سڄو رومانٽسزم آهي. هاڻي اتان جا هندو اسان کي اهو ئي ٿا چون ته توهان هتي چڱا آهيو پاڪستان جي جنهن حصي سنڌ ۾ توهان رهو ٿا اها توهان جي اوسر لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. اتان جي سنڌي هندن جو خيال آهي ته جيڪي پٺيان رهجي ويا آهن انهن کي سنڌ ۾ ئي رهڻ کپي ۽ اتي ئي پنهنجي بهتر مستقبل جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ کپي ڇو ته انڊيا ۾ آباد ٿيڻ ايترو سولو ڪونهي. هري موٽواڻي جڏهن زنده هو هتي ايندو رهندو هو ۽ جڏهن آئون پاڻ به انڊيا ويو هئس ته اتي هيري ٺڪر ۽ ڪافي ماڻهن کان پڇيم انهن مون کي اها ئي صلاح ڏني ته آئون انڊيا نه وڃان ڇو ته نه آئون واپار ڪري سگهان ها نه ئي ڪو ٻيو ڌنڌو. هڪ دفعو اتي هڪ اداري جي سربراهي لاءِ مون کي آڇ ٿي پر مون وڃڻ مناسب نه سمجهيو.

زاهده ابڙو: سر توهان جي تصنيف ٿيل ڪتابن مان ڪهڙا ڪتاب آهن جيڪي نمايان طور تي ياد ڪري سگهجن ٿا؟

ولي رام ولڀ: جيڪڏهن توهان ڏسندوَ ته منهنجا پنهنجا لکيل ڪتاب تمام نالي ماتر آهن ۽ ان ۾ ڪو خاص اهڙو موضوع ڪونهي مون ڪو ناول ڪونه لکيو صرف ڇهه شارٽ اسٽوريز لکيم ان جو به هڪڙو پسمنظر آهي ته ڇو لکيم ۽ ڇو لکڻ بند ڪيم. مون کي لکندي لکندي احساس ٿيو ته مان سٺيون ڪهاڻيون نه لکي رهيو آهيان ۽ ان شيءِ مون کان لکڻ ڇڏايو. ان وقت ۾ جيڪي سنڌي ڪهاڻيڪار هئا ناول نگار ته هو ئي ڪونه. جيئن امر جليل، نسيم کرل، آغا سليم، مهتاب محبوب انهن جون ڪهاڻيون اينديون هيون انهن سڀني جون ڪهاڻيون قومپرستي جي موضوع تي لکيل هيون. ايئن لڳندو هو ته مقابلي ۾ رکڻ جي لاءِ لکيو پيو وڃي. ان موضوع تي تمام وڏي چٽا ڀيٽي هئي ماڻهن کي “سهڻي” ۽ “روح رهاڻ” جو انتظار هوندو هو پر انهن جي مقابلي ۾ منهنجون لکيل ڪهاڻيون خانداني پسمنظر ۽ سماجي مسئلن تي لکيل هيون. قومپرستي جو موضوع تمام گهڻو گرم هو ۽ شوق سان پڙهيو ويندو هو، جيڪي ادبي ۽ ذاتي سرگرميون ٿينديون هيون اهي سڀ انهيءَ پسمنظر ۾ ئي ٿينديون هيون. دوست گڏجندا هئا ته پاڻ ۾ انهن ڪهاڻين تي ئي بحث مباحثا ڪندا هئا. بس پوءِ اهڙي ماحول ۾ آئون وڌيڪ لکي ڪونه سگهيس. مون ادب جي ٻئي پاسي ضرور لکيو آهي جنهن ۾ مختلف ڪتابن جا مهاڳ، اديبن جا پروفائل ۽ ان کان علاوه تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن، ڪيترن ئي سنڌي رسالن کي ايڊٽ به ڪيو آهي، جن ۾ ماهوار سهڻي، عالمي ادب (ظفر حسن سان گڏ 1978ع ۾)، آرسي پبليڪيشن، عبرت مخزن، ڇهه ماهي سنڌي ادب، سنڌ الاجي جا پنج شمارا، سنڌ الاجي نيوز ليٽر، ماهوار پريم ساگر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن تي پنهنجا رايا لکيا آهن.

زاهده ابڙو: توهان جي ڪم تي توهان کي هيستائين ڪا مڃتا ملي آهي؟

ولي رام ولڀ: مون کي ڪافي ايوارڊ ۽ مڃتائون ملي چڪيون آهن جنهن جي لسٽ تمام گهڻي ڊگهي آهي پر ان ۾ خاص غفار قليچ ايوارڊ آگم پبليڪيشن جي طرفان، بُڪ ڊزائيننگ نيشنل ورڪشاپ، نيشنل بُڪ ڪائونسل آف پاڪستان منسٽري آف ايڊيوڪيشن طرفان، سلور ميڊل ايم اي ماس ڪميونيڪيشن، سنڌي ادبي سنگت پاران مرزا قليچ بيگ ايوارڊ، سوجهرو ايوارڊ، پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ حيدرآباد، هندو پنچائت، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ترجمي جي مڃتا ۾ ملي چڪو آهي، سنڌي ادب نيشنل ايوارڊ، اکر ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جئيپور مون کي پنجويهه هزار رپين جو ايوارڊ ڏنو، شريمتي پشپا ديوي ڀاسا نند راجواڻي ايوارڊ جئيپور، سنڌ لينگويج اٿارٽي حيدرآباد پاران ڇٽاڀيٽي ۾ پهريون نمبر انعام، پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪرڻ تي مليو. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

منظور ٿهيم: عام طور تي اهو خيال آهي ته ترجما اتان جي مقامي ادب جي واڌ ويجهه ۾ رنڊڪ ٿين ٿا، ڇا توهان ان ڳالهه سان سهمت آهيو.

ولي رام ولڀ: آئون سمجهان ٿو ته اهي ٻئي هڪٻئي کي                  سهارو ڏين ٿا جيڪو ماڻهو ٻاهريون ادب نٿو پڙهي يا ان کان انڪار ٿو ڪري ته ان وٽ لکڻ جا نوان رجحان وڌي ويجهي نٿا سگهن. جيڪي ٻاهريون ادب ترجمو ڪري سگهن ٿا اهي ضرور ترجمو ڪن ۽ اوريجنل لکڻ وارا پنهنجي انداز ۾ لکندا رهن. ان طرح ٻاهرين ادب جون خاصيتون آهستي آهستي لوڪل ادب ۾ سرائيت ڪري وينديون.

منظور ٿهيم: ڇا توهان سمجهو ٿا ته ترجمن جو ڪم باقائدگيءَ سان ٿيڻ کپي ڇو ته سنڌي ادب کي به اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان کي آفاقي حيثيت ملي سگهي. جيئن دنيا سعدي ۽ عمر خيام کي پڙهي ٿي ڇا اڳتي هلي سنڌي ادب به اها  حيثيت ماڻي سگهي ٿو.

ولي رام ولڀ: جيڪڏهن اسان وٽ ترجمي ڪرڻ لاءِ باقائدي ادارا هجن ته لکڻ وارا اديب پوءِ ترجمو ڇو ڪن ها. اهي ته پوءِ پنهنجو لکڻ جو ڪم ڪندا. جيئن مون ڪجهه ناول ۽ ڪجهه شارٽ اسٽوريز جا ترجما ڪيا آهن. ادارا هوندا ته اتي باقائدي ترجمي ڪرڻ جا ماهر موجود هوندا انهن ادارن وٽ ڪتابن جون لسٽون هونديون ته ڪهڙا ڪتاب ترجمو ڪرڻا آهن. هن دور ۾ کڻي اهي ڪتاب نه به پڙهيا وڃن پر اڳتي هلي ضرور انهن ڪتابن ۽ ترجمن کي پڙهيو ويندو. اسان اڄ به ورهاڱي کان پهرين واري ادب کي شوق سان پڙهون ٿا. ٽيگور ۽ ڪرشن چندر جي ترجمي ٿيل ڪتابن کي اڄ به شوق سان پڙهيو وڃي. اسان جي سنڌي اديب وٽ اڃان به اها صلاحيت نه آهي ته هو پنهنجي حالتن کي تفصيل سان بيان ڪري سگهي. ان جي جاءِ تي روسي ادب کي توهان ڏسو ته ناول تمام ٿلها ۽ بهترين لکيل آهن. زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي جنهن طريقي سان انهن اجاگر ڪيو آهي اها اڃان اسان جي اديب جي وس جي ڳالهه نه آهي. مون هڪ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ وارن کي ترجمو ڪري ڏنو جنهن کي ڇهه سال ٿي ويا آهن جنهن جا هنن پنا ئي وڃائي ڇڏيا آهن.

ڊاڪٽر اشوٿاما: ٻاهرين ادب مان جيڪي سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن توهان انهن جي معيار کي ڪيئن ٿا ڏسو ڇا اهي سڀئي پيرا ميٽرز جيڪي ترجمو ڪرڻ لاءِ ضروري هوندا آهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ان تي پورو لهن ٿا.

ولي رام ولڀ: پهرين ته ڪتاب ترجمو ٿيڻ کپن، ترجما اسان وٽ تمام گهٽ ٿا ٿين معيار ته پوءِ جي ڳالهه آهي. هيستائين جيڪو به ڪم ٿيو آهي تمام سٺو ٿيو آهي پر اهو سڄو ڪم ليکڪن ذاتي طور تي ترجمو ڪيو آهي. ان لاءِ ادارن طرفان ڪوبه پروجيڪٽ شروع ناهي ڪيو ويو. جيڪڏهن پروجيڪٽ ملندا ته وڌيڪ بهتر ڪم ٿي سگهي ٿو. ڪنهن سسٽم ۾ جيڪڏهن اهو ڪم ٿيندو ته ترجمي ڪندڙ کي ڪجهه مالي فائدا به ملي سگهن ٿا، جيڪي ليکڪ ترجمو ڪن ٿا اهي پاڻ مڃن ٿا ته اهي ترجما نگار ناهن پر ٿورو طبيعت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هو ترجما به ڪن ٿا. ترجمي ڪرڻ سان ماڻهن جا چهرا ته تبديل نٿا ٿين پر قومن جا مزاج تبديل ٿيو وڃن. ٽيگور جا ڪيترائي ڪتاب ورهاڱي کان پهرين سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا هئا. چندر جا ناول به ترجما ٿي چڪا هئا. انهن ڪتابن جو ڪو بروقت اثر نٿو ڏسجي ته ڪا ان ۾ تبديلي آئي. ٿيو ايئن جو هتي جيڪو ناول جو خال هو اهو بروقت انهن ڪونه ڀريو پر جڏهن اهي ڪتاب هتان جي هندن پڙهيا. ٿيو ايئن جو جيڪو بنگال جو ڪلچر هو اهو سنڌي هندو پنهنجي سوسائٽي ۾ متعارف ڪرايو. پوءِ انهن سنڌي ليکڪن اهڙا ته سهڻا ڪتاب لکيا جو شڪ ٿو ٿئي ته ڪنهن بنگالي ليکڪ جا لکيل هجن. ترجمو ٿيل ڪتابن جو ڪوبه ڇيد نه ڪيو ويو ته انهن ڪتابن جي ترجمي ٿيڻ کانپوءِ سماج تي ان جا ڪهڙا اثر پيا يا ٻنهي سماجن ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي.

زاهده ابڙو: سر توهان ترجمو ڪرڻ کان پهرين دنيا جي مختلف ٻولين جو ادب پڙهيو آهي جنهن ۾ روسي، فرانسيسي، انگريزي ادب شامل آهي ترجمي دوران توهان کي ڪهڙي ملڪ جي ادب سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو.

ولي رام ولڀ: مون ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب کي ترتيبوار نه پڙهيو آهي جيڪا شيءِ مون کي سٺي لڳي ان کي پڙهيم. ان ڪري آئون پاڻ به ان ڳالهه جو تجزيو نه پيو ڪري سگهان ته آخر ڪهڙيون ڳالهيون هيون جن جي ڪري مون انهن ڪتابن کي چونڊيو ۽ ترجمو ڪيو. منهنجا سڀ ترجمو ٿيل ڪتاب اڄ به مون کي تمام گهڻو پسند آهن. منهنجو خيال آهي ته برصغير ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ادب تي نوبيل پرائز ملڻ گهرجي ها ته اهو ڪرشن چندر هو. ڪرشن چندر منهنجو پسنديده ليکڪ آهي.

ڊاڪٽر اشوٿاما: سائين توهان جا جيڪي ترجمو ٿيل ڪتاب آهن اهي يا ته لٽريچر جا آهن يا وري سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل ادب آهي پر جيڪي ٻيا ٽيڪنيڪل شعبا آهن ۽ زندگي جي ٻين موضوعن تي جيڪي ڪتاب لکيل آهن اهي سنڌي ۾ ترجمو نه ٿيا آهن ان جو ڇا سبب آهي.

ولي رام ولڀ: ان کي ته ڳولڻ جي ضرورت آهي ته ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪتاب ترجمو ٿيا آهن. جيئن ته آئون ادب سان لاڳاپيل هئس ان ڪري منهنجي ته ڳولها ئي اها هئي ته شارٽ اسٽوريز ترجمو ڪريان يا ناول ترجمو ڪريان. ڪجهه ڪتاب اهڙا هئا جن کي مون ترجمو ڪرڻ چاهيو هو انهن جا هڪ يا ٻه باب ترجمو ڪري سگهيس ان کان وڌيڪ آئون ترجمو نه ڪري سگهيس. مون کان جيڪڏهن ڪنهن رسالي يا اخبار جي گهر هوندي هئي ته هڪ اسٽوري لکي ڏيان يا ترجمو ڪري ڏيان ان کان وڌيڪ نه هئي. ڪو وڏو ڪم ته هو ئي ڪونه جنهن جو ڪريڊٽ کڻجي.

منظور ٿهيم: توهان جي ترجمي ڪرڻ وارو جذبو هاڻي ٻئي هنڌ ڪٿي نظر نه پيو اچي ۽ مقامي ادب جي اوسر به سست پئي نظر اچي ان صورتحال ۾ ادارن ۽ ليکڪن کي ڪهڙي صلاح ڏيندا.

ولي رام ولڀ: اسان جا ادارا ۽ انهن جا سربراهه جيڪي دانشور آهن انهن کي اها سڌ ئي ڪونهي ته ان ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو، جيئن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌ الاجي اهي ٽئي ادبي ادارا انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجن ادارن اندر اهڙا شعبا ٺاهين جيڪي باقائدي ترجما ڪرائين. شيخ اياز جي وقت ۾ هن سنڌ الاجي جي لاءِ 100 ڪتابن جي لسٽ ٺهرائي جن کي ترجمو ڪرائڻو هو پر اهو ڪم نه ٿي سگهيو. ان کانپوءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي به اهو ئي ڪم ڪرڻو هو پر اتي به اهو ڪم نه ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سائين جويو صاحب جي وقت ۾ هن ترجما ڪيا پر ان ۾ ناولن کي يا شارٽ اسٽوريز کي هن هٿ ڪونه لاٿو. اصل ۾ ڪم ايئن ٿيڻ کپي جيڪو اڄ به ٿي سگهي ٿو ته هڪ باقائدي ٽرانسليشن بيورو هجڻ گهرجي جنهن ۾ مختلف موضوعن تي شعبا هجڻ گهرجن جنهن ۾ انهن جا ماهر متعين ڪيا وڃن. جيئن مرتضيٰ ڌاريجو سائنس جا ڪتاب ترجمو ڪري سگهي ٿو. اهڙي طريقي سان ماهرن کي اهو ڪم سونپيو وڃي، انهن کي سربراهه ٺاهي انهن کان ئي مختلف ڪتابن جي لسٽ ٺهرائي وڃي ته ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ گهرج مطابق ترجمو ٿيڻ کپن جيڪي اڳتي هلي مختلف موضوعن تي اسان جي پڙهندڙن جي رهنمائي ڪري سگهن. اسان وٽ ادارا ٺهڻ وقت مقصد کي پٺيان ڌڪي ڇڏيندا آهيون ۽ صرف اسان جو ڌيان نوڪرين تي هوندو آهي. جنهن سان ادارن جو مقصد فوت ٿيو وڃي ۽ پوءِ آخر ۾ ادارو ئي فوت ٿيو وڃي. ادبيات جنهن جو سربراهه هينئر قاسم ٻگهيو آهي اهي هر سال مختلف موضوعن تي ڪتاب ترجما ڪرائين پيا ۽ اداري جون شاخون به کلي رهيون آهن، سٺن ڪتابن کي هر سال ايوارڊ به ڏين ٿا. ادارن کلڻ سان نوڪرين جي ورهاست کان پهرين ان جي مقصد کي ضرور اڳيان رکي نوڪريون ڏنيون وڃن. اسان جي ادارن ۾ مقصد کي اڳيان رکڻ واري نظر اڃان تائين نظر نٿي اچي. ترجمي لاءِ باقائدي هڪ الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي جنهن جا الڳ فنڊ مقرر ڪيا وڃن ٻئي ڪنهن اداري اندر جيڪڏهن ان کي قائم ڪيو ويندو ته اهو هلي ڪونه سگهندو.

منظور ٿهيم: عام طور تي هر ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن فڪر کان متاثر هوندو آهي ان جي لکڻين ۾ اهو تصور ۽ نظريو موجود هوندو آهي. توهان جيڪو به لکيو آهي ۽ ترجمو ڪيو آهي ان تي ڪهڙو فڪر حاوي رهيو آهي.

ولي رام ولڀ: مون جيڪو به ادب ترجمو ڪيو آهي اهو پنهنجي پسند سان ڪيو آهي. ان ۾ ڪوبه خاص نظريو ۽ فڪر اڳيان رکي نه ڪيو آهي. هاڻي اهو پڙهڻ واري جو ڪم آهي ته هو پاڻ فيصلو ڪري ته هو مون کي ڪٿي ٿو بيهاري.

زاهده ابڙو: اسان وٽ ليکڪ ۽ دانشور گهڻو ڪري پنهنجي خاندان کي پنهنجي ڪم جي ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن توهان پنهنجي خاندان کي مضبوطي سان ڪيئن جوڙي رکيو ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي چونڊ ڪنهن ڪئي.

ولي رام ولڀ: آئون شروع کان وٺي “فيملي مين” رهيو آهيان. ان حساب سان منهنجي فيملي منهنجي پهرين ترجيح رهي آهي. اسان وٽ ٻارن کي ڪيريئر جي چونڊ لاءِ تمام محدود چوائس موجود آهي. مقصد اهو هوندو آهي ته ٻار کي اهڙي تعليم ڏيارجي جنهن سان هن کي روزگار ۽ عزت حاصل ٿي سگهي. ڇوڪرين وٽ ان وقت ۾ ٻه آپشن هئا يا ته ڊاڪٽر ٿين يا پوءِ تدريس جي شعبي ۾ وڃن. ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ ڇوڪرين کي تمام گهڻو عزت ۽ احترام سان ڏٺو ٿو وڃي. ڇوڪرين وٽ هن وقت به تمام محدود شعبا آهن.

زاهده ابڙو: توهان جي هڪ نياڻي سٺي شاعره به آهي سندس شاعري ڏانهن راغب ٿيڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟

ولي رام ولڀ: سندس شاعري ۾ منهنجي ڪابه ڪوشش شامل ڪونهي پر گهر جي ادبي ماحول کيس ان طرف راغب ڪيو.

منظور ٿهيم: سائين هر انسان جي دل ۾ ڪجهه خواهشون هونديون آهن ڇا توهان جي ڪا اهڙي خواهش آهي جيڪا اڻپوري رهجي وئي هجي؟

ولي رام ولڀ: هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي (مسڪرائيندي). ڪيتريون ئي خواهشون رهجي وينديون آهن منهنجي به خواهش هئي ته مان هڪ استاد ٿيان ها. چيلهار ۾ رائچند منهنجو آئيڊيل استاد هو آئون اڄ به جڏهن سندس نالو وٺان ٿو ته منهنجو ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي. جنهن جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو هڪ ڪلاسيڪي استاد هو، تمام گهڻو اصول پرست هو، سندس شخصيت ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. سندس پٽڪو هميشه ساڳئي انداز سان ٻڌل هوندو هو، پاڻ ميگهواڙ هو ان وقت ۾ ميگهواڙن لاءِ سماج ۾ تمام گهڻي اڻبرابري هئي پر هو جڏهن اسان جي گهر ايندو هو ته منهنجو پيءُ هن کي عزت سان ويهاريندو هو ۽ منهنجي پيءُ جو اهو رويو منهنجي لاءِ برابري واري سوچ جو احساس کڻي آيو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments