خاص

ٻن هفتن ۾ عسڪري پارڪ ڪي ايم سي حوالي ڪيو وڃي: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ عسڪري پارڪ کي ٻن هفتن ۾ ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ عسڪري پارڪ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ڪور فائيو جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس ايڊمنسٽريٽر کان پڇاڻو ڪيو ته جي ايڊمنسٽريٽر صاحب ٻڌايو، جنهن تي مرتضيٰ وهاب عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ فائل ڪئي وئي آهي جنهن موجب 2005 ۾ معاهدو ٿيو هو بچاءُ واري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 99 سال جو معاهدو ٿيو هو، جنهن تي جسٽس قاضي امين چيو ته جنهن جي ملڪيت آهي ان کي واپس ڪيو چيف جسٽس چيو ته توهان کي ان لاءِ ڏنو هو ته جيئن ڪو ٻيو ڪو قبضو نه ڪري، پاڪستان جي حفاظت لاءِ چيو هو جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان به ملڪ لاءِ جانيون ڏئي رهيا آهيو اسان قدر ڪيون ٿا، جنهن جي زمين آهي ان کي واپس ڪيو.