ٻوڏ متاثر ٻارڙي خالي ديڳڙي ۾ آڱريون ٻوڙي چٽيندي رهي
سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب حالتون بگڙي ويون آهن. شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪلهه ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ ۾ وڌيڪ پاڻي ڪاهي پيو آهي جنهن کانپوءِ وڏي پئماني تي ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن. ڪيترائي ماڻهو بکن ۾ پاهه ڳوٺن ۾ ڦاٿل ويٺل آهن. اهڙا منظر سڀني کي ڏکارو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته هڪ وڊيو جنهن ۾ معصوم ٻارڙي خالي ديڳڙي کي اگهندي آڱريون چٽيندي نظر اچي ٿي، ان ماڻهن کي روئاري سندن لڱ ڪانڊاري ڇڏيا آهن.