يار به تيلي، سينڌ به اڻڀي…
الطاف شيخ جو سفر نامو
نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)
يار به تيلي، سينڌ به اڻڀي…
الطاف شيخ
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سياري جي موسم ۾ لاڙڪاڻي جي ٻهراڙي وارو علائقو يورپ جو ڏيک ڏئي ٿو. چوڌاري ساوڪ ۽ صاف هوا… پاڻي جا دٻا ۽ ڍنڍون… انهن مٿان لهندڙ سفيد رنگ جا ڪَنگ… بس جڏهن ڪو ڳوٺ ٿي آيو ته ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏڪندڙ ٻارن کي ڏسي سنڌ جو گمان ٿي ٿيو ته اهڙي غربت سنڌ کي ئي ورثي ۾ ملي آهي ۽ سنڌ هن نئين صدي جي ٻئي ڏهي ۾ پهچي به مليريا، ٽائيفائيڊ ۽ پوليو جهڙن بيمارين سان گڏ بيروزگاري، بک ۽ بدحاليءَ مان پاڻ کي آجو نه ڪرائي سگهي آهي.
مون کي لاڙڪاڻي شهر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر هن شهر جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. گهڻو اڳ 1987ع ۾ آئون پنهنجي پاسي (هالا، سڪرنڊ) کان درياهه ٽپي سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سَن ڏسڻ ويو هئس. ان کان اڳ وارا 20 سالَ آئون يورپ ۾ گذاري آيو هئس. پولنڊ، يوگوسلاويا، رومانيا، بلغاريا ۽ البانيا جهڙا ملڪ به هاڻ پيرن تي بيهي ويا هئا. تعليم ۽ ٽيڪنيڪل انقلاب اهڙن پٺتي پيل ملڪن کي ترقيءَ جي مٿانهين منزلن تي پهچائي ڇڏيو هو. منهنجي هم عمر ۽ مون وانگر ملڪ ملڪ ويندڙن کان پڇي ڏسو ته گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾ اڄ جا ماڊرن سڏائيندڙ شهر: ڪئالالمپور، ڪولمبو، سنگاپور، بئنڪاڪ ويندي ڪوريا، فلپين ۽ انڊيا جي ڪيترن شهرن کان ته اسان جا حيدرآباد، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور وغيره وڌيڪَ سهڻا، صاف سٿرا، خوشحال ۽ امن امان وارا شهر هئا. سَن شهر کڻي انهن شهرن کان ننڍو آهي، پر اهو شهر جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جهڙو پڙهيل ڳڙهيل، سياسي ۽ سماجي طاقت رکڻ وارو سيد ۽ زميندار رهيو ٿي ان شهر ۾ وڃڻ کان اڳ منهنجي خيالَ ۾ ان جو تصور مانچسٽر جهڙي شهر جو هو جنهن ۾ باغ باغيچا ۽ ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهون هوندو ۽ جتي جا ماڻهو بيحد خوشحال نه ته مڇي ماني وارا ضرور هوندا، پر ائين نه لڳو. مون کلندي کلندي سائينءَ سان به پنهنجي ان خوابَ جي ڳالهه ڪئي هئي. سندن ڀاڻيجو… ڀاڻوٺ جو جيئندل شاهه، به منهنجي ڀر ۾ ويٺو هو.
اڄ لاڙڪاڻي شهر کي ڏسڻ کان اڳ لاڙڪاڻي لاءِ پئرس ۽ لنڊن جا ته نه پر پينانگ ۽ سنگاپور جهڙن شهرن جو مون تصور ضرور ڪيو هو. 1971ع ۾ شادي بعد جڏهن آخري دفعو لاڙڪاڻي آيو هئس ته ان وقت لاڙڪاڻو شهر ان وقت جي پينانگ ۽ سنگاپور جهڙو هو… صاف سٿرو، کليل کليل، قاعدي قانون موجب هلندڙ ٽرئفڪ، بهتر امن امان… آڌي رات جو به ماڻهو سفر پيا ڪندا هئا.. گهٽ ۾ گهٽ ان وقت جي سنگاپور ۾ ائين نه هو… چوري چڪاري، ڦر، جھيڙو، جھٽو، نقلي شين جو وڪرو ۽ ٺڳي، دوکي بازي عام هئي. اڄ انهن شهرن جو امن امان اسان کان وڌيڪَ بهتر آهي. ٽرئفڪ اتي به وڌي وئي آهي، پر قاعدي قانون جي سختي ڪري اها روان رهي ٿي يعني ٽرئفڪ جئم ٿي عوام لاءِ آزار نٿي بڻجي. رستا به صاف سٿرا ۽ مضبوط آهن. حد دخلي نه برابر هجڻ ڪري سوڙهين گهٽين مان به ٽرئفڪ لنگهندي رهي ٿي ۽ پيادا فوٽ پاٿ تان هلندا رهن ٿا… ۽ هيڏانهن لاڙڪاڻي جا رستا ويڪرا هوندي به هاڻ سوڙها ٿي ويا آهن. دڪاندارن پنهنجي دڪان جو سامان نه رڳو دڪان جي در تائين رکيو آهي، پر فٽ پاٿن تائين پهچائي ڇڏيو آهي. مزي جي ڳالهه ته ڪي دڪاندار ان تي به خوش ناهن. هنن موٽر ڪارن جي هلڻ واري پڪي رستي جي به ڪجهه حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي. ڪٿي ڪٿي خالي فٽ پاٿن تي وري موٽرسائيڪلون پارڪ ٿيون پيون آهن. ويچارا پيادا هلن ته ڪٿان هلن.
اسان جي ميزبان يوسف شيخ صاحب کي بوٽن جي دڪان تان چمپل وٺڻو هو. ٽرئفڪ جام ۽ پارڪنگ جو آسرو نه هجڻ ڪري ڪار کي پري بيهاري پنڌ آياسين. چنگچين، موٽرسائيڪلن ۽ وڏن هارونن وارين ڪارن جي ڦيٿن کان پاڻ کي بچائي اتي پهتاسين. سائين اندر دڪان ۾ ويو…. آئون اڳيان پويان واڪ ڪندو رهيس. هڪ دڪاندار پنهنجي گراهڪ سان يا شايد ڀر واري دڪاندار سان ملڪي سياست ۽ سياستدانن تي تبصرو ڪري رهيو هو ته اسان جي وزيرن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ترقياتي ڪمن جا فند به کائي ويا آهن… اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي، دل ۾ آيو ته چوانس ته تون به فٽ پاٿ کائي ويو آهين! سياستدانن عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي ته تو پيادن کان هلڻ جو حق کسي ورتو آهي.
بهرحال وزيرن ۽ وزير اعظمن جي هن شهر جي اجڙيل حالت ڏسي حيراني ضرور ٿئي ٿي. هو ڇا چوندا آهن ته يار به تيلي، سينڌ به اڻڀي!
بوٽن جي دڪان بعد اندر شاهي بازار (جامع مسجد واري گهٽي) مان سنڌي ٽوپي وٺڻ لاءِ چانڊڪا ڪئپ هائوس آياسين. ان سوڙهي بازار ۾ ماڻهن جي پيهه پيهان ۾ مردن کان وڌيڪَ عورتن جو تعداد هو… شايد ڪپڙي ۽ ڳهن جي دڪانن ڪري. افسوس جي ڳالهه رڳو اها آهي ته ماڻهن جي هلڻ واري هن سوڙهي رستي تي رکي رکي ڪي ٽرڙا نوجوان ڦاٽل سائلينسر وارين موٽرسائيڪلن تي گذري عورتن ۽ اسان جهڙن پوڙهن کي ڏڪائي ويا ٿي. کين روڪڻ لاءِ نه پوليس هئي نه ڪنهن دڪاندار کي جرئت جو اهڙن لوفرن کي روڪي سگهن.
واپس ڪار ڏي آياسين ته ڪار وٽ هڪ همراهه روڊ جي ڪناري تي بيهي وَٽُ ساري رهيو هو. حد ٿي وئي! دنيا ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي آهي، پر اسان جا هي حال! ڊرائيور چيو ته سائين ڇا ڪجي هي اسان جو ڪلچر آهي.
”اسان جو ڪلچر! يعني اسان سنڌين جو ڪلچر؟” مون دل ئي دل ۾ سوچيو، “الهاس نگر (انڊيا) ۾ ته مون ائين نه ڏٺو آهي. اتي به ته سنڌي رهن ٿا ۽ جي اهو اسان مسلمانن جو ڪلچر آهي ته سعودي عرب کان ملائيشيا تائين مون اتي جي مسلمانن کي ائين ڪانچ ۾، يا پتلون يا گوڏ ۾ هٿ وجھي بيٺل نه ڏٺو. علي محمد راشدي صاحب مرحوم کلندي ٻڌائيندو هو (۽ اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ لکيو به اٿس) ته لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي وڃبو ته زناني گاڏي سامهون وَٽُ ساريندي همراهه نظر ايندا… ڄڻ قيامت جي ڏينهن ملائڪ سڳورا رڳو اسانجي ريلوي اسٽيشن جا پٿر توري ثواب واري ساهمي ۾ وجھندا… اها اڄ کان اڌ صدي اڳ جي ڳالهه آهي… اڄ پاڻي جي نلڪن ۽ ٽشو پيپرن جي باوجود ماڻهو پٿر جھليو بيٺا آهن! ولايت کان لاڙڪاڻي ايندڙ فارينر موهن جو دڙو ڏسڻ کان وڌيڪَ ههڙن نظارن مان حيرت اندوز ٿيندا هوندا!!
اسان ڪار ۾ ويهڻ کان اڳ ڀرسان لنگهندڙ گاڏي واري کان مڱيرا (Peanuts) ورتا. هن وٽ پئسا کُليا نه هئا سو ڊوڙ پائي ڪنهن کان مٽائي اچي اسان کي ڏنائين. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪري پٺيان موڙي. وَٽُ سَارڻ وارو شايد Prostate Gland جو مريض ٿي لڳو… شايد هن جو ٽيپو ٽيپو بند نه پئي ٿيو… هو اڃا تائين ڪانچ ۾ هٿ وجھي ٿنڀ ٿيو بيٺو هو! مرد توڙي عورتون هِتان هُتان لنگهي رهيا هئا…