يو اي اِي اسرائيل ڊيل ۽ پاڪستان ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ Sep 2020

بين الاقوامي سياست ۾ هڪ نئين صف بندي شروع ٿي چڪي آهي، پر هيءَ ٻن قسمن جي صف بندي آهي. هڪ صف بندي عالمي سطح جي آهي، ڪجهه ملڪ هڪ بلاڪ ۾ وڃي رهيا آهن ۽ ڪجهه ملڪ وري ٻئي بلاڪ جو حصو بڻجي رهيا آهن ۽ اهي پنهنجي پنهنجي حامين کي اڳتي آڻي رهيا آهن. دنيا ۾ حالتون اهڙيءَ ريت تبديل ٿي رهيون آهن جو هر ملڪ کي ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو ووٽ رکڻو پوندو ۽ ڪنهن هڪ بلاڪ جو حصو ٿيڻو پوندو.

انهن ٻن بلاڪن ۾ جنهن مان هڪ جي اڳواڻي چائنا ۽ ٻئي بلاڪ جي اڳواڻي آمريڪا ڪري رهيو آهي، هن تي اسين اڳتي ڳالهائينداسين ٻن صف بندين جو ذڪر انهيءَ ڪري ڪيو ته هڪ صف بندي عالمي سطح تي ٿي رهي آهي ۽ ٻي صف بندي مسلمان ملڪن ۾ ٿي رهي آهي، خاص طور تي يو اي اِي واري مسئلي کانپوءِ واضح طور سان فرق ظاهر ٿيو آهي. ڪجهه ڌريون انهيءَ جون حامي آهن ۽ ڪجهه ڌريون انهيءَ جون مخالف آهن ۽ ڪجهه ڌريون اهڙيون آهن جيڪي انهيءَ مسئلي تي خاموش به آهن ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ بيان ڏيئي چپ ٿيو وڃن. ڪجهه مسلمان ملڪ جيڪي واضح طور تي يو اي اِي سان گڏ هئا جنهن ۾ مصر، اومان، بحرين، سعودي عرب ۽ ٻيا به ڪجهه ملڪ جيڪي يو اي اِي سان ان معاملي تي گڏ هئا ۽ آهن جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انهن ملڪن آمريڪا جي پاليسي جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ جهڪايو آهي جنهن ۾ انهن پنهنجي واپار کي ترجيح ڏني، ڇو ته انهن جي نظر ۾ واپار انهن جي اولين ترجيح آهي. ڇو ته اهي ملڪ سمجهن ٿا ته فلسطين جي عوام جي حالت ڪيترن ئي سالن کان ساڳي آهي ۽ هو پاڻ کي انهيءَ معاملي ۾ الجهائي پنهنجا لاڳاپا آمريڪا سان خراب نٿا ڪرڻ چاهين. يعني انهن اهو تسليم ڪيو آهي ته جيڪا طاقت يهودين ۽ وچ اوڀر ۾ عيسائين وٽ موجود آهي ان جو مقابلو وڙهي نٿو ڪري سگهجي ۽ اهي اهڙا معاهدا ڪرڻ سان پاڻ کي وڏي عافيت ۾ سمجهن ٿا ۽ جديد هٿيار وٺڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن ته جيئن هو ضرورت جي وقت تي پنهنجو دفاع ڪري سگهن. ٻئي پاسي وري اهي مسلمان ملڪ آهن جن ۾ ترڪي هڪ سخت موقف ڏنو آهي پاڪستان، ايران، ڪشمير، ملائيشيا به ڪجهه رد عمل ڏنو آهي ته يو اي اِي ٺيڪ ناهي ڪيو. اهڙيءَ طرح سان سعودي عرب به پاڪستان کي ڏنل قرض واپس وٺي ورتو آهي ۽ تيل جي سپلاءِ بند ڪئي آهي. ڇو ته پاڪستان سعودي حڪومت کان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو هو ته سعودي عرب ڪشمير جي مسئلي تي بلڪل خاموش رهيو. تازو ئي چيف آف آرمي اسٽاف جو سعودي عرب جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن اسرائيل لاءِ صرف هڪ اسٽيٽمينٽ ڏيئي خاموشي اختيار ڪئي آهي. پاڪستان جا مجموعي طور خليجي رياستن سان لاڳاپا بهتر رکڻ لاءِ هميشه ڪوشش رهي آهي. رڳو سعودي عرب ۾ جيڪي اوورسيز پاڪستاني رهن ٿا انهن جو انگ لڳ ڀڳ 26 لک آهي جيڪي سعودي عرب ۾ مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. يو اي اِي جنهن اسرائيل سان معاهدو ڪيو آهي اتي به پاڪستانين جو انگ لڳ ڀڳ 15 لک آهي، اومان هن معاهدي کي ڀليڪار ڪيو آهي، ان ۾ به ٻه لک 35 هزار پاڪستاني رهن ٿا. قطر ۾ هڪ لک 25 هزار پاڪستاني مختلف حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. بحرين ۾ هڪ لک 17 هزار پاڪستاني ڪم ڪن ٿا ۽ ڪوويت ۾ هڪ لک 10 هزار پاڪستاني ڪم ڪن ٿا. صرف سعودي عرب ۽ يو اي اِي ۾ رهندڙ پاڪستاني ساليانو 9 بلين ڊالر ڪمائين ٿا جيڪا هڪ وڏي رقم آهي. جيڪڏهن اهي ملڪ انهن پاڪستانين کي نوڪرين کان ڪڍي ڇڏين يا ويزا پاليسي ۾ سختيون ڪن ته پاڪستان وڏي معاشي مشڪل ۾ اچي سگهي ٿو.

جيڪڏهن عرب ملڪ انهن پنجاهه لک پاڪستانين کي واپس موڪلين ته اهي سڀ بيروزگار ٿي ويندا ۽ پاڪستان ۾ ته هونئن به روزگار جا موقعا تمام محدود آهن. ڇو ته هتي اڳ ۾ ئي نوڪريون ڪونه ٿيون ملن ۽ انهن پنجاهه لک پاڪستانين جا خاندان به آهن جيڪي واپس ايندا جن جو انگ ڪروڙن ۾ ٿيندو. جيڪڏهن عرب ملڪن سان پاڪستان لاڳاپا خراب ڪندو ته ان کي وڌيڪ معاشي نقصان ٿيندو. تنهنڪري بين الاقوامي سياست ۾ ڪنهن به ملڪ لاءِ پنهنجو قومي مفاد سڀني کان مٿانهون رکيو ويندو آهي انهيءَ کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي پاليسي جوڙبي آهي. هن صورتحال ۾ پاڪستان صرف بيان ڏيئي خاموش رهندو ۽ پنهنجو پورو ڌيان ڪشمير واري معاملي تي ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو.

اسرائيل جو اصل مسئلو ڇا آهي؟ اصل ۾ 11 جون 1973ع جي نيو يارڪ ٽائمز ۾ مسز گولڊا ميئر جيڪا اسرائيل جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن جو تعلق يو ڪرين سان هو، پوءِ آمريڪا هلي وئي ۽ 1921ع ۾ آمريڪا کان واپس اچي فلسطين ۾ رهي. ان جا ڪجهه جملا تمام اهم آهن ان جو هڪڙو جملو جيڪو 1973ع جي نيو يارڪ ٽائمز ۾ ڇپيو هو، جتي هوءَ هڪ لنچ ۾ شريڪ هئي هئي اتي هن چيو هو، “اسان اسرائيلين کي حضرت موسيٰ عليه السلام کان شڪايت آهي ته اسان بني اسرائيل کي هن 40 سال هِتي هُتي روليو ۽ ان جڳهه تي اڇلايو جتي تيل نه هو.” اها ان وقت هن جي دل جي باهه هئي جيڪا نڪتي ۽ ان وقت نيو يارڪ ٽائمز ۾ هيڊ لائين بڻجي وئي. بهرحال اسرائيل ۾ هڪ عجيب راند ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسرائيل جي نقشي تي نظر وجهنداسين ته هي دنيا جو هڪ عجيب و غريب نقشو آهي. هن نقشي ۾ پيلو رنگ آهي ئي ڪونه اهو اسرائيل جو آهي هڪ طرف اسين ڏسون ته بحر روم نيري رنگ ۾ آهي ۽ هيٺ مصر آهي، غزه مصر جو حصو هو، هي 1967ع جي جنگ ۾ مصر جي هٿان نڪري ويو، هي مصر جو اهو حصو هو جنهن کي صحراءِ سينا چوندا آهن. هڪ طرف اردن آهي مٿي شام ۽ لبنان آهن ۽ وچ ۾ فلسطين ڪٿي آهي، فلسطين ٻن ٽڪرن ۾ آهي هڪ فلسطين غزه آهي اها سمنڊ جي ڪناري آهي جيڪا ننڍي غزه توهان کي نقشي ۾ نظر ايندي ۽ وچ ۾ اسرائيل نظر ايندو ۽ ناسي رنگ ۾ مغربي ڪنارو نظر ايندو ۽ ان جو مقصد اهو ٿيو ته هتان کان فلسطيني هيڏانهن نه اچي سگهندا ۽ انهن جي چُرپُر کي محدود ڪيو ويو آهي. هوڏانهن غزه جي پٽي ۾ حماس ويٺو آهي ۽ مغربي ڪناري ۾ محمود عباس ويٺو آهي. جيڪڏهن اسرائيل کي اندر کان ڏسجي ته هن سان پنهنجا به ڪيترائي مسئلا آهن اسرائيل هڪ وڏي سامونڊي پٽي تي آهي، جنهن جي هڪ جڳهه تي ويڪر 17 ڪلو ميٽر آهي جتي غزه اچي پئي يعني اتان کان جهاز ٽن منٽن ۾ هڪ طرف کان ٻئي طرف بحر روم تائين پهچندو آهي ۽ ان جي نقشي کي غور سان ڏسندا ته هن جا پاڙيسري ملڪ پنج آهن، انهن پنجن پاڙيسرين ملڪن مان صرف ٻه اهي ملڪ آهن جن جي سرحدن کي دنيا مڃي ٿي ۽ ٽن کي دنيا نٿي مڃي. مطلب ته شام جون جيڪي گولان پهاڙيون آهن، جڏهن 1967ع واري جنگ ٿي هئي ته اهي اسرائيل کسي ورتيون هيون مسلمان ملڪ هارائي ويا هئا. ان وقت گولان پهاڙيون غزه ۽ صحراءِ سينا به مسلمانن جي هٿن مان نڪري ويا هئا، بعد ۾ جيڪو انور سعادات سان معاهدو ٿيو هو ان سان صحراءِ سينا انهن کي واپس ڪيو ويو ۽ مصر مڃيو ۽ انور سعادات به الڳ ٿي ويو يعني ڊيل اها ٿي هئي ته صحراءِ سينا کي واپس ڪيو ويندو ۽ اسرائيل کي تسليم ڪيو ويندو ان کانپوءِ انور سعادات سان جيڪو ڪجهه ٿيو اها ته دنيا کي خبر آهي. اهڙيءَ طرح سان شام سان به اسرائيل جو ساڳيو مسئلو آهي جيڪو حل ناهي ٿيو يعني جيڪڏهن اسرائيل وڃبو ته خبر پوندي ته هي تقسيم ڪيئن ٿيل آهي. ڪيئن خبر پوي ته هي مغربي ڪنارو آهي ۽ هي غزه وچ ۾ ڪا تقسيم ناهي، پر وچ ۾ هڪ لائين آهي، جنهن کي گرين لائين چئبو آهي يعني اسرائيل جي وچ ۾ هڪ گرين لائين آهي ۽ غزه واري پاسي ڏانهن هڪ بفرزون آهي ڪڏهن اسرائيل ان کي وڏو ڪري ٿو ته ڪڏهن ننڍو يعني اسرائيل وٽ ايراضي ناهي ۽ اها سڄي والار غزه طرف ٿيندي وڃي جتي ست ملين فلسطيني رهن ٿا جتي گهڻو ڪري گوليون هلنديون رهن ٿيون. هن ٽڪري ۾ اسرائيل جي آبادي 4 ملين آهي.

ويسٽ بينڪ ۾ 7 ملين فلسطيني رهن ٿا اسرائيل جي آبادي ساڍا ست ملين آهي، جتي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو آهي اسرائيل ۾ ڪوبه درياهه ناهي، مٿي جبل آهي ۽ هيٺ اڌ اسرائيل ريگستان ۾ آهي. صرف مٿئين آبادي يعني اتر ۾ زرعي علائقو آهي جتي پاڻي موجود آهي ۽ هيٺ صحراءِ سينا جو حصو آهي. سلطنت عثمانيه ۾ هي صحراءِ سينا هو جنهن کي اسرائيليNegev  جو ريگستان چوندا آهن. آبادي صرف فلسطين ۾ هوندي هئي نقشي ۾ اسرائيل جي هڪ پاسي ۾ اردن آهي جتي سڀ فلسطيني گهڻو ڪري مهاجر ڪئمپ ۾ ويٺل آهن جيئن اردن جو اسرائيل سان بارڊر ملي ٿو تيئن اسرائيل جو بارڊر مصر سان به ڳنڍيل آهي. لبنان جي بارڊر کي پرپل لائين چوندا آهن. تازو ئي يروشلم پوسٽ ۾ يمن ۾ رهندڙ هوٿين لاءِ سخت بيان آيو آهي، جنهن ۾ هوٿين عرب امارات تي الزام هنيو آهي ته عرب امارات يهودين جون عبادتگاهون ٺاهي رهيو آهي جيڪو هڪ سخت بيان يروشلم پوسٽ هوٿين لاءِ ڏنو آهي. عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊيل مان ڪوويت ۽ عمان به پاسيرا ٿي ويا آهن، جنهن لاءِ اهو چيو وڃي پيو ته عرب امارات کانپوءِ اهي ملڪ به سهڪار ڪندا، پر ايئن نه ٿيو. دنيا جي سڀ کان وڏي اخبار ٽائمز ۾ موساد جي چيف بيان ڏنو آهي ته اسرائيل کي ايران کان وڌيڪ ترڪي کان خطرو آهي اهو ان ڪري ته لبيا ۾ هڪ وڏو مسئلو ڪر کڻي رهيو آهي. تازو ئي پرڏيهي پاليسي جي هڪ آرٽيڪل موجب لبيا ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيندو. ڇو ته مصر جي هيٺان هڪ صحرا آهي جنهن ۾ دهشتگرد تنظيمون رهن ٿيون، ڪجهه عرصو پهرين هن صحرا ۾ فائرنگ ٿي جنهن ۾ 21 دهشتگرد ماريا ويا. تنهنڪري مصر لبيا جي قبيلن کي ڀڙڪائي رهيو آهي ته انهن دهشتگرد تنظيمن سان منهن ڏيڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو. لبيا ڪرنل قذافي جي تخت ڪرڻ کانپوءِ هن وقت تائين مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، وري مصر جو پريشر به ان مٿان پيو آهي، اهڙيءَ طرح سان اسرائيل جي هٿن مان آهستي آهستي وچ اوڀر جي ملڪن جو ساٿ ٽٽندو پيو وڃي. مطلب ته وچ اوڀر جي ملڪن ۾ هڪ نئين راند ٿي رهي آهي جنهن ۾ ٻن طاقتن کي پنهنجو اثر رسوخ ڏيکارڻو آهي. هڪ بلاڪ ۾ آمريڪا، انڊيا، يو اي اِي، آسٽريليا ۽ سعودي عرب آهن ۽ ٻيو بلاڪ جنهن ۾ چائنا، روس، پاڪستان، ايران ۽ ترڪي آهن. ڏسجي ته ڪهڙو بلاڪ  وڌيڪ اثرائتو ٿيندو ۽ گلوبل پوليٽڪس ۾ پنهنجا پير ڄمائيندو. ڇو ته تازو ئي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ جيڪا ڊولپمينٽ ٿي هئي انهيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ماٺار اچي وئي آهي. ڇو ته هرهڪ ملڪ کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ٺاهڻي هوندي آهي جنهن ۾ ملڪن جا قومي مفاد سڀ کان اولين ترجيح تي هوندا آهن. اهڙيءَ طرح پاڪستان به پنهنجي قومي مفادن کي اولين ترجيح ڏيندو.

chacharhameed786@gmail.com

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments