پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪراچي جي مرڪزي رستن تان هڪدم قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي ۾ مرڪزي رستن ۽ اهم چوراهن تي قبضن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اينٽي اينڪروچمينٽ فورس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس نديم اختر چيو ته قيوم آباد ۽ ٻين علائقن مان قبضا ختم ڪرايا وڃن. قيوم آباد فلاءِ اوور جي چوڌاري قبضا ئي قبضا آهن. سندس چوڻ هو ته شهر جي هاءِ ويز جي چوڌاري به قبضن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. جيڪڏهن آپريشن ٿئي به ٿو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري قبضا قائم ٿي ٿا وڃن. قبضا ختم ڪرڻ ڪمشنر ۽ ٻين جي ذميداري آهي. جسٽس نديم اختر چيو ته 2 ڏينهن اندر شهر مان قبضا ختم ڪرايا وڃن جتان قبضا ختم ڪرايا ٿا وڃن ۽ اتي ٻن ڏينهن اندر پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وڃن.