نئون

ٻارن ۾ وڌندڙ بيچيني جي سبب کي ڪيئن قابو ڪجي؟

جديد دور ۾ وڏن سان گڏ ٻارن ۾ به بيچيني وڌي رهي آهي، بلڪه ايئن چئجي ته ٻار ان جو وڌيڪ شڪار ٿي رهيا آهن. اڄ جي دور جا ٻار  نظر نه ايندڙ سببن جي ڪري ڪيتري حد تائين بيچيني ۽ منجهه جو شڪار رهن ٿا. جنهن سبب سندن مزاج ۾ چڙ ۽ شخصيت تي منفي اثر ظاهر ٿيندي نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ان بيچيني سبب انهن ٻارن جو دماغ انهن شين ۾ مصروف نٿو رهي يا اهي انهن ڳالهين ۾ دلچسپي نٿا وٺن جنهن ۾ عام طور تي ٻيا ٻار دلچسپي وٺن ٿا. برطانيه جي ريڊنگ يونيورسٽي جي پروفيسر ڪيٿي ڪريسويل پنهنجي تازي تحقيق ۾ ڪجهه اهڙا حل ٻڌايا آهن جنهن سان انهن ٻارن کي ان حالت مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي.

ڪابه شيءِ بنا سبب ناهي ٿيندي: ٻار کي اهو چوڻ ته ”سندس ڊپ جو ڪو سبب نه آهي“ يا ”ايئن نه ٿيندو“ اهڙن جملن سان مسئلو حل نه ٿيندو، بلڪه اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته جنهن شيءِ کان ٻار ڊپ محسوس ڪري رهيو آهي اهو درست آهي، ايئن ان ٻار کي ان خوف مان نڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

ٻارن کي مجبور نه ڪريو بلڪه سندن مدد ڪريو: ٻار کي ڪنهن به اهڙي ڪم لاءِ مجبور نه ڪريو جنهن مان هو خوفزده آهي. ان صورتحال ۾ بهتر حڪمت عملي اها هوندي ته ان ٻار جي مدد ڪجي جو هو آهستي آهستي ان خوف جو مقابلو ڪري سگهي.

ٻارن کي سمجهو: جيڪڏهن ٻارن ۾ بيچيني ۽ بي سڪوني جو مسئلو وڌندو ٿو وڃي ته والدين جي ذميداري آهي ته اهي پنهنجي ٻار جي ان خوف واري ڪيفيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ان جا سبب ڳولهي لهن، انهن کان پڇن ته اهي اهو ڊپ ڇو محسوس ڪري رهيا آهن.

ٻارن کي موقعو ڏيو: ٻارن کي ڪنهن به مسئلي جو حل ٻڌائڻ کان اڳ ۾ ضروري آهي ته والدين پنهنجن ٻارن جو مسئلو غور سان ٻڌن ته جيئن ٻار ان خوف ۽ بيچيني واري ڪيفيت مان ٻاهر اچي سگهي ۽ اها ڳالهه پنهنجي والدين سان آرام سان ونڊي سگهي جنهن جي ڪري هو ان ڪيفيت ۾ مبتلا آهي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ان ٻار جو اهو خوف ڪنهن غلط فهمي جي ڪري هجي.

آهستي آهستي اڳتي وڌو: ٻارن کان اهو پڇجي ته گذريل ڏينهن ۾ يا وقت ۾ انهن سان اهڙي ڪا گهٽنا ته نه ٿي آهي جنهن جي ڪري اهي ڊپ واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهن. انهن کان آهستي آهستي اهڙا سوال پڇو جو توهان ان نتيجي تائين پهچي سگهو ته ٻار اهڙي ڪيفيت ۾ ڇو مبتلا آهي ۽ ان سڄي صورتحال سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهجي ٿو يا ان لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي.

ٻارن سان کُلي ڳالهايو: جيڪڏهن ڪنهن ڊرامي يا فلم جي دوران ڪو اهڙو منظر اچي ٿو ته توهان ٻارن کان پڇو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙي قسم جو بدترين حادثو پيش ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ انهن کان اهو به پڇو ته ان منظر ۾ سٺي ڳالهه ڪهڙي هئي. ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ٻار پنهنجو پاڻ کي ان ٻن انتهائن جي وچ ۾ محسوس ڪري.

سٺن نتيجن تائين رسائي هڪ مستقل هلندڙ عمل آهي: ريڊنگ يونيورسٽي سان لاڳاپيل والدين جي هڪ جوڙي کي اها ڳالهه سيکاري وئي ته هو پنهنجي ٻار کي اهڙا ڏهه قدم سيکارين جن سان هو پنهنجي خوف کي قابو ڪري سگهي. والدين کي ان سڄي عمل دوران پنهنجي نظر ڪوششن تي رکڻ گهرجي نه ڪي نتيجن تي، هر ڪوشش ڪرڻ تي ٻار کي ساراهيو، ان کي ڪنهن طريقي سان ڪو انعام ڏيو. جڏهن والدين ٻار جي ساراهه ڪن ٿا ته سندن اندر سخت حالتن سان وڙهڻ جي قوت پيدا ٿئي ٿي ۽ حوصلو بلند ٿئي ٿو.

حڪمت عملي: ڪڏهن ڪڏهن ٻارن جو پريشان ٿيڻ يا بيچين رهڻ عام ڳالهه هوندي آهي، پر جيڪڏهن اها ڪيفيت گهڻي ڊگهي ٿي وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي نظر اچي ته پوءِ پريشان ڪندڙ ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن سان مشورو ڪجي اهڙي صورت ۾ مائٽن کي سٺا ڪتاب پڙهڻ گهرجن جن سان انهن مسئلن کي قابو ڪرڻ ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملي يا پنهنجي ڊاڪٽر سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ضروري هجي ته ڊاڪٽر کان “cognitive behavioral therapy” جي باري ۾   

       

معلومات حاصل ڪريو.